رومين 12
12
خدا جي خدمت ۾ زندگي گذارڻ
1تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آھي، سو آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين پنھنجي سڄي بدن کي اھڙي قرباني ٿيڻ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند ھجي. اھو ئي عبادت جو صحيح طريقو آھي جيڪو اوھان کي ڪرڻ گھرجي. 2ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي.
3آءٌ انھيءَ فضل جي ڪري جو مون کي مليو آھي، اوھان مان ھر ھڪ کي چوان ٿو تہ پنھنجو پاڻ کي وت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ حليمائيءَ سان پاڻ کي اوترو وڌيڪ سمجھو جيترو خدا اوھان کي ايمان بخشيو آھي. 4#۱.ڪر ۱۲:۱۲ جھڙيءَ طرح جسم ۾ گھڻا ئي عضوا آھن ۽ ھر ھڪ عضوي جو پنھنجو پنھنجو ڪم آھي، 5تھڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا ئي آھيون، پر مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھڪ جسم ٿيا آھيون ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا عضوا آھيون. 6#۱.ڪر ۴:۱۲–۱۱ خدا جيڪو فضل اسان کي ڏنو، تنھن موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آھن. تنھنڪري جيڪڏھن ڪنھن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ملي آھي تہ ھو پنھنجي ايمان جي اندازي موجب خدا جو پيغام ٻڌائي. 7جيڪڏھن ڪنھن کي خدمت ڪرڻ جي نعمت ملي آھي تہ ھو خدمت ڪندو رھي. جيڪڏھن اھا نعمت تعليم ڏيڻ جي ھجي تہ ھو تعليم ڏيندو رھي. 8جيڪڏھن اھا نعمت نصيحت ڪرڻ جي ھجي تہ ھو نصيحت ڪندو رھي، جيڪڏھن خيرات ڏيڻ جي ھجي تہ سخاوت سان خيرات ڏيندو رھي. جيڪڏھن اھا اڳواڻي ڪرڻ جي ھجي تہ لياقت سان اڳواڻي ڪري يا جيڪڏھن اھا نعمت رحم ڪرڻ جي ھجي تہ خوشيءَ سان رحم ڪري. 9پيار ۾ رياڪاري نہ ھئڻ گھرجي. بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو. 10ھڪ ٻئي سان ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر گھڻو پيار ڪريو ۽ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو. 11محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ روحاني جذبي سان خداوند جي خدمت ڪندا رھو. 12اميد ۾ خوش رھو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ ھميشہ مشغول رھو. 13ايمان وارن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مھماننوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.
14 # مت ۴۴:۵، لو ۲۸:۶ جيڪي اوھان کي ستائين ٿا تن کي دعا ڪريو. ھائو، کين دعا ڪريو پر پٽ پاراتو نہ ڏيو. 15جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو. 16#چوڻ ۷:۳ پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوھين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنھنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو.
17جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري تنھن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اھڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنھن کي سڀ چڱو چون. 18جيڪڏھن ٿي سگھي تہ اوھين پنھنجي وس آھر سڀني ماڻھن سان صلح ۾ رھو. 19#شر ۳۵:۳۲ اي منھنجا پيارا دوستو! پاڻ ڪڏھن بہ بدلو نہ وٺو، پر اھو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو. ڇالاءِجو پاڪ لکتن ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي ۽ آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ 20#چوڻ ۲۱:۲۵–۲۲ اھو بہ لکيل آھي تہ ”جيڪڏھن تنھنجو دشمن بکايل آھي تہ کيس کاراءِ ۽ اڃايل آھي تہ کيس پيار، ڇالاءِجو ائين ڪرڻ سان تون ھن کي شرمسار ڪندين.“ 21اوھين بڇڙائيءَ کان شڪست نہ کائو، بلڪ نيڪيءَ جي وسيلي بڇڙائيءَ تي فتح حاصل ڪريو.
Currently Selected:
رومين 12: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society