YouVersion Logo
Search Icon

ذڪرياہ 10

10
1پوئين مينهن جي موسم ۾، خداوند کان گهُرو تہ مينهن وسائي. هائو، خداوند کان، جو بجلي ٿو چمڪائي؛ هو ججهو مينهن موڪليندو، ۽ هر ڪنهن لاءِ ٻنيءَ ۾ گاهہ اُڀرندو. 2ڇالاءِ تہ افرائيم ڪوڙ ڳالهايو آهي، ۽ فالن وجهندڙن ڪوڙ ڏٺو، ۽ هنن ڪوڙا خواب ٻڌايا آهن، ۽ هنن جي دلداري اجائي آهي: انهيءَ ڪري هو رڍن وانگر رُلي ويا آهن ۽ ڏک سَٺا اٿن، ڇالاءِ جو هنن جو ڪو ريڍار ڪونهي. 3منهنجي ڪاوڙ ريڍارن تي اُٿي آهي، ۽ آءٌ ٻڪرن کي سزا ڏيندس: تہ بہ لشڪرن جي خدا پنهنجي ڌڻ، يعني بني اسرائيل تي نگاهہ ڪئي آهي، ۽ انهن کي جنگ ۾ پنهنجي خوبصورت گهوڙي وانگر ڪندو. 4انهن مان ئي ڪنڊ جو پٿر، ۽ ڪلو، ۽ جنگي ڪمان، ۽ سڀ حاڪم نڪرندا. 5۽ اُهي پهلوانن وانگر لڙائيءَ ۾ دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙيندا؛ ۽ اهي وڙهندا، ڇالاءِ جو خداوند انهن سان آهي: ۽ گهوڙي سوار مُنجهي پوندا. 6۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي کي مضبوط ڪندس، ۽ يوسف جي گهراڻي کي بچائيندس، ۽ کين موٽائي وٺي ايندس، ڇالاءِ جو مون کي انهن تي رحم آهي؛ ۽ هو ائين ٿيندا ڄڻ تہ مون کين ڪڏهن ڪڍي نہ ڇڏيو هو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس. 7۽ بني افرائيم پهلوانن وانگر ٿيندا، ۽ سندن دل اهڙي خوش ٿيندي، جهڙي شراب پيئڻ سان ٿيندي آهي: هائو، سندن اولاد بہ ڏسندو ۽ خوشي ڪندو؛ سندن دل خداوند ۾ خوش رهندي. 8آءٌ سيٽي وڄائي کين گڏ ڪندس؛ ڇالاءِ تہ مون سندن قيمت ڏني آهي: ۽ هو ائين وڌندا ويجهندا جيئن اڳي هئا. 9جيتوڻيڪ مون کين غير قومن ۾ پوکيو آهي، تہ بہ هو انهن ملڪن ۾ مون کي ياد ڪندا: هو پنهنجن ٻچن سميت زندہ رهندا ۽ موٽي ايندا. 10آءٌ کين مصر جي ملڪ مان موٽائي آڻيندس؛ ۽ اسور مان گڏ ڪندس؛ ۽ جلعاد ۽ لبنان جي سرزمين تي پهچائيندس؛ ايترو جو رهڻ لاءِ جاءِ ڪانہ هوندي. 11۽ هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگهي ويندو، ۽ سمنڊ جي لهرن کي ڪٽيندو، ۽ نيل ندي تري تائين سُڪي ويندي: ۽ اسور جو هٺ ڀڄي پوندو، ۽ مصر جي لٺ لڙهي ويندي. 12۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي خداوند ۾ زور بخشيندس؛ ۽ هو سندس نالو وٺي گهُمندا ڦرندا.

Currently Selected:

ذڪرياہ 10: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in