YouVersion Logo
Search Icon

متي 12

12
سبت جي ڏينھن بابت سوال
(مرقس ۲۳‏:۲‎–۲۸، لوقا ۱‏:۶‎–۵)
1 # شر ۲۵‏:۲۳ ان کان پوءِ ستت ئي سبت جي ڏينھن عيسيٰ اَنَ وارين ٻنين مان پئي لنگھيو تہ ھن جي شاگردن کي بک لڳي ۽ ھو اَن جا سنگ پٽي کائڻ لڳا. 2جڏھن فريسين ھي ڏٺو تہ عيسيٰ کي چيائون تہ ”ڏسو، اوھان جا شاگرد اھو ڪم ڪن ٿا جيڪو سبت جي ڏينھن جائز نہ آھي.“ 3#۱.سم ۱‏:۲۱‎–۶ تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان اھو ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي تہ ھن ڇا ڪيو ھو؟ 4#لاو ۹‏:۲۴ ھو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ پوءِ ھن ۽ سندس ساٿين نذر جون اھي مانيون کاڌيون جيڪي رڳو ڪاھنن کي کائڻ جائز ھيون، پر کين نہ. 5#ڳا ۹‏:۲۸‎–۱۰ ڇا اوھان توريت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ھيڪل ۾ توڙي جو ڪاھن سبت جي ڏينھن جي پرھيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوھدار نہ ٿا ليکجن؟ 6پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو بہ آھي جيڪو ھيڪل کان بہ وڏو آھي. 7#مت ۱۳‏:۹، ھوس ۶‏:۶ اھو لکيل آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي.‘ جيڪڏھن اوھين ھن جي صحيح معنيٰ سمجھو ھا تہ بي⁠ڏوھين کي ڏوھي نہ سمجھو ھا. 8ابن⁠آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“
سڪل ھٿ وارو ماڻھو
(مرقس ۱‏:۳‎–۶، لوقا ۶‏:۶‎–۱۱)
9عيسيٰ اتان روانو ٿي انھن يھودين جي عبادت⁠خاني ۾ ھليو ويو. 10اُتي ھڪڙو سڪل ھٿ وارو ماڻھو ھو. جڏھن تہ اُتي ڪي اھڙا فريسي بہ ھئا جيڪي چاھين پيا تہ عيسيٰ ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تھمت ھڻن. تنھنڪري انھن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينھن شفا ڏيڻ جائز آھي؟“ 11#لو ۵‏:۱۴ تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن جي رڍ سبت جي ڏينھن کڏ ۾ ڪري پوي، تہ ڇا اوھين ان کي جھلي ٻاھر نہ ڪڍندا؟ 12پر ماڻھو تہ رڍ کان بہ وڌيڪ قيمتي آھي، تنھنڪري سبت جي ڏينھن تي چڱو ڪم ڪرڻ جائز آھي.“ 13پوءِ ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي چيو تہ ”پنھنجو ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي ھٿ جھڙو ٿي پيس. 14فريسي ھليا ويا ۽ پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.
خدا جو چونڊيل ٻانھو
15جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ ھو اتان روانو ٿي ويو. ڪيئي ماڻھو سندس پٺيان ھليا، انھن ۾ جيڪي بيمار ھئا تن سڀني کي شفا ڏنائين، 16۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ ”مون بابت ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو.“ 17اھڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو پورو ٿيو تہ
18 # يس ۱‏:۴۲‎–۴ ”ڏسو، ھي منھنجو ٻانھو آھي،
جنھن کي مون چونڊيو آھي.
ھي منھنجو پيارو آھي،
۽ آءٌ ھن مان ڏاڍو خوش آھيان.
آءٌ ھن تي پنھنجو روح نازل ڪندس،
۽ ھي غير قومن ۾ منھنجي انصاف جو اعلان ڪندو.
19ھي نہ جھيڙو ۽ نہ ھُل ڪندو،
۽ نہ وري گھٽين ۾ ھن جو وڏو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.
20ڦٿل ڪانو بہ ھي ڪين ڀڃندو،
۽ نہ وري ٽمڪندڙ وٽ کي وسائيندو.
ھي ائين ڪندو ويندو، جيستائين انصاف جي فتح نہ ڪرائي،
21۽ ھن ۾ سڀني قومن جون اميدون ھونديون.“
عيسيٰ ۽ بعل⁠زبول
(مرقس ۲۰‏:۳‎–۳۰، لوقا ۱۴‏:۱۱‎–۲۳)
22پوءِ ڪن ماڻھن عيسيٰ وٽ ھڪ ماڻھو آندو جيڪو انڌو ھو ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ۾ ڀوت ھو. عيسيٰ ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ھو ڳالھائڻ ۽ ڏسڻ لڳو. 23ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا ھي دائود جو پٽ آھي؟“ 24#مت ۳۴‏:۹، ۲۵‏:۱۰ جڏھن فريسين کي اھا خبر پيئي تہ چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“ 25عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بہ بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوي ٿو سا برباد ٿيندي ۽ جنھن بہ شھر يا گھر ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو بہ ھلي نہ سگھندو. 26پوءِ جيڪڏھن شيطان، شيطان کي ڪڍندو تہ منجھس ڦيٽھڙو پوندو ۽ پوءِ سندس بادشاھت ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟ 27جيڪڏھن آءٌ بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوھان جا ماڻھو ڪنھن جي تہ مدد سان انھن کي ڪڍن؟ پوءِ تہ اھي ئي اوھان کي ڪوڙو ڪندا. 28پر جيڪڏھن آءٌ خدا جي روح جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ پوءِ ڄاڻو تہ خدا جي بادشاھت اچي پھتي آھي.
29ڪوبہ ماڻھو ڪنھن طاقتور ماڻھوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين ھو پھريائين اُن طاقتور ماڻھوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنھن کان پوءِ ئي ھو سندس گھر ڦُري سگھندو.
30 # مر ۴۰‏:۹ جيڪو مون سان نہ آھي سو منھنجي خلاف آھي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي. 31تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھر ھڪ گناھہ ۽ ڪفر ماڻھن کي بخش ٿي سگھندو، پر پاڪ روح جي خلاف بڪيل ڪفر نہ بخشيو ويندو. 32#لو ۱۰‏:۱۲ جيڪڏھن ڪو ابن⁠آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“
جھڙو وڻ تھڙو ميوو
(لوقا ۴۳‏:۶‎–۴۵)
33 # مت ۲۰‏:۷ ”جيڪڏھن وڻ سٺو آھي تہ ميوو بہ سٺو ڏيندو ۽ جيڪڏھن وڻ خراب آھي تہ ميوو بہ خراب ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي. 34#مت ۷‏:۳، ۳۳‏:۲۳، ۱۸‏:۱۵، لو ۷‏:۳ اي نانگ جا ٻچؤ! اوھين ڪيئن چڱيون ڳالھيون چئي سگھو ٿا، جڏھن تہ اوھين پاڻ بڇڙا آھيو. ڇالاءِ⁠جو دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي. 35ھڪ نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالھيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون ڳالھيون ڪڍي ٿو.
36آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن ھر ھڪ کي پنھنجي بيڪار ڳالھايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو. 37ڇالاءِ⁠جو اوھان جا لفظ ئي اوھان کي ڏوھي يا بي⁠ڏوھي ٺھرائيندا.“
معجزي جي طلب
(مرقس ۱۱‏:۸‎–۱۲، لوقا ۲۹‏:۱۱‎–۳۲)
38 # مت ۱‏:۱۶، لو ۱۶‏:۱۱ پوءِ ڪن شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھن کي چيو تہ ”اي استاد! اسان کي ڪو معجزو ڏيکار.“ 39#مت ۴‏:۱۶ تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”ھن زماني جا ماڻھو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ بي⁠ايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس نبيءَ جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو. 40#يون ۱۷‏:۱ ڇالاءِ⁠جو جيئن يونس ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو ھو، تيئن ابن⁠آدم بہ زمين جي پيٽ ۾ ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون رھندو. 41#يون ۵‏:۳ نينواہ جا ماڻھو آخرت جي ڏينھن اُٿي بيھندا ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندا، ڇالاءِ⁠جو انھن تہ يونس جي تبليغ تي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪئي ھئي، پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو يونس کان بہ وڏو آھي. 42#۱.با ۱‏:۱۰‎–۱۳، ۲.توا ۱‏:۹‎–۱۲ آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي، پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي.“
ڀوتن جو موٽڻ
(لوقا ۲۴‏:۱۱‎–۲۶)
43”جڏھن ڪو ڀوت ماڻھوءَ مان نڪري وڃي ٿو تڏھن اھو ويران ھنڌن ۾ ڪا جاءِ لھڻ لاءِ رلي ٿو، جتي ھو آرام ڪري سگھي. پر کيس آرام نہ ٿو ملي. 44پوءِ ھو چوي ٿو تہ ’آءٌ انھيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو ھوس.‘ موٽي اچڻ تي ھو ڏسي ٿو تہ گھر خالي، صاف ۽ سينگاريل آھي. 45پوءِ ھو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اُھي اُن ماڻھوءَ ۾ داخل ٿي اُتي رھن ٿا ۽ اُن جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي. سو ھن بڇڙي زماني جي ماڻھن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“
عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر
(مرقس ۳۱‏:۳‎–۳۵، لوقا ۱۹‏:۸‎–۲۱)
46عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالھائي ئي رھيو ھو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر اچي پھتا ۽ ساڻس ڳالھائڻ ٿي چاھيائون. 47تنھن تي ماڻھن مان ھڪڙي عيسيٰ کي چيو تہ ”ٻڌو، اوھان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر بيٺا آھن ۽ اوھان سان ڳالھائڻ گھرن ٿا.“ 48عيسيٰ چيو تہ ”منھنجي ماءُ ڪير آھي؟ منھنجا ڀائر ڪير آھن؟“ 49پوءِ پنھنجن شاگردن ڏانھن اشارو ڪري چيائين تہ ”ڏسو، ھي منھنجي ماءُ ۽ منھنجا ڀائر آھن. 50ڇالاءِ⁠جو جيڪوبہ منھنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ تي ھلندو، سو ئي منھنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آھي.“

Currently Selected:

متي 12: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy