YouVersion Logo
Search Icon

متي 10

10
ٻارھن رسول
(مرقس ۱۳‏:۳‎–۱۹، لوقا ۱۲‏:۶‎–۱۶)
1عيسيٰ پنھنجي ٻارھن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي گڏ ڪيو ۽ کين اختياري ڏنائين تہ ڀوتن کي ڪڍين ۽ ھر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان شفا ڏين. 2انھن ٻارھن رسولن جا نالا ھي آھن: پھريون شمعون جنھن کي پطرس ڪري سڏيندا آھن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا، جيڪي زبديءَ جا پٽ ھئا، 3فلپس ۽ برٿلمئي، توما ۽ متي محصول اڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ ٿدئي، 4شمعون قوم⁠پرست ۽ يھوداہ اسڪريوتي جنھن بعد ۾ دغا ڪري عيسيٰ کي پڪڙايو.
ٻارھن رسولن کي موڪلڻ
(مرقس ۷‏:۶‎–۱۳، لوقا ۱‏:۹‎–۶)
5انھن ٻارھن رسولن کي عيسيٰ ھيٺين ھدايتن سان روانو ڪيو تہ ”ڪنھن بہ غير قوم جي علائقي ڏانھن يا سامرين جي شھرن ۾ نہ وڃجو، 6پر بني اسرائيل جي گھراڻي جون جيڪي رڍون گمراھہ ٿي ويون آھن تن وٽ وڃجو. 7#لو ۴‏:۱۰‎–۱۲ جتان جتان لنگھو تہ اھو اعلان ڪندا وڃجو تہ ’آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.‘ 8بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍجو. اوھان کي مفت ۾ مليو آھي تنھنڪري اوھين بہ مفت ۾ ڏجو. 9کيسي ۾ پاڻ سان سون، چانديءَ يا ٽامي جو ڪوبہ سڪو نہ کڻجو، 10#۱.ڪر ۱۴‏:۹، ۱.تم ۱۸‏:۵ سفر ۾ پاڻ سان نہ ٻاچڪو کڻجو، نڪي ٻہ ٻہ پھراڻ يا بوٽ ۽ نہ وري لٺ کڻجو، ڇالاءِ⁠جو مزور کي جيڪي گھربو سو کيس ملندو.
11جڏھن اوھين ڪنھن شھر يا ڳوٺ ۾ وڃو تہ جاچ ڪجو تہ اھڙو ڪو آھي جو اوھان جو آڌرڀاءُ ڪري، پوءِ اوھين وٽس ايستائين ٽڪجو جيستائين اُن شھر مان روانا نہ ٿيو. 12جڏھن ڪنھن گھر ۾ وڃو تہ سلام ڪجو. 13جيڪڏھن گھر جي مالڪن سلام وراڻيو تہ اوھان جو سلام مٿن رھندو، پر جيڪڏھن نہ ورائيندا تہ اوھان جو سلام اوھان ڏانھن موٽي ايندو. 14#رس ۵۱‏:۱۳ جيڪڏھن ڪو گھر يا شھر اوھان جو آڌرڀاءُ نہ ڪري يا اوھان جي ڳالھہ نہ ٻڌي، تہ پوءِ اھا جاءِ ڇڏجو ۽ پنھنجي #پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو: انھيءَ دور جي ھڪ رسم، جنھن مان مراد ڪنھن ڳالھہ کي رد ڪرڻ جي صورت ۾ ساري ذميواري سندن مٿان ھجڻ جو اظھار ڪرڻ آھي.پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو. 15#مت ۲۴‏:۱۱، پيد ۲۴‏:۱۹‎–۲۸ آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آخرت جي ڏينھن اھو شھر سدوم ۽ عموراہ جي شھرن کان وڌيڪ ڀوڳيندو.“
اچڻ واري مصيبت
(مرقس ۹‏:۱۳‎–۱۳، لوقا ۱۲‏:۲۱‎–۱۷)
16 # لو ۳‏:۱۰ ”ڏسو، آءٌ اوھان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنھنڪري اوھين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي⁠ضرر ٿجو. 17#لو ۱۱‏:۱۲‎–۱۲ پر انھن ماڻھن کان ھوشيار ٿجو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪندا ۽ پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ اوھان کي چھبڪ ھڻندا. 18اوھان کي منھنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاھن اڳيان پيش ڪيو ويندو، ڇوتہ اوھين انھن غير قومن کي خوشخبري ٻڌائيندا. 19پر جڏھن ھو اوھان کي گرفتار ڪرائين تڏھن اھا ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوھان کي ڪھڙو جواب ڏيڻو آھي. جيڪي اوھان کي چوڻو ھوندو سو انھيءَ مھل پاڻھي اوھان کي ٻڌايو ويندو، 20ڇالاءِ⁠جو جيڪي لفظ اوھين ڳالھائيندا سي اوھان جا نہ ھوندا پر اوھان جي پيءُ جو روح اوھان جي وسيلي ڳالھائيندو.
21ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو، پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ ٻار پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کان ڦري ويندا ۽ ھنن کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا. 22#مت ۹‏:۲۴‏،۱۳ منھنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوھان کي ڌڪاريندو، پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو سو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو. 23جڏھن اُھي اوھان کي ڪنھن شھر ۾ ستائين تہ اوھين ھڪدم ٻئي شھر ڏانھن ھليا وڃجو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اوھين سڄي اسرائيل جي شھرن ۾ پنھنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ ابن⁠آدم اچي پھچندو.
24 # لو ۴۰‏:۶، يو ۱۶‏:۱۳، ۲۰‏:۱۵ ڪوبہ شاگرد پنھنجي استاد کان مٿي نہ آھي ۽ نہ وري ڪو غلام پنھنجي مالڪ کان. 25#مت ۳۴‏:۹، ۲۴‏:۱۲، مر ۲۲‏:۳، لو ۱۵‏:۱۱ شاگرد لاءِ اھو سٺو آھي تہ ھو پنھنجي استاد سان ھر حال ۾ شامل رھي ۽ غلام لاءِ تہ پنھنجي مالڪ سان. جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي ئي بعل⁠زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“
ڊڄو، پر ڪنھن کان؟
(لوقا ۲‏:۱۲‎–۷)
26 # مر ۲۲‏:۴، لو ۱۷‏:۸ ”تنھنڪري انھن کان نہ ڊڄو. ڇالاءِ⁠جو اھڙي ڪابہ شيءِ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿيندي ۽ اھڙي ڪابہ لڪل نہ آھي جا ظاھر نہ ٿيندي. 27جو ھينئر آءٌ اوھان کي اونداھيءَ ۾ ٻڌايان ٿو سو اوھين روز روشن ۾ ٻڌائجو. جيڪو اوھين سس⁠پس ۾ ٻڌو ٿا اھو وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪارجو. 28انھن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. تنھنڪري خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنھي يعني جسم ۽ روح کي ماري جھنم ۾ وجھي سگھي ٿو. 29اوھين ھڪ ننڍڙي سڪي ۾ ٻہ جھرڪيون تہ خريد ڪري سگھو ٿا، پر انھن مان ھڪڙي بہ اوھان جي پيءُ جي مرضيءَ کان سواءِ زمين تي نہ ٿي ڪري. 30اوھان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آھن. 31سو اوھان کي ڊڄڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“
مسيح کي قبولڻ ۽ نہ قبولڻ جو نتيجو
(لوقا ۸‏:۱۲‎–۹)
32”جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول ڪندس. 33#۲.تم ۱۲‏:۲ پر جيڪو ماڻھن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول نہ ڪندس.“
صلح نہ، پر جنگ
(لوقا ۵۱‏:۱۲‎–۵۳، ۲۶‏:۱۴‎–۲۷)
34”ائين نہ سمجھو تہ آءٌ دنيا ۾ صلح ڪرائڻ آيو آھيان. منھنجي ڪري صلح نہ پر تلوار ھلندي. 35#ميڪ ۶‏:۷ ڇالاءِ⁠جو منھنجي اچڻ ڪري پٽ پيءُ جي خلاف ٿيندو، ڌيءَ ماءُ جي خلاف ۽ نُنھن سس جي خلاف ٿيندي، 36۽ ماڻھوءَ جا دشمن خود سندس گھر جا ڀاتي ٿيندا.
37جيڪو مون کان وڌيڪ پنھنجي پيءُ يا ماءُ سان پيار ڪري ٿو، سو منھنجي لائق نہ آھي ۽ جيڪو پنھنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو سو بہ منھنجي لائق نہ آھي. 38#مت ۲۴‏:۱۶، مر ۳۴‏:۸، لو ۲۳‏:۹ جيڪو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان نہ ٿو ھلي، سو منھنجي لائق نہ آھي. 39#مت ۲۵‏:۱۶، مر ۳۵‏:۸، لو ۲۴‏:۹، ۳۳‏:۱۷، يو ۲۵‏:۱۲ جيڪو پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اُھا وڃائيندو ۽ جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو سو اُھا حاصل ڪندو.“
اجر
(مرقس ۴۱‏:۹)
40 # مر ۳۷‏:۹، لو ۴۸‏:۹، ۱۶‏:۱۰، يو ۲۰‏:۱۳ ”جيڪو اوھان کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ ان کي قبول ڪري ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي. 41جيڪو نبيءَ کي خدا جو نبي سمجھي قبول ٿو ڪري، تنھن کي نبيءَ جيترو اجر ملندو ۽ جيڪو نيڪ کي نيڪ سمجھي قبول ٿو ڪري، تنھن کي نيڪ جيترو اجر ملندو. 42آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي منھنجو شاگرد سمجھي ھڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو پياريندو تہ ان کي ان جو اجر ضرور ملندو.“

Currently Selected:

متي 10: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in