6
ناصرت وارن جو عيسيٰ مسيح کي قبول نہ ڪرڻ
(متي 13:53-58، لوقا 4:16-30)
1پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ موٽي آيو ۽ سندس شاگرد بہ هن جي پٺيان آيا. 2سبت جي ڏينهن تي هو عبادتخاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟ 3ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. 4#يو 4:44 تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”هر نبي پنهنجي ديس، مٽن مائٽن ۽ خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان لهندو آهي.“ 5-6عيسيٰ اتان جي ماڻهن جي ايمان جي گھٽتائيءَ ڪري ڪن ٿورن بيمارن تي هٿ رکي کين شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڏيکاري نہ سگھيو. انهن جي ايمان جي گھٽتائيءَ تي عيسيٰ کي ڏاڍو عجب لڳو.
پوءِ هو آسپاس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.
عيسيٰ مسيح جو ٻارهن شاگردن کي موڪلڻ
(متي 10:5-15، لوقا 9:1-6)
7عيسيٰ پنهنجي ٻارهن ئي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ ٻن ٻن جي ٽولي ۾ کين روانو ڪرڻ لڳو. انهن کي اختياري ڏنائين تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍين 8#لو 10:4-11 ۽ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”ماني، ٿيلهو، هڙ ۾ پئسو يا ٻيو ڪجھہ بہ پاڻ سان نہ کڻجو پر سفر لاءِ لٺ ڀلي کڻجو. 9پيرن ۾ جتي پائجو باقي هڪڙي پاتل جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا پاڻ سان نہ کڻجو.“ 10عيسيٰ کين اهو بہ چيو تہ ”جتي بہ وڃي ڪنهن گھر ۾ رهو تہ اتي ايستائين رهي پئجو، جيستائين ان شهر مان روانا نہ ٿيو. 11#رس 13:51 جيڪڏهن ڪنهن اهڙي هنڌ وڃو جتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنهنجي #6:11 پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو انهيءَ دور جي هڪ رسم، جنهن مان مراد ڪنهن ڳالهہ کي رد ڪرڻ جي صورت ۾ سڄي ذميواري سندن مٿان هجڻ جو اظهار ڪرڻ هو.پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“ 12پوءِ اهي روانا ٿي ويا ۽ ماڻهن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳا تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو.“ 13#يع 5:14 هنن ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيو.
حضرت يحيٰ جو قتل
(متي 14:1-12، لوقا 9:7-9)
14 #
مت 16:14، مر 8:28، لو 9:19 جيئن تہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي هاڪ هر هنڌ پکڙجي ويئي هئي، سو گليل صوبي جي بادشاهہ #6:14 هيروديس انتپاس هي بادشاهہ هيروديس اعظم جو پٽ هو.هيروديس انتپاس بہ هي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي. عيسيٰ بابت ڪي ماڻهو چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آهي، تنهنڪري هو اهڙا معجزا ڪري رهيو آهي.“ 15ٻيا وري چون پيا تہ ”هو الياس نبي آهي.“ ڪي چون پيا تہ ”هو اڳين نبين جهڙو هڪ نبي آهي.“
16جڏهن هيروديس هي ٻڌو تہ چيائين تہ ”پوءِ پڪ سان هي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو آهي، جنهن جي مون سسي لهرائي ڇڏي هئي. پر هاڻي هو وري جيئرو ٿيو آهي.“ 17#لو 3:19-20 هيروديس پاڻ ئي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. هن اهو ڪم هيرودياس جي چوڻ تي ڪيو هو، جيڪا سندس ڀاءُ فلپس جي زال هئي ۽ جنهن سان هن فلپس جي جيئري ئي شادي ڪئي هئي. 18يحيٰ هيروديس کي چيو هو تہ ”اوهان لاءِ اهو جائز نہ آهي جو اوهين پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيئري ئي سندس زال هيرودياس سان شادي ڪريو.“ 19اهو ئي سبب هو جو هيرودياس يحيٰ کان نفرت ڪندي هئي ۽ کيس مارائڻ ٿي چاهيائين. پر هوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي، 20ڇاڪاڻ تہ هيروديس يحيٰ کان ڊڄندو هو جو هن ڄاتو پئي تہ يحيٰ هڪ سچار ۽ پاڪ ماڻهو آهي. سو هيروديس کيس بچائيندو رهيو. هيروديس يحيٰ جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٻڌندو هو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت هي ڳالهيون کيس پريشان ڪنديون هيون.
