رسولن جا ڪم 26
26
پولس جو اگرپا اڳيان بچاءَ جو بيان
1اگرپا پولس کي چيو تہ ”اوھان کي اجازت آھي تہ اوھين پنھنجي پاران ڪجھہ چئو.“ پولس ھٿ ھلائي پنھنجي بچاءَ ۾ ھي بيان ڏنو تہ 2”اي بادشاھہ اگرپا! آءٌ پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجھان جو اڄ اوھان جي اڳيان انھن ڳالھين جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يھودين مون تي تھمت ھنئي آھي، 3ڇالاءِجو اوھين تہ يھودين جي سڀني ريتن رسمن کان چڱيءَ طرح واقف آھيو. سو منھنجو اوھان کي خاص عرض آھي تہ مھرباني ڪري منھنجو بيان صبر سان ٻڌو.
4سڀيئي يھودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنھنجي حياتي پنھنجي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيئن گذاري آھي. 5#رس ۶:۲۳، فل ۵:۳ گھڻي وقت کان وٺي اھي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏھن مرضي ھجين تہ شاھدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنھنجي مذھب جي سڀني کان سخت پابند فرقي فريسيءَ موجب زندگي گذاريندو ھوس. 6سو ھاڻي مون کي انھيءَ اميد رکڻ جي ڪري ھتي ڪورٽ ۾ آڻي بيھاريو اٿن، تہ جيڪو واعدو خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو سو پورو ٿيندو. 7انھيءَ واعدي جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارھن ئي قبيلا دلوجان سان ڏينھن رات خدا جي عبادت ڪري رھيا آھن. اي بادشاھہ سلامت! انھيءَ اميد جي ڪري تہ يھودين مون تي اھا تھمت ھنئي آھي. 8پر اوھان سڀني کي اھا ڳالھہ ناممڪن ڇو ٿي لڳي تہ خدا مئلن کي وري جيئرو ڪري اٿاريندو؟
9 # رس ۳:۸، ۴:۲۲–۵ ڪنھن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو ھوس تہ مون کي عيسيٰ ناصريءَ جي خلاف گھڻو ڪجھہ ڪرڻ گھرجي. 10سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو ھوس. سردار ڪاھنن کان اختياري وٺي ڪيترن ئي خدا جي ماڻھن کي جيل ۾ وجھرائيندو ھوس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انھن جي خلاف پنھنجو رايو بہ ڏيندو ھوس. 11سڀني يھودي عبادتخانن ۾ گھڻا ئي دفعا انھن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن ڪفر بڪائيندو ھوس، بلڪ انھن جي خلاف اھڙو تہ ڇتو ٿي لڳو ھوس جو ٻاھرين شھرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو ھوس.“
پولس جو پنھنجي تبديليءَ بابت ٻڌائڻ
(رسولن جا ڪم ۱:۹–۱۹، ۶:۲۲–۱۶)
12”انھيءَ ڪم لاءِ ھڪڙي دفعي آءٌ سردار ڪاھنن کان اختياريءَ جو پروانو وٺي دمشق ڏانھن پئي ويس. 13اي بادشاھہ سلامت! ٻنپھرن جو وقت ھو جو رستي ويندي مون آسمان مان ھڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار ھئي، سا مون تي ۽ منھنجي ساٿين تي اچي چمڪي. 14اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ ھڪ آواز ٻڌو تہ ’اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنھنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پھچائين؟‘ 15مون پڇيو تہ ’خداوند! تون ڪير آھين؟‘ تنھن تي خداوند وراڻيو تہ ’آءٌ عيسيٰ آھيان، جنھن کي تون ستائين پيو. 16پر ھاڻي اٿ ۽ سڌو ٿي بيھہ. مون ھن مقصد لاءِ تو کي ڏيکاري ڏني آھي تہ آءٌ تو کي پنھنجو ٻانھو ۽ شاھد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آھي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالھيون تو کي ڏيکاريندو رھندس سي بہ کين ٻڌائين. 17آءٌ تو کي تنھنجي قوم ۽ غير قومن کان بچائيندس، جن ڏانھن تو کي موڪليندس. 18تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“
پولس جو پنھنجي ڪم بابت ٻڌائڻ
19”سو اي بادشاھہ اگرپا! مون جيڪا آسمان مان رويا ڏٺي، تنھن کان منھن نہ موڙيو اٿم. 20#رس ۲۰:۹، ۲۸–۲۹ پھريائين دمشق، پوءِ يروشلم، يھوديہ جي سڄي علائقي ۽ غيرقومن ۾ مون اھا تبليغ ڪئي تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اھڙا ڪم ڪن جن مان خبر پوي تہ ھنن سچپچ توبھہ ڪئي آھي. 21اھو ئي سبب ھو جو يھودين مون کي ھيڪل ۾ گرفتار ڪيو ۽ مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. 22پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آھي، سو آءٌ پنھنجيءَ ڳالھہ تي قائم آھيان ۽ ھر غريب توڙي امير جي اڳيان ھڪ جھڙي شاھدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اھي ڳالھيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي چئي ويا آھن تہ اھي ضرور ٿينديون. 23#يس ۶:۴۲، ۶:۴۹، ۱.ڪر ۲۰:۱۵ اھي ھي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ اھو ئي پھريائين مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو، تہ جيئن يھودين ۽ غير قومن کي روشنيءَ جي خبر ٻڌائي.“
24جيئن ئي پولس ھن نموني پنھنجو بچاءُ ڪري رھيو ھو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو ٿي پيو آھين. تنھنجي گھڻي علم تو کي چريو ڪري ڇڏيو آھي.“ 25تنھن تي پولس وراڻيو تہ ”سائين! آءٌ چريو نہ آھيان، پر سچ ۽ عقل جون ڳالھيون ٿو ڪريان. 26بادشاھہ جنھن سان آءٌ بيڌڙڪ ٿي ڳالھايان ٿو، تنھن کي بہ انھن ڳالھين جي پوري ڄاڻ آھي، بلڪ پڪ اٿم تہ انھن مان ڪابہ ڳالھہ کانئس ڳجھي نہ آھي، ڇالاءِجو اھا ڳالھہ ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ نہ ٿي آھي. 27اي اگرپا بادشاھہ! ڇا اوھين نبين کي مڃو ٿا؟ ھائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھين مڃيندا آھيو.“
28تنھن تي اگرپا پولس کي چيو تہ ”تون ٿوري وقت ۾ مون کي مسيحي بڻائيندين ڇا؟“ 29پولس وراڻيو تہ ”ٿوري يا گھڻي وقت ۾، پر منھنجي تہ خدا جي در اھا دعا آھي تہ شل اوھين ۽ ھي ٻيا جيڪي منھنجي ٻڌي رھيا آھن، سي مون جھڙا ٿين سواءِ ھنن زنجيرن جي.“
30پوءِ بادشاھہ اٿي کڙو ٿيو. گورنر، برنيڪي ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ويٺا ھئا، سي سڀ بہ اٿي کڙا ٿيا، 31۽ ٻاھر نڪرندي ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ تہ اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت يا جيل جي سزا ڏني وڃي.“ 32پوءِ اگرپا فيستس کي چيو تہ ”ھي ماڻھو جيڪڏھن قيصر کي اپيل نہ ڪري ھا تہ جيڪر ڇٽي وڃي ھا.“
Currently Selected:
رسولن جا ڪم 26: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society