1.تيمٿيس تعارف
تعارف
ايشيا کنڊ ۾ مسيح تي ايمان آڻيندڙن مان تيمٿيس ھڪ نوجوان خدمتگار ھو. سندس ماءُ يھودڻ ھئي ۽ پيءُ يوناني ھو. ھو تبليغي ڪم ۾ پولس رسول جو ساٿي ۽ مددگار بڻيو. پولس رسول جو تيمٿيس ڏانھن ھي پھريون خط ٽن اھم ڳالھين جي باري ۾ آھي.
ھن خط ۾ سڀ کان پھريائين پولس رسول اِفسس جي ڪليسيا ۾ ڏني ويندڙ انھيءَ ڪوڙي تعليم جي باري ۾ تيمٿيس کي آگاھہ ڪري ٿو، جيڪا يھودين ۽ غير يھودين جي خيالن جو ميلاپ ھئي. انھيءَ جو بنياد سندن ان عقيدي تي ھو تہ ماديت بڇڙي آھي ۽ ڪوبہ ماڻھو ڪا ڳجھي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ڪن خاص عملن کان سواءِ ڇوٽڪارو حاصل ڪري نہ سگھندو، مثلاً: ڪي کاڌا نہ کائڻ ۽ شادي نہ ڪرڻ، وغيرہ. ٻيو تہ ھن خط ۾ ڪليسيا جي انتظام ۽ عبادت جي باري ۾ ھدايتون آھن ۽ اھا بہ وضاحت ٿيل آھي تہ ڪليسيا جي نگھبانن ۽ خادمن جو ڪردار ڪيئن ھئڻ گھرجي. آخر ۾ پولس رسول تيمٿيس کي صلاح ڏئي ٿو تہ ھو عيسيٰ مسيح جو سٺو خادم ڪيئن ٿي سگھي ٿو. ھو کيس انھن ذميوارين جي باري ۾ بہ تاڪيد ڪري ٿو، جيڪي ڪليسيا ۾ ايمان آڻيندڙن بابت آھن.
سِٽاءُ
پيش لفظ ۱:۱–۲
ڪليسيا ۽ انھيءَ جي نگھبانن لاءِ ھدايتون ۳:۱–۱۶:۳
تيمٿيس کي سندس خدمت جي باري ۾ ھدايتون ۱:۴–۲۱:۶
Currently Selected:
1.تيمٿيس تعارف: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society