YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 11

11
پطرس جو پنھنجا ڪم بيان ڪرڻ
1رسولن ۽ سڄي يھوديہ ۾ ڀائرن ٻڌو تہ غير قومن بہ خدا جو ڪلام قبول ڪيو آھي. 2جڏھن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ جيڪي ايمان وارا طھر ڪرائڻ جي حق ۾ ھئا، تن ساڻس بحث ڪيو تہ 3”تون نہ رڳو اڻ⁠طھريلن جي گھر ۾ مھمان ھئين، بلڪ تو انھن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آھي.“ 4تنھن تي پطرس انھن کي شروعات کان وٺي جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو سو سڄو احوال ٻڌايو تہ 5”جڏھن آءٌ يافا شھر ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون رويا ڏٺي تہ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان ھيٺ لھندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پھتي. 6مون چتائي ڏٺو تہ منجھس گھريلو ۽ جھنگلي جانور، جيت ۽ پکي نظر آيا، 7۽ ھڪڙو آواز ٻڌم، جنھن مون کي چيو تہ ’پطرس! اٿ ۽ اھي ڪھي کاءُ.‘ 8پر مون چيو تہ ’خداوند! ھرگز نہ، ڇالاءِ⁠جو مون اڄ ڏينھن تائين ڪڏھن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ نہ کاڌي آھي.‘ 9تنھن تي وري آسمان مان آواز آيو تہ ’جنھن شيءِ کي خدا پاڪ ڪيو آھي تنھن کي پليت نہ چئُہ.‘ 10ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اھي سڀيئي شيون آسمان ڏانھن کڄي ويون. 11ايتري ۾ ٽي ماڻھو جن کي قيصريہ مان مون ڏانھن موڪليو ويو ھو، سي انھيءَ گھر جي اڳيان اچي بيٺا جنھن ۾ آءٌ ٽڪيل ھوس. 12پاڪ روح مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انھن سان گڏ ھليو وڃ.‘ تڏھن ھي اسان جا ڇھہ ڀائر بہ مون سان گڏجي يافا مان ھليا ۽ قيصريہ ۾ اسين ڪرنيليس جي گھر پھتاسون. 13ھن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن ھڪ ملائڪ سندس گھر ۾ اچي بيٺو، جنھن کيس چيو تہ ’يافا مان انھيءَ ماڻھوءَ کي گھراءِ، جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن. 14ھو تو کي اھڙو ڪلام ٻڌائيندو جنھن جي وسيلي تو کي ۽ تنھنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘ 15جڏھن مون انھن سان ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ پاڪ روح انھن تي نازل ٿيو. بلڪل ائين جيئن شروع ۾ اسان تي نازل ٿيو ھو. 16#رس ۵‏:۱ پوءِ مون کي خداوند جو چوڻ ياد آيو تہ ’يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني ھئي، پر اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.‘ 17اھو صاف آھي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آھي، جيڪا ھن اسان کي عطا ڪئي ھئي جڏھن اسان خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ھو. پوءِ آءٌ ڪير ھئس جو خدا کي روڪي سگھان ھا؟“ 18جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“
انتاخيا جي ڪليسيا
19 # رس ۱‏:۸‎–۴ استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ جيڪا مصيبت آئي، تنھن جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انھن مان ڪي تہ فينيڪي، قبرص ۽ انتاخيا تائين وڃي پھتا. اتي يھودين کان سواءِ ھو ٻئي ڪنھن کي بہ خدا جو ڪلام نہ ٻڌائيندا ھئا. 20پر انھن مان ڪي قبرص ۽ ڪرين جا ماڻھو جيڪي انتاخيا ۾ پھتا، سي غير قومن کي بہ خداوند عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌائڻ لڳا. 21جيئن تہ خداوند جو مٿن ھٿ ھو، سو ڪيترائي ماڻھو ڏانھس ڦري آيا ۽ خداوند تي ايمان آندائون.
22ھي خبرون جڏھن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پھتيون تہ انھن برنباس کي انتاخيا ڏانھن موڪليو. 23برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل⁠ وَ جان سان وفادار رھجو.“ 24برنباس ھڪ نيڪ شخص ھو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور ھو. سو گھڻن ئي ماڻھن خداوند تي ايمان آندو.
25پوءِ برنباس شائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانھن ويو. 26جڏھن ھن کي ڳولي لڌائين، تڏھن کيس انتاخيا ۾ وٺي آيو. ھو ٻئي ڪليسيا جي ماڻھن سان سڄو سال ملندا رھيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کي تعليم ڏنائون. اھو انتاخيا ۾ ئي ٿيو جو شاگرد پھريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.
27انھن ڏينھن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاخيا ڏانھن آيا. 28#رس ۱۰‏:۲۱ انھن مان اگبس نالي ھڪڙو نبي اٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پيشنگوئي ڪيائين تہ سڄيءَ دنيا ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آھي. ائين ئي ٿيو ۽ اھو ڏڪار ڪلوديس شھنشاھہ جي ڏينھن ۾ پيو. 29شاگردن مان ھر ھڪ اھو ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يھوديہ ۾ رھن ٿا تن ڏانھن پنھنجي وسعت آھر ڪجھہ مدد طور موڪلين. 30سو ھنن ائين ئي ڪيو ۽ ڪجھہ پيسا برنباس ۽ شائول جي ھٿان ڪليسيا جي بزرگن ڏانھن ڏياري موڪليائون.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in