رسولن جا ڪم 25
25
پولس جي شھنشاھہ کي اپيل
1ھن علائقي ۾ پھچڻ کان ٽي ڏينھن پوءِ فيستس قيصريہ کان يروشلم ڏانھن ويو. 2سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن فيستس وٽ وڃي پولس جي خلاف دانھن ڏني ۽ عرض ڪيائونس تہ 3”اوھين مھرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ ڇالاءِجو ھنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري کپائي ڇڏين. 4پر فيستس کين جواب ڏنو تہ ”پولس قيصريہ ۾ نظربند آھي ۽ آءٌ پاڻ اوڏانھن وڃڻ وارو آھيان. 5اوھان مان جيڪي معتبر آھن، سي مون سان گڏجي ھلن ۽ جيڪڏھن انھيءَ ماڻھوءَ ڪو ڏوھہ ڪيو ھوندو تہ پوءِ ڀلي مٿس الزام ھڻن.“
6فيستس اٺ ڏھہ ڏينھن کن اتي گذاريا ۽ پوءِ قيصريہ ڏانھن ھليو ويو. ٻئي ڏينھن تي جج جي ڪرسيءَ تي ويھي حڪم ڏنائين تہ ”پولس کي اندر آڻيو.“ 7جڏھن پولس پھتو تڏھن يھودي جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس ڏاڍيون سخت تھمتون ھنيائون، پر انھن جي ثابتي نہ ڏيئي سگھيا. 8پولس پنھنجي بچاءَ ۾ چيو تہ ”مون يھودين جي شريعت جو، ھيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.“ 9فيستس يھودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانھن ھلندين تہ جيئن اتي منھنجي اڳيان ھنن ڳالھين جو فيصلو ٿئي؟“ 10پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آھيان، تنھنڪري منھنجو فيصلو بہ ھتي ٿيڻ گھرجي. اوھين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يھودين جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي. 11جيڪڏھن آءٌ ڏوھدار آھيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آھي. پر جن ڳالھين جي اھي مون تي تھمت ھڻن ٿا، سي سچيون ڪين آھن. پوءِ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي اھو حق نہ آھي تہ ھو مون کي انھن جي حوالي ڪري. تنھنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“ 12تنھن تي فيستس پنھنجن صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪري وراڻيو تہ ”تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آھي، تنھنڪري تو کي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.“
پولس اگرپا ۽ برنيڪيءَ اڳيان
13ڪن ڏينھن کان پوءِ اگرپا بادشاھہ ۽ سندس ڀيڻ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا. 14ھو ڪيترائي ڏينھن اتي ٽڪيا پيا ھئا، سو فيستس پولس جي ڪيس جو احوال بادشاھہ کي ٻڌائيندي چيو تہ ”ھڪڙو شخص آھي، جنھن کي فِيلِڪس جيل ۾ ڇڏي ھليو ويو آھي. 15جڏھن آءٌ يروشلم ۾ ھوس تڏھن انھيءَ ماڻھوءَ جي خلاف سردار ڪاھن ۽ يھودين جي بزرگن مون کي دانھن ڏني ھئي ۽ عرض ڪيو ھئائون تہ آءٌ کيس سزا ڏيان. 16پر مون کين جواب ڏنو تہ جيستائين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي ۽ جيڪو الزام ھو مٿس ھڻن ٿا تنھن جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻ جو موقعو نہ مليس، تيستائين کيس سزا ڏيڻ رومين جي دستور ۾ نہ آھي. 17سو جڏھن ھو ھتي اچي گڏ ٿيا تڏھن مون دير ڪانہ ڪئي، بلڪ ٻئي ڏينھن تي ڪورٽ ۾ جج جي ڪرسيءَ تي ويھي مون حڪم ڏنو تہ ’انھيءَ ماڻھوءَ کي وٺي اچو.‘ 18پر جڏھن سندس مخالف اٿي بيٺا، تڏھن انھن مٿس اھڙو ڪوبہ الزام ڪونہ ھنيو جن ڏوھن جو مون کي گمان ھو. 19پر ھنن ساڻس پنھنجي دين ۽ عيسيٰ نالي ھڪڙي شخص بابت تڪرار ٿي ڪيو، جيڪو مري ويو ھو ۽ پولس چوي ٿو تہ ھو جيئرو آھي. 20مون کي سمجھہ ۾ نہ آيو تہ انھن ڳالھين جي صحيح جاچ ڪيئن ڪجي. تنھنڪري مون پولس کان پڇيو تہ ’ڇا تون يروشلم ڏانھن وڃڻ ۾ راضي آھين تہ جيئن اتي انھن ڳالھين جو فيصلو ٿئي؟‘ 21پر جڏھن پولس اپيل ڪئي تہ سندس ڪيس جو فيصلو قيصر جي ڪورٽ ۾ ٿئي، تڏھن مون حڪم ڏنو تہ جيستائين آءٌ کيس قيصر ڏانھن نہ موڪليان تيستائين ھو نظربند رھي.“ 22تنھن تي اگرپا فيستس کي چيو تہ ”منھنجي پاڻ اھا مرضي آھي تہ آءٌ انھيءَ ماڻھوءَ جون ڳالھيون ٻڌان.“ فيستس کيس وراڻيو تہ ”اوھين سڀاڻي ئي کڻي ھن جون ڳالھيون ٻڌجو.“
23ٻئي ڏينھن تي اگرپا ۽ برنيڪي وڏي شان وَ شوڪت سان درٻار ھال ۾ داخل ٿيا. ھنن سان فوجي ڪپتان ۽ معزز شھري بہ ساڻ ھئا. فيستس حڪم ڏنو تہ ”پولس کي اندر آندو وڃي.“ 24پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاھہ اگرپا ۽ معزز حاضرين! ھن شخص ڏانھن ڏسو، جنھن بابت يھودين جي سڄي خلق ھتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪئي ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’ھن ماڻھوءَ کي جيئرو نہ ڇڏيو.‘ 25پر مون کي خبر پيئي تہ ھن شخص اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت جي سزا ڏجي. ھن پاڻ شھنشاھہ وٽ اپيل ڪئي، جنھن ڪري مون فيصلو ڪيو تہ کيس اوڏانھن موڪليان. 26پر ھن بابت ڪابہ پڪي خبر نہ آھي، جا آءٌ شھنشاھہ ڏانھن لکي موڪليان. تنھنڪري مون ھن کي اوھان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي بادشاھہ اگرپا! اوھان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوھين ھن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان. 27ڇالاءِجو اھو غيرواجبي آھي جو آءٌ ھڪ قيديءَ کي تہ موڪليان، پر مٿس جيڪي الزام لڳل آھن، تن بابت چٽيءَ طرح سان نہ لکان.“
Currently Selected:
رسولن جا ڪم 25: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society