YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 2

2
عيسيٰ جو ڄمڻ
(متي ۱۸‏:۱‎–۲۵)
1انھن ڏينھن ۾ شھنشاھہ اگستس ھڪڙو حڪم⁠نامو جاري ڪيو تہ سڄي شھنشاھت ۾ آدمشماري ڪئي وڃي. 2اھا پھرين آدمشماري ھئي جا شام جي گورنر ڪورنيس جي ڏينھن ۾ ٿي. 3تنھنڪري ھر ڪو پنھنجي پنھنجي شھر ۾ پنھنجو نالو لکائڻ ويو. 4يوسف دائود جي گھراڻي ۽ نسل مان ھو. تنھنڪري ھو بہ گليل جي شھر ناصرت مان يھوديہ ڏانھن دائود جي شھر ۾ ويو، جنھن کي بيت⁠لحم چون ٿا. 5ھو انھيءَ لاءِ ويو تہ پنھنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي جا پيٽ سان ھئي. 6جڏھن ھو بيت⁠لحم ۾ ھئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو. 7ھن پنھنجو پھريتو پٽ ڄڻيو ۽ انھيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھي آھر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ⁠تہ مسافرخاني ۾ ھنن کي جاءِ ڪانہ ملي.
ريڍار ۽ ملائڪ
8انھيءَ علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ پنھنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي، 9تہ انھن وٽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو انھن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنھن ڪري ھو ڏاڍا ڊڄي ويا. 10تنھن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇالاءِ⁠جو مون اوھان لاءِ ھڪ وڏي خوشخبري آندي آھي، جيڪا سڄي قوم لاءِ ھوندي. 11ڇوتہ اڄ دائود جي شھر ۾ اوھان لاءِ ھڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آھي، جو مسيح خداوند آھي. 12انھيءَ جي ثابتيءَ لاءِ ھڪ نشاني اٿوَ تہ اوھين ھڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھيل آھر ۾ پيل ڏسندا.“
13اوچتو انھن کي انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھڪڙو وڏو آسماني لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندو ھيئن چوندو پئي آيو تہ 14”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“
15جڏھن ملائڪ انھن وٽان موٽي آسمان ڏانھن ويا تڏھن ريڍار ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھلو تہ بيت⁠لحم ھلون. ھيءَ ڳالھہ جا ٿي آھي ۽ جنھن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آھي سا ھلي ڏسون.“ 16تنھنڪري ھو تڪڙا تڪڙا ويا تہ مريم ۽ يوسف ملين ۽ ٻارڙو آھر ۾ پيل ڏٺائون. 17ھي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اھو ٻڌائڻ لڳا جيڪو ملائڪ کان ٻڌو ھئائون. 18جيڪي ڳالھيون ريڍارن ڪيون سي جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا. 19مريم ھي سڀ ڳالھيون ياد ڪيون ۽ دل ۾ سانڍي انھن تي ويچار ڪرڻ لڳي. 20ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنھن تي خدا جي ساراھہ ۽ واکاڻ ڪندي موٽيا، ڇالاءِ⁠جو اھو ائين ئي ھو جيئن انھن کي ٻڌايو ويو ھو.
عيسيٰ جو نالو رکجڻ
21 # لاو ۳‏:۱۲، لو ۳۱‏:۱ اٺن ڏينھن کان پوءِ جڏھن ھن جي سنت ڪرڻ جو وقت آيو تہ سندس نالو عيسيٰ رکيائون، جيڪو ھن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ملائڪ رکيو ھو.
عيسيٰ کي ھيڪل ۾ آڻڻ
22 # لاو ۶‏:۱۲‎–۸ جڏھن موسيٰ جي شريعت موجب پاڪ ٿيڻ جا مقرر ڏينھن پورا ٿيا تڏھن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي خداوند جي آڏو حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ کڻي آيا. 23#خر ۲‏:۱۳‏،۱۲ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آھي تہ ”ھر ڪو پھريتو پٽ خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي.“ 24سو اھي خداوند جي شريعت جي فرضن موجب قرباني پيش ڪرڻ آيا، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر ھجن.“
