Logo YouVersion
Eicon Chwilio

مرقس 16

16
1جڏهن سبت جو ڏينهن گذري ويو، تڏهن مريم مگدليني ۽ يعقوب جي ماءُ مريم، ۽ سلومي، سرهاڻيون خريد ڪيون، انهي لاءِ تہ هن کي وڃي مکين. 2۽ هفتي جي پهرئين ڏينهن تمام سويرو سج اُڀرئي مهل، قبر تي آيون. 3۽ پاڻ ۾ پئي چيائون تہ ڪير اسان کي قبر جي منهن تان پهڻ هٽائي ڏيندو؟ 4۽ اڃا مٿي نهارين تہ ڏسن تہ اهو پهڻ جو تمام ڳرو هو، سو پاسي ٿيو پيو آهي. 5۽ قبر ۾ گهڙي ڏسن تہ هڪڙو جوان ماڻهو اڇن ڪپڙن سان ساڄي پاسي ويٺو آهي؛ ۽ هو عجب ۾ پئجي ويون. 6۽ انهي کين چيو تہ حيران نہ ٿيو، اوهين يسوع ناصريءَ کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون: هو جي اُٿيو آهي؛ هو هتي ڪونهي: اِجها اها جاءِ جتي رکيو هئائونس! 7پر وڃو، هن جي شاگردن، ۽ پطرس کي وڃي چئو، تہ هو اوهان کان اڳيئي گليل ڏانهن ٿو وڃي، اُتي اوهين هن کي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي چيو هو. 8۽ هو ٻاهر نڪتيون ۽ قبر وٽان اُٿي ڀڳيون؛ ڇالاءِ جو هنن کي ڏڪڻي ۽ حيراني وٺي ويئي هئي: ۽ هنن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو؛ ڇالاءِ جو هنن کي ڊپ اچي ٿيو هو.
9هاڻ سويرو هفتي جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هو جي اُٿيو، تڏهن پهرين مريم مگدليني، جنهن مان ست ڀوت ڪڍيا هئائين، تنهن کي ڏيکاري ڏنائين. 10تنهن وڃي هن جي ساٿين کي ٻُڌايو، جن پئي ماتم ڪيو ۽ رُنو. 11۽ جڏهن هنن ٻُڌو تہ هو جيئرو آهي، ۽ هن کيس ڏٺو آهي، تڏهن اعتبار ئي نہ آين.
12۽ هنن ڳالهين کانپوءِ اُنهن مان ٻہ ڄڻا جي ٻهراڙيءَ ۾ پنڌ ڪندا پي ويا، تن کي ٻيءَ صورت ۾ ڏسڻ ۾ آيو. 13۽ اُنهن وڃي ٻين سان ڳالهہ ڪئي: پر اُنهن جي ڳالهہ تي بہ هنن کي اعتبار ڪونہ آيو.
14۽ انهي کانپوءِ جڏهن هنن گڏجي ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هن انهن يارهن کي بہ ڏيکاري ڏني، ۽ سندن بي اعتقاديءَ ۽ سخت دليءَ جو طعنو هنيائين، ڇالاءِ جو جن هن کي جي اُٿڻ کانپوءِ ڏٺو هو، تن تي هنن اعتبار نہ ڪيو هو. 15۽ هنن کي چيائين تہ اوهين ساريءَ دنيا ۾ وڃو، ۽ ساريءَ خلق جي اڳيان انجيل جي منادي ڪريو. 16جيڪو ايمان آڻي بپتسما وٺندو، اُهو نجات حاصل ڪندو؛ پر جيڪو ايمان نہ آڻيندو، اُهو ڏوهاري ٺهرايو ويندو. 17۽ ايمان آڻڻ وارن ۾ هي نشانيون هونديون: اُهي منهنجي نالي ڀوت ڪڍندا؛ ۽ نيون نيون ٻوليون ڳالهائيندا؛ 18۽ نانگ کڻندا، ۽ جيڪڏهن زهر پيئندا تہ انهي مان هنن کي ڪنهن بہ طرح جو جوکو نہ رسندو؛ اُهي بيمارن تي هٿ رکندا ۽ هو چڱا ڀلا ٿي پوندا.
19سو خداوند يسوع هنن سان ڳالهائڻ کانپوءِ آسمان ۾ چاڙهيو ويو، ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. 20۽ هنن وڃي هنڌ هنڌ منادي ڪئي، ۽ خداوند انهي ڪم ۾ ساڻن شامل رهيو، ۽ نشانيون جي پئي ٿيون، تن سان ڪلام کي ثابت ڪندو رهيو. آمين.

Dewis Presennol:

مرقس 16: SB62

Uwcholeuo

Rhanna

Copi

None

Eisiau i'th uchafbwyntiau gael eu cadw ar draws dy holl ddyfeisiau? Cofrestra neu mewngofnoda