YouVersion Logo
Search Icon

حجيءَ 2

2
1ستين مهيني جي ايڪيهين تاريخ خداوند جو ڪلام حجي نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ 2يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق کي، ۽ قوم جي باقي رهيلن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ 3اوهان مان ڪهڙو بچيو آهي جنهن هن گهر کي سندس اڳين رونق ۾ ڏٺو هو؟ ۽ هاڻي اوهين انهي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ اوهان جي نظر ۾ اُهو ڪين جهڙو آهي ڇا؟ 4انهيءَ هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اي زروبابل، هاڻي مضبوط ٿيءُ؛ اي يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن، هاڻي مضبوط ٿيءُ؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ملڪ جا سڀ رهاڪو، مضبوط ٿيو ۽ ڪم ڪريو: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان سان آهيان. 5جيئن مصر مان نڪرڻ وقت مون اوهان سان عهد اقرار ڪيو، ۽ منهنجو روح اوهان سان رهيو: اوهين ڊپ نہ ڪريو. 6لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اڃا بہ هڪ دفعو، ٿوري وقت کانپوءِ، آءٌ آسمان ۽ زمين، سمنڊ ۽ سُڪيءَ کي لوڏيندس. 7لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي آءٌ سڀني قومن کي لوڏيندس، ۽ سڀني قومن جون دلپسند شيون اينديون، ۽ آءٌ هن گهر کي جلال سان ڀري ڇڏيندس. 8لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ چاندي منهنجي آهي ۽ سون بہ منهنجو آهي. 9هن گهر جي پوئين رونق پهرين کان وڌيڪ ٿيندي: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هتي آءٌ صلح سلامتي بخشيندس.
10دارا جي ٻئي سال ۾، نائين مهيني جي چوڏهين تاريخ خداوند جو ڪلام حجي نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ 11لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ شريعت بابت ڪاهنن کان پڇ ۽ چئين، تہ 12جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ گوشت پنهنجن ڪپڙن جي دامن ۾ کڻي وڃي، ۽ پنهنجي دامن سان ماني، يا ڀت، يا شراب، يا تيل، يا ڪنهن بہ کاڌي جي شيءِ کي ڇُهي، تہ اُها شيءِ پاڪ ٿي پوندي ڇا؟ ۽ ڪاهنن ورندي ڏيئي چيو تہ نہ. 13تڏهن حجيءَ چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مردي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، ۽ اُهو انهن شين مان ڪا ڇهي تہ پوءِ اُها شيءِ ناپاڪ ٿيندي يا نہ؟ ۽ ڪاهنن ورندي ڏني تہ اُها ناپاڪ ٿيندي. 14تڏهن حجيءَ ورندي ڏيئي چيو، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجي اڳيان هن قوم جو ۽ هن خلق جو اهڙو حال آهي؛ ۽ انهن جي هٿن جي سڀ ڪنهن ڪم جو بہ ساڳيو حال آهي، ۽ جيڪو نذرانو ڪري پيش ڪن ٿا سو ناپاڪ آهي. 15۽ هاڻي آءٌ اوهان کي منٿ ڪري ٿو چوان تہ اوهين اڄ کان وٺي اڳتي، جڏهن خداوند جي هيڪل ۾ اڃا پٿر تي پٿر نہ رکيو ويو، تنهن کان بہ اڳي جو خيال ڪريو: 16انهيءَ زماني جو، جڏهن ڪو ماڻهو ويهن ماڻهن جي ڍڳ تي ٿي آيو، تہ فقط ڏهہ ئي هئا؛ جڏهن ڪو شراب جي چيچڙي مان پنهنجا دنگ ڪڍڻ لاءِ اچي، تڏهن رڳو ويهہ ئي هجن. 17مون اوهان کي جهولي، ۽ رتي، ۽ ڳڙن سان اوهان جي سڄي محنت تي ڌڪ هنيو؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين مون ڏي نہ ڦريا. 18آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اڄ کان وٺي اڳتي انهي ڳالهہ جو خيال ڪريو، يعني نائين مهيني جي چوڏهين تاريخ کان، انهي ڏينهن کان جڏهن خداوند جي هيڪل جو بنياد پيو، اوهين انهي جو ويچار ڪريو. 19ٻج اڃا انبار خاني ۾ آهي ڇا؟ هائو، ڊاک ۽ انجير جي وڻ، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻ اڃا ڦر نہ جهليو آهي؛ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪت ڏيندس.
20۽ خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو، انهي مهيني جي چوڏهين تاريخ حجيءَ تي نازل ٿيو. 21تہ يهوداہ جي والي زروبابل کي چئُہ تہ آءٌ زمين ۽ آسمان کي لوڏيندس: 22۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو. 23لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن، اي منهنجا ٻانها زروبابل، سيالتي ايل جا پٽ، آءٌ توکي وٺندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي نگينہ منڊيءَ وانگي ڪندس: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توکي چونڊيو آهي.

Currently Selected:

حجيءَ 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in