YouVersion Logo
Search Icon

ميڪاہ 6

6
1هاڻي جيڪي خداوند ٿو فرمائي سو اوهين ٻڌو: اُٿي جبلن اڳيان حجت دليل ڪر، ۽ ڀلي تہ ٽڪريون تنهنجو آواز ٻڌن. 2اي جبل ۽ زمين جا جٽاءُ ڪندڙ بنياد، اوهين خداوند جي حجت دليل ٻڌو، ڇالاءِ جو خداوند جو پنهنجي قوم سان تڪرار آهي، ۽ هو اسرائيل سان بحث ڪندو. 3اي منهنجي قوم، مون اوهان کي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ ڇا ۾ مون اوهان کي ڪڪ ڪيو آهي؟ اوهين مون تي شاهدي ڏيو. 4ڇالاءِ جو مون توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان توکي ڇڏايو اٿم؛ تنهنجي اڳيان مون موسيٰ ۽ هارون ۽ مريم کي موڪليو. 5اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي. 6ڪهڙي شيءِ کڻي آءٌ خداوند جي اڳيان اچان، ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان سجدو ڪريان؟ آءٌ سوختني قربانين يا هڪ سالن جي وهڙن سان اچان ڇا؟ 7خداوند هزارن گهيٽن ۽ ڏهن هزارن تيل جي ندين سان خوش ٿيندو ڇا؟ آءٌ پنهنجي خطا لاءِ پنهنجو پهريون ڄاول ٻار، ۽ پنهنجي روح جي گناهہ لاءِ پنهنجي جسم جو ڦر ڏيان ڇا؟ 8اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟
9خداوند جو آواز شهر کي پڪاري چوي ٿو، ۽ ڏاها ماڻهو سندس نالي کان ڊڄندا: لٺ ۽ انهي جي مقرر ڪرڻ واري جي ٻڌو. 10ڇا شرير جي گهر ۾ اڃا شرارت جا خزانا آهن ۽ ڪوڙا وٽ، جي ڪراهت جهڙا آهن؟ 11کوٽي ساهمي ۽ کوٽن تورن جي ڳوٿريءَ سان آءٌ ڪو پاڪ ٿي سگهندس ڇا؟ 12اُن جا دولتمند ماڻهو ظلم سان ڀريل آهن، ان جي رهاڪن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ انهن جي زبان سندن وات ۾ دغاباز آهي. 13تنهنڪري مون بہ توکي سخت زخمي ڪيو آهي: مون توکي تنهنجن گناهن جي ڪري ويران ڪيو آهي. 14تون کائيندين پر ڍءُ نہ ٿيندءِ تنهنجي حقارت تنهنجي وچ ۾ ٿيندي: تون لڪائيندين پر بچائي نہ سگهندين، ۽ جيڪي تون بچائيندين سو آءٌ ترار جي حوالي ڪري ڇڏيندس. 15تون پوکيندين پر لڻندين ڪين، تون زيتونن کي لتاڙيندين پر پاڻ کي تيل نہ مکيندين، تون شراب ڪڍندين پر پيئندين ڪين. 16ڇالاءِ جو عمريءَ جا قاعدا، ۽ اخي اب جي گهراڻي جا سڀ ڪم اوهين ڪريو ٿا، ۽ اوهين انهن جي صلاح مصلحتن تي هلو ٿا: انهي لاءِ تہ آءٌ توکي ويران ڪريان، ۽ ان جي رهاڪن کي شوڪار جو باعث بنايان؛ ۽ اوهين منهنجي قوم جي ملامت کڻندا.

Currently Selected:

ميڪاہ 6: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in