2
1اهڙيءَ طرح زمين ۽ آسمان جي پيدائش جو ڪم پورو ٿيو. 2#عبر 4:4،10 #خر 20:11 ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم جيڪو پورو ڪيو هئائين، تنهن کان فارغ ٿيو. 3هن ستين ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ڏينهن قرار ڏنائين، ڇو تہ انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.
4اهو آهي زمين ۽ آسمان جي پيدا ٿيڻ جو بيان.
باغ عدن
5جڏهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو، تڏهن زمين تي نہ ڪو کاڌي وارو ٻوٽو هو ۽ نہ وري ڪو پوکيل اناج ڦٽي نڪتو هو، ڇو تہ اڃا تائين زمين تي نہ ڪو مينهن وسايو هئائين ۽ نہ وري ڪو انسان ئي هو جيڪو زمين تي پوک ڪري. 6پر زمين مان گھِمَ نڪرندي هئي، جنهن سان سڄي زمين آلي ٿي ويندي هئي. 7#1.ڪر 15:45 پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو. 8پوءِ خداوند خدا اوڀر طرف عدن جي علائقي ۾ هڪڙو باغ بڻايو ۽ جنهن انسان کي ٺاهيو هئائين تنهن کي انهيءَ باغ ۾ رکيائين. 9#مڪا 2:7، 22:2،14 هن هر قسم جا سهڻا وڻ اُڀاريا ۽ منجھن سٺو ميوو بہ پيدا ڪيو. باغ جي وچ ۾ هڪ اهڙو وڻ هو جيڪو حياتي ڏيندڙ هو ۽ ٻيو اهڙو وڻ بہ هو جيڪو نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ هو.
10عدن ۾ هڪڙو درياءُ باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ نڪتو ۽ اُتان چئن ندين ۾ ورهائجي ويو. 11پهرين نديءَ جو نالو فيسون آهي، جيڪا حويلاہ علائقي منجھان وڪڙ ڏيندي وهي ٿي، جتان سون نڪرندو آهي. 12انهيءَ زمين جو سون نج آهي ۽ اتان موتي ۽ عقيق بہ ملن ٿا. 13ٻيءَ نديءَ جو نالو جيحون آهي، جيڪا #2:13 ڪُوش گھڻو ڪري ”ڪُوش“ نالي هي علائقو موجودہ عراق ملڪ جي ڪجھہ حصي تي مشتمل هو.ڪُوش جي سڄي زمين منجھان وڪڙ ڏيندي وهي ٿي. 14ٽين نديءَ جو نالو دجلہ آهي، جيڪا اشور جي اوڀر واري پاسي کان وڃي ٿي. چوٿين نديءَ جو نالو فرات آهي.
15پوءِ خداوند خدا #2:15 آدم عبراني ٻوليءَ جي لفظ ”آدم“ جي معنيٰ آهي ”انسانذات.“ ڏسو 2:7، جنهن ۾ آدم جو ترجمو ”ماڻهو“ ڪيو ويو آهي.آدم کي عدن جي باغ ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي باغباني ۽ سنڀال ڪري. 16خداوند خدا آدم کي چيو تہ ”باغ ۾ هر ڪنهن وڻ جو ميوو ڀلي کائيندو رهج. 17پر جيڪو وڻ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ آهي، تنهن جو ميوو هرگز نہ کائجانءِ، ڇو تہ جنهن ڏينهن تون اهو کائيندين تنهن ڏينهن ضرور مرندين.“
18پوءِ خداوند خدا چيو تہ ”آدم جو اڪيلو رهڻ چڱو نہ آهي. تنهنڪري آءٌ هن لاءِ هڪ سٺو ساٿي بڻائيندس.“ 19سو خداوند خدا زمين مان مٽي کڻي سڀ جانور ۽ پکي ٺاهيا. پوءِ انهن کي آدم وٽ آندائين تہ ڏسي تہ هو انهن جا نالا ڪهڙا ٿو رکي ۽ آدم جنهن کي جنهن نالي سان سڏيو سو ئي ان جو نالو ٿيو. 20سو آدم سڀني جانورن ۽ پکين جا نالا رکيا. پر انهن مان آدم کي ڪوبہ سٺو ساٿي ڪونہ مليو.
21پوءِ خداوند خدا آدم کي گَهري ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو. جڏهن هو ستل هو تہ سندس پاسرين مان هڪڙي پاسري ڪڍي اتي گوشت ڀري ڇڏيائينس. 22خداوند خدا ان پاسريءَ مان هڪ عورت ٺاهي ۽ کيس آدم وٽ وٺي آيو. 23تڏهن آدم چيو تہ ”ڏسو، هي ئي آهي، جيڪو منهنجي هڏن مان هڏو ۽ منهنجي ماس مان ماس آهي. تنهنڪري هيءَ ’ناري‘ سڏبي، ڇاڪاڻ تہ ’نر‘ مان ڪڍي ويئي آهي.“ 24#مت 19:5، مر 10:7-8، 1.ڪر 6:16، اف 5:31 اهو ئي سبب آهي جو مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجيءَ زال سان گڏجي رهندو ۽ اهي ٻئي گڏجي هڪ ٿي ويندا. 25آدم ۽ سندس زال ٻئي اگھاڙا هئا، تہ بہ لڄارا ڪونہ ٿي ٿيا.