YouVersion Logo
Search Icon

ناحوم 1

1
1نينوہ بابت نبوت، ناحوم القوشيءَ جي رويا جو ڪتاب. 2خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي؛ هائو خداوند انتقام ٿو وٺي ۽ ڪاوڙ ٿو ڏيکاري؛ خداوند پنهنجن دشمنن کان وير وٺي ٿو، ۽ پنهنجي ويرين لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو. 3خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي ۽ طاقت ۾ وڏو آهي، ۽ ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي نہ ڏيندو. خداوند جي راهہ واچوڙي ۾ ۽ طوفان ۾ آهي، ۽ بادل هن جي پيرن جي مٽي آهن. 4هو سمنڊ کي ڇينڀي خشڪ ڪري ڇڏي ٿو، ۽ سڀ نديون سُڪائي ڇڏي ٿو. بسن ۽ ڪرمل ۽ لبنان جا گل بہ ڪومائجي وڃن ٿا. 5سندس خوف کان جبل ڏڪن ٿا، ۽ ٽڪر پگهري وڃن ٿا؛ ۽ زمين سندس اڳيان ڏڪي ٿي، هائو، دنيا ۾ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا سي بہ ڏڪن ٿا. 6هن جي غصي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟ ۽ هن جي ڪاوڙ جي جوش مهل ڪير بيهي سگهندو! هن جو قهر باهہ وانگي ڦاٽي ٿو نڪري، ۽ ٽڪرن کي هو چيري ٿو ڇڏي. 7خداوند چڱو آهي ۽ مصيبت جي ڏينهن هڪڙو مضبوط قلعو آهي؛ ۽ جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن کي هو سڃاڻي ٿو. 8پر هڪڙي اُٿلندڙ ٻوڏ سان هو انهي جي جاءِ کي پورو ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي ڀڄائي اونداهي ۾ آڻيندو. 9اوهين خداوند جي برخلاف ڪهڙا خيال ٿا ڪريو؟ هو بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندو، اهڙو جو وري مصيبت نہ اُٿندي. 10جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا. 11تو مان هڪڙو نڪتو آهي، جنهن خداوند جي برخلاف برو منصوبو ٻڌو آهي، ۽ شرارت جي رٿ ڪئي اٿس. 12خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ هو نهايت زور وارا هوندا، ۽ گهڻا بہ هوندا، پر ائين ماريا ويندا جو چٽ ٿي وڃن، ۽ اُهو گم ٿي ويندو. جيتوڻيڪ مون توکي ڏکي ڪيو آهي تہ بہ وري توکي ڏکي نہ ڪندس. 13هاڻي آءٌ هن جي پاڃاري اوهان تان ڀڃي لاهيندس، ۽ بند ڀڃي کولي ڇڏيندس. 14۽ خداوند تنهنجي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي، تہ تنهنجو نالو وري پوکيل نہ سڏجي: تنهنجن معبودن جي گهر مان آءٌ اُڪريل مورت ۽ پلٽيل مورت وڍي ڇڏيندس؛ آءٌ تنهنجي قبر جوڙيندس؛ ڇالاءِ جو تون ڪميڻو آهين. 15ڏس، جبلن تي انهيجا پير آهن جو خوشخبري آڻي ٿو، ۽ سلامتيءَ جو اشتهار ٿو ڪري! اي يهوداهہ، تون پنهنجون عيدون ۽ پنهنجا مڃتائون پوريون ڪر. ڇالاءِ جو شرير وري تو منجهان لنگهي نہ ويندو؛ هو بلڪل چٽ ٿي ويو آهي.

Currently Selected:

ناحوم 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in