YouVersion Logo
Search Icon

متي 22

22
شاديءَ جي دعوت جو مثال
(لوقا ۱۵‏:۱۴‎–۲۴)
1عيسيٰ وري ماڻھن سان مثالن ۾ ڳالھائڻ لڳو. 2ھن چيو تہ ”آسمان واري بادشاھت ھڪڙي اھڙي بادشاھہ مثل آھي، جنھن پنھنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڪئي. 3ھن دعوتين ڏانھن پنھنجا نوڪر موڪليا تہ ھو دعوت تي اچن، پر اھي اچڻ نہ پيا گھرن. 4تنھن تي ھن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آھي، تن کي چون تہ ’ھاڻي ماني تيار آھي، منھنجا ڍڳا ۽ متارا وھڙا ذبح ٿي چڪا آھن ۽ ھر شيءِ تيار آھي، سو دعوت کائڻ لاءِ ھليا اچو.‘ 5پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنھنجن ڪمن سان ھليا ويا، ڪو پنھنجي ٻنيءَ تي ھليو ويو، ڪو پنھنجي واپار تي ھليو ويو، 6ڪن وري سندس نوڪرن کي پڪڙي، انھن کي مار ڏني ۽ قتل ڪري ڇڏيائون. 7تنھن تي بادشاھہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنھنجا سپاھي موڪليائين تہ انھن قاتلن کي مارين ۽ سندن شھر ساڙي ڇڏين. 8پوءِ ھن پنھنجن نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي ماني تيار آھي پر جن کي دعوت ڏني ويئي ھئي سي ان جا لائق نہ ھئا. 9تنھن ڪري ھاڻي اوھين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻھو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيو.‘ 10تنھن تي اھي نوڪر رستن تي ويا ۽ جيڪي ⁠بہ چڱا مَٺا ماڻھو منھن پين تن سڀني کي آڻي گڏ ڪيائون. شاديءَ جي دعوت واري جاءِ ماڻھن سان ڀرجي ويئي.
11جڏھن بادشاھہ شاديءَ جي مھمانن کي ڏسڻ لاءِ اندر آيو تہ اُتي ھُن ھڪڙو اھڙو ماڻھو ڏٺو جنھن کي شاديءَ جا ڪپڙا پيل ڪين ھئا. 12تنھن تي انھيءَ کان پڇيائين تہ ’ميان، تون شاديءَ جي ڪپڙن کان سواءِ ھتي ڪيئن آيو آھين؟‘ پر ھن ڪڇيو ئي ڪين. 13#مت ۱۲‏:۸، ۳۰‏:۲۵، لو ۲۸‏:۱۳ تڏھن بادشاھہ نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’ھن جا ھٿ پير ٻڌي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي ھو رڙيون ڪري ۽ ڏند ڪرٽي.‘“ 14مسيح آخر ۾ چيو تہ ”ڇالاءِ⁠جو دعوتي تہ گھڻا ھوندا آھن پر چونڊيل ٿورا ھوندا آھن.“
محصول ڏيڻ بابت سوال
(مرقس ۱۳‏:۱۲‎–۱۷، لوقا ۲۰‏:۲۰‎–۲۶)
15فريسين وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالھائڻ ۾ ڦاسايون.“ 16پوءِ انھن پنھنجا شاگرد ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جا ڪي ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا، جن اچي چيو تہ ”استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوھين ڪنھن جي بہ پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو. 17پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوھين ڇا ٿا سمجھو؟ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟“ 18عيسيٰ انھن جي بڇڙي نيت کي ڄاڻي ورتو، تنھنڪري چيائين تہ ”اي رياڪارو! اوھين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ 19مون کي ھڪڙو سڪو ڏيکاريو جنھن سان محصول ڏيندا آھيو.“ اھي وٽس ھڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا. 20تنھن تي عيسيٰ پڇين تہ ”ھيءَ ڪنھن جي مُھر ۽ اکر آھن؟“ 21انھن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ تڏھن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“ 22جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ ھن کي ڇڏي اتان ھليا ويا.
مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ بابت سوال
