اِفسين تعارف
تعارف
اِفسين ڏانھن پولس رسول جي لکيل ھن خط جو تعلق سڀ کان پھريائين خدا جي ھن منصوبي سان آھي تہ ”انھيءَ لاءِ تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ تي اھڙو بندوبست ٿئي جو سڀ شيون جيڪي آسمان توڙي زمين تي آھن سي مسيح جي سنڀال ھيٺ گڏجي وڃن“ (۱۰:۱). اھو خدا جي بندن کي ھڪ عرض پڻ آھي تہ ھو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي وسيلي انسانذات جي اتحاد لاءِ انھيءَ عظيم منصوبي جي معنيٰ مطابق پنھنجي زندگي گذارين.
اِفسين جي پھرين حصي ۾ ليکڪ اتحاد جي موضوع کي انھيءَ رستي جي متعلق ڳالھائيندي اڳتي وڌائي ٿو جنھن ۾ خدا پيءُ ماڻھن کي پاڻ سان تعلق رکڻ لاءِ چونڊيو آھي، ڪيئن نہ عيسيٰ مسيح جي وسيلي کين معاف ڪيو ويو آھي ۽ کين سندن گناھن کان آزاد ڪيو ويو آھي ۽ ڪيئن نہ پاڪ روح جي وسيلي کين خدا جي عظيم واعدي جي ضمانت ڏني ويئي آھي. خط جي ٻئي حصي ۾ ھو پڙھندڙن کي عرض ٿو ڪري تہ اھي اھڙي طريقي سان زندگي گذارين جو سندن مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ سندن گڏيل زندگيءَ ۾ حقيقي ٿي پوي.
خدا جي بندن جو عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ کي ڏيکارڻ لاءِ ھن خط ۾ مختلف قسم جا مثال استعمال ڪيا ويا آھن، جيئن تہ: ڪليسيا ھڪ جسم وانگر آھي ۽ مسيح ان جو سر، يا ڪليسيا ھڪ عمارت وانگر آھي ۽ مسيح ان جي پيڙھہ جو پٿر يا ڪليسيا ھڪ زال وانگر آھي ۽ مسيح ان جو مڙس. جيئن ليکڪ مسيح ۾ خدا جي فضل جي سوچ سان تحرڪ وٺي ٿو، تيئن ھي خط اظھار جي بلندين کي وڃيو پھچي. ھر ڪا شيءِ مسيح جي پيار، قربانيءَ، معافيءَ، فضل ۽ پاڪائيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺي وڃي ٿي.
سِٽاءُ
تعارف ۱:۱–۲
مسيح جو ڪليسيا سان تعلق ۳:۱–۲۱:۳
مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري نئين زندگي ۱:۴–۲۰:۶
دعا سلام ۲۱:۶–۲۴
Currently Selected:
اِفسين تعارف: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society