يعقوب 5
5
دولتمندن کي چتاءُ
1ھاڻي اي دولتمندو! اوھين ٻڌو، انھن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙيون ڪريو، جيڪي اوھان تي اچڻيون آھن. 2#مت ۱۹:۶ اوھان جو مال ملڪيت سڙي ڪنو ٿي ويو ۽ اوھان جا ڪپڙا ڪينئان کائي ويا. 3اوھان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙھي ويئي. اھا ڪٽ اوھان تي شاھدي ڏيندي ۽ باھہ وانگر اوھان جو ماس کائيندي. اوھان پوين ڏينھن ۾ دولت ميڙي آھي. 4#شر ۱۴:۲۴–۱۵ ڏسو، جن مزورن اوھان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزوري جيڪا اوھان ٺڳي ڪري رکي ڇڏي آھي، سا رڙيون پيئي ڪري. لاباري ڪرڻ وارن جون دانھون قدرت واري خداوند جي ڪنن تائين وڃي پھتيون آھن. 5اوھين زمين تي عيش عشرت ۾ رھيا آھيو ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. درحقيقت اوھان پاڻ کي ڪوس واري ڏينھن لاءِ ٿلھو متارو ڪيو آھي. 6اوھان سچار کي ڏوھي ٺھرايو آھي ۽ قتل ڪيو آھي. پر سچار اوھان جي مخالفت نہ ٿو ڪري.
ڏکن ۾ صبر ڪرڻ
7تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، ھاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. ھو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينھن پوڻ تائين صبر ٿو ڪري. 8اوھين بہ صبر ڪريو ۽ ثابتقدم رھو، ڇالاءِجو خداوند جو اچڻ ويجھو آھي. 9اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ٻئي جي خلاف ڪُرڪو نہ، متان اوھان کي سزاوار ٺھرايو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آھي.
10اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انھن نبين کي ڏک سھڻ ۽ صبر ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو، جن خداوند جي نالي تي ڪلام ڪيو. 11#ايو ۲۱:۱–۲۲، ۱۰:۲، زب ۸:۱۰۳ اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر ڪرڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوھان ايوب جي صبر جو حال تہ ٻڌو آھي ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند ھن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انھيءَ مان ظاھر آھي تہ خداوند نھايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آھي.
12 # مت ۳۴:۵–۳۷ اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان پھرين ڳالھہ ھيءَ آھي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو نہ زمين جو ۽ نہ وري ڪنھن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوھان کي ”ھائو“ جي جاءِ تي ”ھائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوھين سزا ھيٺ نہ اچو.
ايمان سان دعا گھرڻ
13ڇا اوھان مان ڪو ماڻھو تڪليف ۾ آھي؟ انھيءَ کي دعا گھرڻ کپي. ڇا ڪو خوش آھي؟ انھيءَ کي تعريف جا گيت ڳائڻ گھرجن. 14#مر ۱۳:۶ ڇا اوھان مان ڪو بيمار آھي؟ اھو ڪليسيا جي بزرگن کي گھرائي ۽ اھي بزرگ خداوند جي نالي ۾ انھيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي مٿس دعا گھرن. 15اھڙي دعا جيڪا ايمان سان گھري ويندي، سا بيمار کي شفا ڏيندي ۽ خداوند انھيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏھن ھن گناھہ ڪيا ھوندا تہ کيس انھن جي بہ معافي ملندي. 16تنھنڪري پنھنجا گناھہ ھڪ ٻئي اڳيان باسيو ۽ ھڪ ٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇالاءِجو سچار ماڻھوءَ جي دعا نھايت اثر واري ٿئي ٿي.
17 # ۱.با ۱:۱۷، ۱:۱۸ الياس نبي بہ اسان جھڙي طبيعت جو ماڻھو ھو. ھن دلوجان سان دعا گھري تہ مينھن نہ وسي، پوءِ ساڍن ٽن سالن تائين زمين تي مينھن نہ پيو. 18#۱.با ۴۲:۱۸–۴۵ وري جڏھن ھن دعا گھري تڏھن آسمان مان مينھن پيو ۽ زمين پنھنجا فصل اپايا.
19اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن اوھان مان ڪو حق کان گمراھہ ٿي وڃي ۽ ٻيو جيڪو انھيءَ کي ڦيرائي راھہ تي آڻي، 20#چوڻ ۱۲:۱۰، ۱.پط ۸:۴ تڏھن اوھين ڄاڻي ڇڏيو تہ اھو جيڪو ڪنھن گنھگار کي گمراھيءَ کان ڦيرائي راھہ تي ٿو آڻي، سو انھيءَ جي روح کي موت کان بچائيندو ۽ گھڻا گناھہ ڍڪي ڇڏيندس.
Currently Selected:
يعقوب 5: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society