رومين 9
9
خدا ۽ بني اسرائيل جو لاڳاپو
1جيڪو آءٌ چوان ٿو سو سچ آھي. آءٌ مسيح جو آھيان ۽ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان. منھنجي دل، جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آھي سا بہ مون سان گڏ شاھدي ٿي ڏئي تہ 2-3مون کي ڏاڍو ڏک آھي ۽ منھنجي دل ۾ پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن يعني پنھنجي قوم وارن لاءِ سدائين غم ۽ درد ٿو رھي. انھن جي خاطر منھنجي خواھش آھي تہ آءٌ لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيان. 4#خر ۴:۹ اھي بني اسرائيل ئي آھن، جن کي خدا پنھنجا ٻار ڪري چونڊيو آھي. ھن کين پنھنجو جلوو ڏيکاريو ۽ کين پنھنجا عھد، شريعت، عبادت ۽ واعدا ڏنا اٿائين. 5قوم جا ابا ڏاڏا بہ انھن مان ئي آھن ۽ رت جي رشتي ڪري مسيح بہ انھن جو ئي آھي. خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آھي، شل ھميشہ انھيءَ جي واکاڻ ٿئي. آمين.
6آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ خدا جو واعدو اجايو آھي، ڇالاءِجو جيڪي اسرائيل جو اولاد آھن، سي سڀ بني اسرائيل نہ آھن 7#پيد ۱۲:۲۱ ۽ نڪي ابراھيم جي نسل مان ھئڻ ڪري اھي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آھن. پر لکيل آھي تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل سڏيو ويندو.“ 8ان جي معنيٰ تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار نہ آھن، پر جيڪي ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي موجب ٻار پيدا ٿيا سي ئي ابراھيم جو اولاد ليکجن ٿا. 9#پيد ۱۰:۱۸ ڇالاءِجو خدا ھنن لفظن ۾ واعدو ڪيو ھو تہ ”آءٌ مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.“
10نہ رڳو ايترو پر اسان جي وڏي اسحاق مان ربقہ کي ٻہ ٻار ٿيا. 11-12#پيد ۲۳:۲۵ ٻارن جي ڄمڻ ۽ انھن جي چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو تہ وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو، انھيءَ لاءِ تہ ڏيکاريو وڃي تہ خدا جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو. 13#ملا ۲:۱–۳ جيئن لکيل آھي تہ ”مون يعقوب سان محبت رکي پر عيسوءَ سان نہ.“
14پوءِ اسين ائين چئون ڇا تہ خدا بيانصاف آھي؟ نہ، بلڪل نہ، 15#خر ۱۹:۳۳ ڇالاءِجو خدا موسيٰ کي چيو تہ ”جنھن تي آءٌ رحم ڪرڻ گھران تنھن تي رحم ڪندس ۽ جنھن تي ٻاجھہ ڪرڻ گھران تنھن تي ٻاجھہ ڪندس.“ 16تنھنڪري اُھو نہ انسان جي خواھش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اھو سڀ خدا جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آھي. 17#خر ۱۶:۹ ڇالاءِجو پاڪ لکت ۾ خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاھہ انھيءَ لاءِ بڻايو آھي تہ آءٌ تنھنجي ڪري قدرت ظاھر ڪريان ۽ دنيا ۾ منھنجو نالو روشن ٿئي.“ 18سو خدا جنھن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنھن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنھن کي سختدل ڪرڻ گھري ٿو تنھن کي سختدل ڪري ٿو.
خدا جو قھر ۽ رحم
19اوھين مون کي چوندا تہ پوءِ خدا ڇو ٿو ماڻھن کي ڏوھدار بڻائي؟ ڪنھن کي مجال آھي جو خدا جي مرضيءَ جي مخالفت ڪري سگھي؟ 20#يس ۱۶:۲۹، ۹:۴۵ پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آھين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چوندي تہ ”تو مون کي اھڙو ڇو خلقيو آھي؟“ 21ڇا ڪنڀر کي اھو اختيار نہ آھي جو ھو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان ھڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟
22انھيءَ ۾ عجب جي ڪھڙي ڳالھہ آھي جو خدا پنھنجو غضب ۽ قدرت ظاھر ڪرڻ لاءِ انھن ٿانون سان صبر ۽ بردباريءَ سان پيش آيو، جيڪي ٿانوَ ڀڃي ناس ٿيڻ جي لائق ھئا. 23خدا اھو ڪم ھن لاءِ ڪيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ سندس جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪيا ويا آھن، تن تي ھو پنھنجي جلوي جي نعمت نازل ڪري، 24يعني اسان تي جن کي ھن نہ رڳو يھودين مان پر غير قومن مان بہ چونڊيو آھي. 25#ھوس ۲۳:۲ جيئن خدا ھوسيع نبيءَ جي صحيفي ۾ فرمائي ٿو تہ
”جيڪا منھنجي قوم نہ ھئي،
تنھن کي پنھنجي قوم سڏيندس
۽ جيڪا مون کي پياري نہ ھئي،
تنھن کي پياري چوندس.“
26 # ھوس ۱۰:۱ ”جنھن جاءِ تي انھن کي ائين چيو ويو تہ
’اوھين منھنجي قوم نہ آھيو،‘
انھيءَ ساڳي جاءِ تي ئي
اھي زندہ خدا جا فرزند سڏبا.“
27 # يس ۲۲:۱۰–۲۳ يسعياہ بني اسرائيل لاءِ کليو کلايو چوي ٿو تہ
”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد
سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن جيترو ھوندو،
تہ بہ انھن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا.
28ڇالاءِجو خداوند دنيا تي
جلد ئي پنھنجو آخري فيصلو پورو ڪندو.“
29 # يس ۹:۱ جيئن يسعياہ نبي اڳي ئي چئي ويو آھي تہ
”جيڪڏھن قدرت وارو خداوند
اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ھا،
تہ اسان جو حال بہ
سدوم ۽ عموراہ شھرن جھڙو ٿئي ھا.“
بني اسرائيل لاءِ بہ خوشخبري
30تڏھن اسين ڇا چئون؟ يعني ھي تہ غير قومون جن خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، تن کي اھا سچائي ملي ۽ اھا کين ايمان جي وسيلي ملي. 31پر بني اسرائيل جيڪي اھڙيءَ شريعت جي ڳولا ۾ ھئا جنھن جي وسيلي ھو خدا ڏانھن سچار بڻجن، سي انھيءَ شريعت تائين بہ نہ پھتا. 32ڇو؟ ڇالاءِجو ھنن شريعت کي ايمان جي وسيلي نہ ڳوليو پر عملن جي وسيلي ڳوليائون. انھن ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو. 33#يس ۱۶:۲۸ جيئن لکيل آھي تہ
”ڏسو، #صيئون: ھتي انھيءَ مان مراد بني اسرائيل قوم آھي.صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر،
يعني ماڻھن اڳيان ٺوڪر کائڻ واري
ھڪ ڇپ کڙي ڪريان ٿو.
پر جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو،
سو ڪڏھن بہ مايوس نہ ڪيو ويندو.“
Currently Selected:
رومين 9: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society