YouVersion Logo
Search Icon

2.ڪرنٿين 10

10
پولس جو پاڻ لاءِ بچاءُ
1ھاڻي آءٌ پولس، جيڪو اوھان جي روبرو نِوڙت وارو آھيان پر اوھان جي پرپٺ اوھان جي واسطي وڏيءَ ھمت وارو آھيان، سو مسيح جي نھٺائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوھان کي منٿ ٿو ڪريان. 2ھائو، آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ زور نہ ڀرجو. ڇالاءِ⁠جو مون کي يقين آھي تہ ڪن اھڙن ماڻھن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو، جيڪي سمجھن ٿا تہ اسين دنياوي نيت سان زندگي ٿا گذاريون. 3جيتوڻيڪ اسين دنيا ۾ رھون ٿا، تنھن ھوندي بہ دنياوي نيت سان نہ ٿا وڙھون. 4ڇالاءِ⁠جو اسان جي لڙائيءَ جا ھٿيار دنياوي نہ آھن پر خدائي طاقت وارا آھن، جيڪي مضبوط قلعن کي بہ ڊاھيو وجھن. 5اسين اجاين دليلن ۽ ھر ان وڏي رڪاوٽ کي ڊاھيون ٿا، جيڪا خدا جي سڃاڻپ جي برخلاف اڀري ٿي. اسين ھر ھڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جو فرمانبردار ٿا بڻايون. 6اسين تيار ٿا رھون تہ جڏھن اوھان جي فرمانبرداري مڪمل ٿئي، تڏھن ھر طرح جي نافرماني ڪندڙ کي سزا ڏيون.
7اوھين رڳو انھن شين تي نظر ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي اکين اڳيان آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي پاڻ تي اھو يقين آھي تہ ھو مسيح جو آھي، تہ انھيءَ کي وري دل ۾ اھو بہ سوچڻ گھرجي تہ جھڙيءَ طرح ھو پاڻ مسيح جو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ آھيون. 8ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ کڻي انھيءَ اختيار تي گھڻو فخر ڪريان، جيڪو خداوند اسان کي اوھان جي روحاني واڌاري لاءِ ڏنو آھي، نہ ڊاھي ڇڏڻ لاءِ، تڏھن بہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس. 9ھي آءٌ انھيءَ لاءِ ٿو چوان تہ متان اوھين سمجھو تہ آءٌ اوھان کي پنھنجن خطن ذريعي ڊيڄاريان ٿو. 10ڇالاءِ⁠جو ڪو چوي ٿو تہ ”پولس جا خط بيشڪ اثر وارا ۽ زبردست آھن، پر جڏھن پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ ھن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جھڙي اٿس.“ 11اھڙي ماڻھوءَ کي سمجھڻ گھرجي تہ جھڙو پرپٺ خطن ۾ اسان جو ڪلام آھي اھڙو ئي روبرو اسان جو ڪم بہ ھوندو.
12ڇالاءِ⁠جو اسان کي اھا جرئت ڪانھي جو پاڻ کي انھن ڪجھہ ماڻھن ۾ شمار ڪريون يا انھن سان ڀيٽيون جيڪي پنھنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. پر اھي پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا ٿين. 13مگر اسين حد کان وڌيڪ فخر نہ ڪنداسين، پر خدمت جي باري ۾ اسان جو فخر انھيءَ حد جي اندر ھوندو جيڪا خدا اسان لاءِ مقرر ڪئي آھي ۽ اوھين بہ ان ۾ شامل آھيو. 14ڇالاءِ⁠جو اسين اوھان تي حد کان وڌيڪ فخر نہ ٿا ڪريون، جھڙيءَ طرح اوھان تائين نہ پھچڻ جي حالت ۾ ٿئي ھا، پر اسان تہ مسيح جي خوشخبري ڏيندي اوھان تائين پھريائين پھچي ويا ھئاسين. 15اسين ٻين جي محنت تي حد کان وڌيڪ فخر نہ ٿا ڪريون، پر اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوھان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جو ڪم مقرر ڪيل حد مطابق اوھان ۾ وڌندو ويندو. 16سو اسين اوھان جي سرحد کان بہ پري وارن علائقن ۾ خوشخبري ٻڌائينداسين. ڪنھن ٻئي جي علائقي ۾ سندس ڪيل ڪم تي فخر نہ ڪنداسين. 17#ير ۲۴‏:۹ جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“ 18ڇالاءِ⁠جو جيڪو پنھنجي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اھو ئي قبول پوي ٿو جنھن جي تعريف خداوند ٿو ڪري.

Currently Selected:

2.ڪرنٿين 10: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in