YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 14

14
اِڪونيم ۾
1ساڳيءَ طرح اِڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويا ۽ اھڙي نموني تقرير ڪيائون جو ڪيترن ئي يھودين ۽ غير قوم وارن ايمان آندو. 2پر جن يھودين ايمان نہ آندو، تن غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انھن جي جذبات کي ڀائرن جي خلاف ڪيائون. 3رسول اتي گھڻو وقت ترسيا ۽ خداوند بابت دليريءَ سان ڳالھائيندا رھيا. خداوند سندن ھٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنھنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ڪيو. 4پر شھر جي ماڻھن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي ۽ انھن مان ڪي يھودين جي طرف تہ ڪي رسولن جي طرف ٿي بيٺا.
5پوءِ غير قوم وارن ۽ يھودين پنھنجي اڳواڻن سميت گڏجي منصوبو جوڙيو تہ ھو رسولن سان بدسلوڪي ڪندا ۽ کين سنگسار ڪندا. 6جڏھن رسولن کي اھا خبر پئجي ويئي تہ ھو لوڪئُنيا علائقي جي شھرن لسترا ۽ دربي ۽ انھن جي آس⁠پاس وارن علائقن ڏانھن ڀڄي ويا. 7اتي بہ اھي خوشخبري ٻڌائيندا رھيا.
لسترا ۾
8لسترا ۾ ھڪ ماڻھو رھندو ھو جنھن جا پير سڪل ھئا. ھو ڄمندي ئي منڊو ھو ۽ ڪڏھن بہ پنڌ نہ ڪيو ھئائين. 9جڏھن ھو پولس جون ڳالھيون ٻڌي رھيو تہ پولس ھن ڏانھن چتائي نھاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس ايترو ايمان آھي جو ھو چڱو ڀلو ٿي سگھندو. 10سو کيس وڏي آواز سان چيائين تہ ”پنھنجي پيرن تي سڌو ٿي بيھہ.“ ھو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ گھمڻ لڳو. 11جڏھن ماڻھن پولس جو ھي ڪم ڏٺو تہ پنھنجي لوڪئُنيا ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳا تہ ”انسانن جي صورت ۾ ديوتا اسان وٽ لھي آيا آھن.“ 12ھنن برنباس جي نالي چيو تہ ”ھيءُ زيوس ديوتا آھي“ ۽ پولس جي نالي چيو تہ ”ھيءُ ھرميس ديوتا آھي.“ ڇالاءِ⁠جو مکيہ ڳالھائڻ وارو پولس ھو. 13تڏھن زيوس ديوتا جي انھيءَ مندر جي پوڄاريءَ، جيڪو شھر کان ٻاھر ھو پاڻ سان گلن جا ھار ۽ ڪجھہ ڏاند شھر جي دروازي تي وٽن آندا ۽ ماڻھن جي ميڙ سان گڏ انھن جي قرباني پيش ڪرڻ ٿي چاھيائين. 14پر جڏھن برنباس ۽ پولس ٻنھي رسولن کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پيئي، تڏھن ھو پنھنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻھن جي وچ ۾ بيٺا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ 15#خر ۱۱‏:۲۰، زب ۶‏:۱۴۶ ”اي انسانو! اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوھان جھڙا فاني انسان آھيون. اسين تہ اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آھيون تہ اوھين ھنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انھيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجھن آھي سو پيدا ڪيو آھي. 16گذريل زمانن ۾ ھن ھر قوم کي پنھنجي پنھنجي رستي تي ھلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ھو. 17تنھن ھوندي بہ ھن ھميشہ چڱا ڪم ڪري پنھنجي وجود جي شاھدي ڏني آھي. انھيءَ لاءِ ھن مينھن وسائي اوھان کي ڀلا فصل عطا ڪيا آھن، ڪشادي روزي ڏني آھي ۽ اوھان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آھي.“ 18ايتري سمجھائڻ کان پوءِ بہ رسولن ماڻھن کي اھڙي قرباني پيش ڪرڻ کان وڏيءَ مشڪل سان روڪيو.
19ايتري ۾ ڪي يھودي پسديا واري انتاخيا ۽ اِڪونيم کان اچي پھتا ۽ ماڻھن کي پنھنجي طرف ڦيري ويا. ھنن پولس کي پٿر ھڻايا ۽ کيس شھر مان گھلي ٻاھر ڦٽو ڪيائون، ڇالاءِ⁠جو سمجھيائون تہ ھو مري چڪو آھي. 20پر جڏھن شاگرد چوڌاري مڙي آيس تہ ھو اٿي بيٺو ۽ شھر ڏانھن موٽي ويو. ٻئي ڏينھن تي پولس ۽ برنباس دربيءَ ڏانھن روانا ٿي ويا.
شام واري انتاخيا ڏانھن موٽڻ
21دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جي منادي ڪئي ۽ ڪيترائي شاگرد بڻايائون. پوءِ ھو موٽي لسترا، اِڪونيم ۽ پسديا جي انتاخيا ۾ آيا. 22انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“ 23ھنن ھر ھڪ ڪليسيا لاءِ بزرگ مقرر ڪيا ۽ انھن بزرگن لاءِ روزا رکي دعا گھريائون ۽ کين خداوند جي حوالي ڪيائون، جنھن تي ھنن ايمان آندو ھو.
24سڄي پسديا کان ٿيندا ھو پمفوليا ۾ آيا. 25انھن پرگا ۾ ڪلام جي تبليغ ڪئي ۽ پوءِ اطاليا ڏانھن ويا. 26اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي انتاخيا ڏانھن روانا ٿيا، جتي انھيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ کين خدا جو فضل عطا ڪيو ويو ھو، جيڪو ڪم ھنن ھاڻي پورو ڪيو.
27اتي پھچي ھنن ڪليسيا جي ماڻھن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن ھنن خدا جي معرفت ڪم ڪيا ۽ ڪھڙيءَ طرح خدا غير قومن جي لاءِ ايمان جو دروازو کولي ڇڏيو. 28پوءِ ھو شاگردن وٽ گھڻي عرصي تائين ترسي پيا.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in