YouVersion Logo
Search Icon

رومين 6

6
گناھن جي ڪري مئل، پر مسيح جا ھئڻ ڪري زندہ
1تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ گناھہ ڪندا رھون تہ جيئن خدا جو فضل وڌيڪ ٿئي؟ 2نہ، بلڪل نہ. اسين گناھہ جي نسبت مئل آھيون تہ پوءِ ڪيئن ان ۾ وڌيڪ جيئرا رھي سگھنداسين؟ 3ڇا اوھان کي اھا خبر نہ آھي تہ اسين جيڪي بہ بپتسما وٺي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيا ھئاسين، سي انھيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ھڪ ٿيا ھئاسين؟ 4#ڪل ۱۲‏:۲ تنھنڪري اسين سندس مرڻ ۾ بپتسما جي وسيلي ھن سان گڏ دفن ٿي ويا ھئاسين، انھيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح پنھنجي پيءُ جي جلوي سان مئلن مان جياريو ويو تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ گذاريون.
5جيڪڏھن اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل ھئاسين، تہ ساڳيءَ طرح سندس جيئري ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين. 6ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ اسان جي اڳين انسانيت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھي ويئي، تہ جيئن اسان جون گناھہ ڪرڻ واريون نفساني خواھشون ناس ٿي وڃن ۽ اڳتي اسين گناھہ جي غلاميءَ کان ڇٽي پئون، 7ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪو مري ويو سو گناھہ کان ڇٽي ويو. 8جيڪڏھن اسين مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي مئا آھيون، تہ پوءِ اسان جو ايمان آھي تہ ساڻس گڏ جيئرا بہ ضرور ٿينداسين. 9اسان کي اھا بہ خبر آھي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ وري مرڻ جو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آھي. 10جڏھن ھو مئو تہ گناھہ جي نسبت ھڪڙو ئي دفعو مئو، پر ھاڻي جڏھن ھو جيئرو آھي تہ خدا جي نسبت جيئرو آھي. 11اھڙيءَ طرح اوھين بہ پاڻ کي گناھہ جي نسبت مئل سمجھو، پر خدا جي نسبت عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڻ کي جيئرو سمجھو.
12تنھنڪري اوھين پنھنجي ھن فاني جسم ۾ گناھہ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوھين گناھہ جي خواھشن جي تابعداري ڪريو. 13پنھنجي جسم جي عضون کي گناھہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اھي بڇڙائيءَ جا ھٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوھان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا ھٿيار ٿين. 14ڇالاءِ⁠جو ھاڻي گناھہ جو اوھان تي ڪوبہ اختيار نہ آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اوھين شريعت جي تابع نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيو.
سچائيءَ جا غلام
15پوءِ ڇا اسين گناھہ ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اسين شريعت جي نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيون؟ نہ، بلڪل نہ. 16اوھان کي خبر آھي تہ جيڪڏھن اوھين غلامن وانگر ڪنھن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ اوھين انھيءَ ماڻھوءَ جا غلام آھيو. ھاڻي جيڪڏھن اوھين گناھہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آھي. پر جيڪڏھن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ھو اوھان کي سچار ڪري قبول ڪندو. 17خدا جو شڪر آھي جو جيتوڻيڪ اوھين گناھہ جا غلام ھئا، پر جيڪا تعليم اوھان کي ڏني ويئي تنھن جي اوھان دل⁠وجان سان تابعداري ڪئي. 18اوھين گناھہ جي غلاميءَ کان آزاد ٿيا آھيو ۽ ھاڻي اوھين سچائيءَ جا غلام ٿيا آھيو. 19جيئن تہ مون کي اوھان جي انساني ڪمزورين جي خبر آھي، سو آءٌ اوھان کي عام رواجي لفظن ۾ چوان ٿو تہ جيئن اڳي اوھان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو ھو، تيئن ھاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.
20جڏھن اوھين گناھہ جا غلام ھئا، تڏھن سچائيءَ جي نسبت آزاد ھئا. 21سو جن ڪمن جي ڪري اوھين ھن مھل شرمسار آھيو، تن مان انھيءَ وقت اوھان کي ڪھڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇالاءِ⁠جو انھن ڪمن جو نتيجو موت آھي. 22پر ھاڻي اوھين گناھن کان آزاد ڪيا ويا آھيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آھيو، جنھن جو اجر اوھان جي پاڪائي آھي ۽ جنھن جو نتيجو آھي دائمي زندگي. 23ڇالاءِ⁠جو گناھہ جو اجر موت آھي. پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت دائمي زندگي آھي.

Currently Selected:

رومين 6: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in