25تن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھڪڙو ماڻھو رھندو ھو جنھن جو نالو شمعون ھو. ھو سچار ۽ نيڪ ماڻھو ھو ۽ ھو بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ منتظر ھو. ان سان پاڪ روح ھوندو ھو، 26جنھن کيس ٻڌايو ھو تہ ”جيستائين خداوند جي مسيح کي نہ ڏسندين، تيستائين ڪين مرندين.“ 27پاڪ روح جي ھدايت تي شمعون ھيڪل ۾ آيو. جڏھن ماءُ⁠پيءُ ٻارڙي عيسيٰ کي شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ ھيڪل ۾ کڻي آيا 28تڏھن شمعون ٻارڙي کي پنھنجن ھٿن تي کنيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائين تہ
29”اي مالڪ! ھاڻي تون پنھنجي ٻانھي کي
پنھنجي واعدي موجب سلامتيءَ سان موڪل.
30ڇالاءِ⁠جو منھنجين اکين
تنھنجو ڇوٽڪارو ڏٺو آھي،
31جيڪو تو سڀني قومن اڳيان تيار ڪيو آھي،
32 # يس ۶‏:۴۲، ۶‏:۴۹، ۱۰‏:۵۲ يعني غير قومن لاءِ
تنھنجي رستي تي ھلڻ ڪاڻ روشنائي
۽ تنھنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“
33ٻار جا ماءُ⁠پيءُ حيران ھئا تہ انھيءَ بابت ڇا ڇا نہ پيو چئجي! 34شمعون انھن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ھي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪرڻ ۽ چڙھڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آھي. ھو خدا جي طرف کان ھڪ نشان ھوندو، جنھن جي ڪيترائي مخالفت ڪندا، 35جنھنڪري سندن دلين جا ڳُجھہ ظاھر ٿيندا. تو کي ايترو ڏک پھچندو، جيڪو تلوار وانگر تنھنجي دل گھائي ڇڏيندو.“
36آشر قبيلي جي ھڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حنا ھڪ نبياڻي ھئي. ھوءَ ھڪ پوڙھي عورت ھئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رھي 37۽ پوءِ رن⁠زال ٿي. ھاڻي سندس عمر چوراسي ورھيہ ھئي، پر ڪڏھن بہ ھيڪل کان پير ٻاھر نہ ڪڍيائين ۽ رات ڏينھن روزا رکي، دعائون گھري پئي عبادت ڪندي ھئي. 38سا بہ انھيءَ وقت آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين ۽ انھن سڀني سان ھن ٻار بابت ڳالھيون ڪرڻ لڳي، جيڪي انتظار ۾ ھئا تہ خدا يروشلم کي آزادي ڏيندو.
ناصرت ڏانھن واپسي
39 # مت ۲۳‏:۲ عيسيٰ جي ماءُ⁠پيءُ جڏھن خداوند جي شريعت جي فرضن جي بجاآوري ڪئي، تڏھن گليل علائقي ۾ پنھنجي اباڻي شھر ناصرت ڏانھن موٽيا. 40ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. ھو سياڻپ سان ڀربو ويو ۽ خدا جو فضل ھن سان ساڻ ھو.
ننڍي عيسيٰ جو ھيڪل ۾ وڃڻ
41 # خر ۱‏:۱۲‎–۲۷، شر ۱‏:۱۶‎–۸ عيسيٰ جا ماءُ⁠پيءُ ھر سال يروشلم ڏانھن عيد فصح جي موقعي تي ويندا ھئا. 42جڏھن عيسيٰ ٻارھن سالن جو ٿيو تہ اھي دستور موجب عيد فصح تي ويا. 43جڏھن عيد جا ڏينھن پورا ٿيا تہ ھو گھر ڏانھن موٽڻ لڳا. پر ڇوڪرو عيسيٰ يروشلم ۾ رھجي وين ۽ سندس ماءُ⁠پيءُ کي خبر نہ ھئي. 44انھن سمجھيو پئي تہ ھو قافلي سان آھي، سو انھن سڄو ڏينھن سفر ڪيو ۽ پوءِ عيسيٰ کي مائٽن ۽ دوستن ۾ ڳولڻ شروع ڪيائون. 45جڏھن انھن کيس نہ لڌو تہ ھو سندس ڳولا لاءِ موٽي يروشلم ۾ آيا. 46ٽئين ڏينھن تي ھنن عيسيٰ کي ھيڪل ۾ لڌو، جتي ھو يھودين جي عالمن سان ويٺو ھو ۽ انھن جي ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين. 47جن بہ ھن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي ھن جي عقل ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب پيا کائين. 48جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ ھن جا ماءُ⁠پيءُ حيران ٿي ويا. ھن جي ماءُ ھن کي چيو تہ ”پُٽ، تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ تنھنجو پيءُ ۽ آءٌ تو کي ڳولي لھڻ لاءِ سخت پريشان ھئاسين.“ 49تنھن تي ھن انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوھان کي خبر نہ آھي تہ مون کي پنھنجي پيءُ جي گھر ۾ رھڻ کپي؟“ 50پر اھي ھن جي ڳالھہ سمجھي نہ سگھيا.
51پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي ھو انھن جو فرمانبردار ٿي رھيو. ھن جي ماءُ ھي سڀ ڳالھيون پنھنجي دل ۾ سانڍي رکيون. 52#۱.سم ۲۶‏:۲، چوڻ ۴‏:۳ عيسيٰ قد ۽ سياڻپ سان گڏوگڏ خدا ۽ ماڻھن جي مقبوليت ۾ بہ وڌندو ويو.

Currently Selected:

لوقا 2: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in