(مرقس ۱۸‏:۱۲‎–۲۷، لوقا ۲۷‏:۲۰‎–۴۰)
23 # رس ۸‏:۲۳ انھيءَ ساڳئي ڏينھن تي ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ موت کان پوءِ ماڻھو وري جيئرا نہ ٿيندا، سي عيسيٰ وٽ آيا 24#شر ۵‏:۲۵ ۽ چيائونس تہ ”استاد! موسيٰ چيو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ري⁠اولاد مري وڃي تہ ھن جو ڀاءُ اھا رن⁠زال پرڻجي تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي. 25اسان ۾ ھڪڙا ست ڀائر ھئا. پھرين ڀاءُ شادي ڪئي پر ري⁠اولاد مري ويو، تنھنڪري ھن جي زال ٻيو ڀاءُ پرڻيو. 26اھڙيءَ طرح اھا عورت ٻئي سان، ٽئين سان ۽ آخرڪار ستن ئي ڀائرن سان پرڻي. 27انھن سڀني کان پوءِ اھا عورت بہ مري ويئي. 28ھاڻي ٻڌايو تہ قيامت جي ڏينھن اھا عورت انھن ستن مان ڪنھن جي زال ٿيندي؟ ڇوتہ سڀ ئي ھن سان پرڻيا ھئا.“
29عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت. 30ڇالاءِ⁠جو جڏھن مري ويل جيئرا ٿيندا تہ نہ اھي پرڻبا ۽ نڪي پرڻائبا، پر جيئن بھشت ۾ ملائڪ آھن تيئن اھي ھوندا. 31مري ويلن جي جيئري ٿيڻ بابت جيڪو خدا اوھان کي فرمايو آھي، سو اوھان ڪين پڙھيو آھي ڇا؟ 32#خر ۶‏:۳ ھو چوي ٿو تہ ’آءٌ ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ ان جو مطلب آھي تہ ھو مئلن جو خدا نہ پر جيئرن جو خدا آھي.“ 33جڏھن ماڻھن ھي ٻڌو تہ اھي ھن جي تعليم تي عجب ۾ پئجي ويا.
سڀني کان وڏو حڪم
(مرقس ۲۸‏:۱۲‎–۳۴، لوقا ۲۵‏:۱۰‎–۲۸)
34جڏھن فريسين ھي ٻڌو تہ عيسيٰ صدوقين کي لاجواب ڪري ڇڏيو آھي تڏھن اھي اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا. 35انھن مان ھڪڙي شريعت جي عالم عيسيٰ کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندي 36کانئس پڇيو تہ ”استاد! شريعت ۾ وڏو حڪم ڪھڙو آھي؟“ 37#شر ۵‏:۶ تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”’تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي ساريءَ دل، پنھنجي سڄي جان ۽ پنھنجي سڄيءَ سمجھہ سان پيار ڪر.‘ 38اھو ئي سڀني کان وڏو ۽ پھريون حڪم آھي. 39#لاو ۱۸‏:۱۹ ٻيو حڪم بہ انھيءَ جھڙو آھي تہ ’تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘ 40سڄو توريت ۽ نبين جا صحيفا بہ ھنن ٻن حڪمن تي مدار رکن ٿا.“
مسيح بابت سوال
(مرقس ۳۵‏:۱۲‎–۳۷، لوقا ۴۱‏:۲۰‎–۴۴)
41جڏھن فريسي اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ 42”اوھين مسيح بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ ھو ڪنھن جي اولاد مان آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھو دائود جو اولاد آھي.“ 43تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پاڪ روح جي ھدايت سان ھن کي ’خداوند‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ⁠تہ دائود پاڻ چيو آھي تہ
44 # زب ۱‏:۱۱۰ ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ
”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،
جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي
تنھنجي پيرن ھيٺان نہ ڪريان.“‘
45جيڪڏھن دائود مسيح کي ’خداوند‘ ڪري سڏي ٿو، تہ پوءِ اھو سندس اولاد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“ 46ھن جي جواب ۾ ڪو ئي ھڪڙو لفظ بہ چئي نہ سگھيو، نڪي وري انھيءَ ڏينھن کان وٺي ڪنھن کي بہ کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي ھمت ٿي.

Currently Selected:

متي 22: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy