YouVersion Logo
Search Icon

ملاڪيءَ 1

1
1خداوند وٽان ملاڪيءَ جي معرفت اسرائيل جي لاءِ نبوت جو بار.
2خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان سان محبت رکي، پر تڏهن بہ اوهين ٿا چئو تہ تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت رکي آهي؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ عيسو يعقوب جو ڀاءُ نہ هو ڇا؟ تہ بہ مون يعقوب سان محبت رکي؛ 3۽ عيسوءَ سان نفرت ڪئي، ۽ سندس جبلن کي ويران ڪري ڇڏيم، ۽ سندس ميراث جهنگ جي گدڙن کي ڏيئي ڇڏيم. 4هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي. 5۽ اوهان جون اکيون ڏسنديون، ۽ اوهين چوندا تہ خداوند جي وڏائي اسرائيل جي حد کان ٻاهر تائين ظاهر ٿي آهي.
6لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟ 7اوهين منهنجي قربانگاهہ تي ناپاڪ ماني ٿا چاڙهيو، ۽ چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ توکي ناپاڪ ڪيو آهي؟ انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ خداوند جي ميز نفرتي آهي. 8لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن اوهين انڌن جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ اُها ڪا بڇڙائي ناهي! يا جڏهن منڊي يا بيمار جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ انهي ۾ ڪا برائي ڪانهي! هاڻي اهي قربانيون کڻي پنهنجي حاڪم کي ڏي، تہ هو تو مان راضي ٿيندو ڇا؟ يا توکي قبول ڪندو ڇا؟ 9۽ هاڻي اچو تہ خداوند کي مڃايون، تہ هو اسان تي مهربان ٿئي: اهو ئي اوهان جو ڊول ٿي رهيو آهي، ۽ هو اوهان کي قبول ڪندو ڇا؟ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي. 10شل اوهان منجهہ ڪو اهڙو هجي، جو دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اجائي باهہ نہ ٻاريو! لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي راضي نہ آهيان، ۽ نڪي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانو قبول ڪندس. 11ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي. 12پر اوهين اُنهيءَ جي بي ادبي ٿا ڪريو، جو چئو ٿا تہ خداوند جي ميز ناپاڪ آهي، ۽ انهي جو ڦل يعني انهي جو گوشت نفرتي آهي. 13۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ائين بہ ٿا چئو تہ ڏس هيءَ ڪهڙي بيزار ڪندڙ شيءِ آهي! ۽ اوهان اُنهيءَ تي نڪ موڙيو آهي؛ اوهان لُٽ جو مال، منڊو ۽ بيمار نذرانو ڪري آندو آهي: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو آءٌ اوهان جي هٿان وٺندس ڇا؟ 14پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.

Currently Selected:

ملاڪيءَ 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in