YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 3

3
منڊي ماڻھوءَ کي شفا ملڻ
1ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جي مھل پطرس ۽ يوحنا ھيڪل ڏانھن عبادت ڪرڻ ويا. 2اتي سھڻي نالي دروازي وٽ ھڪ ڄائي ڄم کان منڊو ويٺو ھو، جنھن کي روزانو دروازي وٽ انھيءَ لاءِ ويھاريندا ھئا تہ ھو ھيڪل ۾ ايندڙ ماڻھن کان پني. 3ھن جڏھن پطرس ۽ يوحنا کي ھيڪل ۾ ويندي ڏٺو تہ انھن کان بہ خيرات گھريائين. 4تنھن تي انھن ھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ پطرس چيس تہ ”اسان ڏانھن نھار.“ 5سو ھن انھن ڏانھن نھاريو ۽ سمجھيائين تہ اھي کيس ڪجھہ ڏيندا. 6پطرس ھن کي چيو تہ ”مون وٽ سون چاندي تہ ڪونھي، پر آءٌ تو کي اھو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آھي، تہ پوءِ اُٿ، عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي گھم ڦر.“ 7پوءِ ھن ان کي ساڄي ھٿ کان وٺي اٿاريو. انھيءَ دم ان ماڻھوءَ جا پير ۽ مُرا مضبوط ٿي ويا. 8ھو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. پوءِ ھو انھن سان گڏ گھمندو، ٽپا ڏيندو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو ھيڪل ۾ ويو. 9سڄيءَ خلق ھن کي گھمندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ڏٺو. 10انھن ھن کي سڃاتو تہ ھي اھو پينو فقير آھي، جيڪو ھيڪل جي سھڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو ھو. اھي سڀيئي ھن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.
پطرس جو ھيڪل ۾ تبليغ ڪرڻ
11اڃا ھو پطرس ۽ يوحنا کي جھليو بيٺو ھو تہ سڀيئي ماڻھو ڏاڍي حيرت ۾ پئجي انھيءَ ورانڊي ۾ وٽن اچي گڏ ٿيا، جنھن کي سليماني ورانڊو ڪري سڏيندا آھن. 12جڏھن پطرس اھو حال ڏٺو، تڏھن ماڻھن کي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ھن ماڻھوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانھن گھوري ڇو ٿا نھاريو؟ ڇا اسان ھن کي پنھنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ جي ڪري گھمڻ جي طاقت ڏني آھي؟ 13#خر ۱۵‏:۳ ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا ۽ اسان جي وڏن جي خدا پنھنجي ٻانھي عيسيٰ کي جلال بخشيو، پر اوھان ھن کي پڪڙايو ۽ کيس پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس ھن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو ھو. 14#مت ۱۵‏:۲۷‎–۲۳، مر ۶‏:۱۵‎–۱۴، لو ۱۳‏:۲۳‎–۲۳، يو ۱۲‏:۱۹‎–۱۵ ھو پاڪ ۽ سچار ھو، پر اوھان کيس رد ڪري ھڪ خونيءَ کي آزاد ڪرڻ جو عرض ڪيو. 15اھڙيءَ طرح اوھان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انھيءَ ڳالھہ جا شاھد آھيون. 16اھا عيسيٰ جي نالي جي قدرت ۽ مٿس ايمان ئي آھي جنھن ھن منڊي ماڻھوءَ کي گھمڻ جي طاقت ڏني، جنھن کي اوھين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. اھو عيسيٰ جو نالو ۽ مٿس ايمان ئي آھي، جنھن ھن کي چڱو ڀلو ڪيو ۽ اوھين پاڻ ھن کي چڱيءَ طرح ڏسي سگھو ٿا.
17اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان ۽ اوھان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ عيسيٰ سان ڪيو، سو اڻ⁠ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو. 18اھڙيءَ طرح خدا جيڪو اڳي سڀني نبين جي معرفت چيو ھو تہ ’سندس مسيح تڪليفون سھندو،‘ سو سچ ثابت ٿيو. 19تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن، 20تان تہ خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينھن اچن ۽ ھو عيسيٰ کي موڪلي جيڪو اوھان لاءِ اڳي ئي مسيح مقرر ٿيل آھي. 21ھو تيستائين ضرور آسمان ۾ رھندو، جيستائين سڀني ڳالھين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينھن اچن، جن بابت خدا پنھنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو ھو. 22#شر ۱۵‏:۱۸‏،۱۸ ڇاڪاڻ⁠تہ موسيٰ چيو ھو تہ ’خداوند اوھان جو خدا اوھان لاءِ اوھان مان مون جھڙو ھڪ نبي موڪليندو. اھو جيڪي ⁠بہ ڳالھيون اوھان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو. 23#شر ۱۹‏:۱۸ جيڪو بہ انھيءَ نبيءَ جون ڳالھيون نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘ 24سموئيل کان وٺي جيڪي ⁠بہ نبي آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني ھنن ڏينھن جو ذڪر ڪيو آھي. 25#پيد ۱۸‏:۲۲ اوھين انھن نبين جا وارث ۽ انھيءَ عھد جا شريڪ آھيو جيڪو خدا اوھان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو، جيئن ھن ابراھيم کي چيو تہ ’تنھنجي اولاد جي وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملندي.‘ 26انھيءَ ڪري خدا پنھنجي ٻانھي کي چونڊي پھريائين اوھان ڏانھن موڪليو تہ ھو اوھان کي اھا برڪت ڏئي جو اوھين سڀيئي بڇڙاين کان منھن موڙيو.“

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy