YouVersion Logo
Search Icon

2.ٿسلونيڪين 2

2
وڳوڙي ماڻھو
1 # ۱.ٿس ۱۵‏:۴‎–۱۷ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ ۽ ھن وٽ اسان جي گڏ ٿيڻ بابت اوھان کي منٿ ٿا ڪريون، 2تہ اوھين اھو سمجھي ڄڻ تہ خداوند جو ڏينھن اڳي ئي اچي ويو آھي، پنھنجن خيالن ۾ سولائيءَ سان ڊانوانڊول نہ ٿيو. نڪي اوھين پريشان ٿيو، نہ ڪنھن اڳڪٿيءَ کان، نہ ڪنھن افواھہ کان ۽ نہ ڪنھن خط کان جيڪو اسان وٽان آيل سمجھو. 3ڪنھن بہ طرح ڪنھن ماڻھوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو. ڇالاءِ⁠جو اھو ڏينھن تيستائين نہ ايندو، جيستائين ماڻھو پھرين خدا کان ڦري نہ وڃن ۽ وڳوڙي ماڻھو جنھن جي پڇاڙي بربادي آھي ظاھر نہ ٿئي. 4#دان ۳۶‏:۱۱، حز ۲‏:۲۸ ھو پاڻ کي انھن سڀني کان مٿاھون ڄاڻيندڙ ۽ انھن جي مخالفت ڪندڙ آھي، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو ھو خدا جي ھيڪل ۾ ويھي پاڻ کي خدا مشھور ڪندو.
5اوھان کي ياد ناھي ڇا تہ جڏھن آءٌ اوھان وٽ ھوس، تڏھن اوھان کي اھي ڳالھيون ٻڌائيندو ھوس؟ 6ھاڻ اوھين ڄاڻو ٿا تہ اھا ڪھڙي طاقت آھي جيڪا ھن وڳوڙيءَ کي روڪيو بيٺي آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجي پوري وقت تي ظاھر ٿئي. 7جيئن تہ وڳوڙ جي ڳجھي طاقت اڳي ئي اثر ڪندي ٿي رھي، پر ھاڻي ان کي ھڪ روڪڻ وارو آھي، جيڪو کيس تيستائين روڪيندو رھندو، جيستائين ھن کي رستي کان ھٽايو نہ ويندو. 8#يس ۴‏:۱۱ تنھن کان پوءِ اھو وڳوڙي ظاھر ٿيندو، جنھن کي خداوند عيسيٰ پنھنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو ۽ پنھنجي اچڻ جي جلوي سان چٽ ڪري ڇڏيندو. 9#مت ۲۴‏:۲۴ انھيءَ وڳوڙيءَ جو اچڻ شيطان جي عمل موجب ٿيندو، جنھن جي پوري طاقت سان ھو ڪوڙيون ڪرامتون ۽ عجيب مگر ڪوڙا ڪم ڪري ڏيکاريندو. 10ھو برباد ٿيڻ وارن کي ھر قسم جي بڇڙائيءَ سان فريب ڏيندو. اھي ماڻھو انھيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جي محبت اختيار نہ ڪيائون، جنھن سان سندن ڇوٽڪارو ٿئي ھا. 11اھو ئي سبب آھي جو خدا ھنن تي گمراھيءَ جو اثر وجھندو، تہ جيئن ھو ان ڪوڙ کي مڃين. 12انھيءَ لاءِ تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رھن، تن سڀني کي ڏوھي ٺھرايو وڃي.
ثابت قدم رھو
13پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جا پيارؤ! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ⁠جو خدا شروع کان ئي اوھان کي انھيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو. 14ھن اوھان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي انھيءَ لاءِ سڏيو، تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي عظمت ۾ ڀائيوار ٿيو. 15تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رھو ۽ انھن ڳالھين تي قائم رھو، جيڪي اسان اوھان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آھن.
16شل اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنھن اسان سان محبت رکي ۽ پنھنجي فضل جي ڪري اسان کي ھميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني، 17سو اوھان جي دلين کي ھمت ڏئي ۽ ھر چڱي ڪم ڪرڻ ۽ چوڻ جي طاقت بخشي.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for 2.ٿسلونيڪين 2