21نيٺ هيرودياس کي وجھہ ملي ويو هو. هيروديس پنهنجي جنم جي ڏينهن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻهن جي دعوت ڪئي هئي. 22انهيءَ دعوت ۾ هيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري هيروديس ۽ سندس مهمانن کي خوش ڪيو. هيروديس انهيءَ ڇوڪريءَ کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“ 23هن قسم کڻي واعدو ڪيس تہ ”جيڪڏهن حڪومت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“ 24تنهن تي هوءَ ٻاهر نڪري ويئي ۽ وڃي پنهنجي ماءُ کان پڇيائين تہ ”آءٌ ڇا گھران؟“ هن چيس تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي.“ 25تنهن تي ڇوڪري جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي هيروديس کي چيائين تہ ”مون کي هاڻي جو هاڻي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالهہ ۾ گھرائي ڏيو.“ 26هن ڳالهہ هيروديس بادشاهہ کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر هو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن مهمانن جي روبرو قسم کڻي واعدو ڪيو هو. 27تنهنڪري هيروديس سپاهيءَ کي موڪليو تہ ”جلدي يحيٰ جي سسي لاهي کڻي اچ.“ سپاهي روانو ٿيو ۽ جيل ۾ وڃي يحيٰ جي سسي لاٿائين. 28پوءِ هن اها سسي هڪ ٿالهہ ۾ رکي ڇوڪريءَ کي آڻي ڏني، جنهن اها کڻي پنهنجي ماءُ کي ڏني هئي. 29جڏهن يحيٰ جي شاگردن هي ٻڌو هو تہ هنن اچي لاش وٺي ان کي قبر ۾ دفن ڪيو هو.
پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ
(متي 14:13-21، لوقا 9:10-17، يوحنا 6:1-14)
30ٻارهن ئي رسول واپس اچي عيسيٰ وٽ گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون ۽ ماڻهن کي جيڪا تعليم ڏني هئائون، تنهن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون. 31ان وقت ايترا تہ ماڻهو اچن پيا جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”هلو تہ هتان ڪنهن نويڪلي جاءِ تي هلون، جتي هلي اوهين ٿورو وقت آرام ڪريو.“ 32سو هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانا ٿي ويا.
33تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي ماڻهن کين ويندو ڏسي سڃاڻي ورتو. سو اهي سڀيئي پيرين پيادا شهرن مان نڪري پيا ۽ تڪڙا تڪڙا وڃي هنن کان بہ اڳي انهيءَ جاءِ تي پهتا. 34#ڳا 27:17، 1.با 22:17، 2.توا 18:16، حز 34:5، مت 9:36 جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏهن سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا. تنهنڪري هو کين گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.
35جڏهن سج گھڻو لڙي ويو، تڏهن شاگردن عيسيٰ جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ اسين هتي ويران هنڌ تي آهيون. 36سو هنن ماڻهن کي موڪل ڏيو تہ اوسيپاسي جي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي ڪجھہ وٺي کائين.“ 37پر عيسيٰ چين تہ ”اوهين ئي هنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏهن شاگردن پڇيس تہ ”ڇا اوهان جي مرضي آهي تہ اسين وڃي #6:37 چانديءَ جي ٻہ سؤ سڪن انهن ڏينهن ۾ چانديءَ جو هڪ عام سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي هئي (ڏسو متي 20:2).چانديءَ جي ٻہ سؤ سڪن جي ماني وٺي اچون ۽ هنن کي کارايون؟“ 38تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟“ انهن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آهن.“
39پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هنن ماڻهن کي هيٺ سائي گاهہ تي ٽوليون ٺاهي ويهاريو.“ 40تنهن تي اهي ماڻهو سؤ سؤ ۽ پنجاهہ پنجاهہ جون ٽوليون ٺاهي ويٺا. 41تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي هٿن ۾ جھلي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ مانين جا ٽڪرا ڀڃندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ اهي ماڻهن ۾ ورهائين. هن ٻہ مڇيون بہ انهن سڀني ۾ ورهايون. 42هر هڪ ماڻهوءَ کائي ڍءُ ڪيو. 43پوءِ شاگردن باقي بچيل مانيءَ ۽ مڇيءَ جون ٻارهن کاريون ڀريون. 44جن ماني کاڌي تن ۾ فقط مردن جو تعداد اٽڪل پنج هزار هو.
عيسيٰ مسيح جو پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ
(متي 14:22-33، يوحنا 6:16-21)
45پوءِ هڪدم عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوهين مون کان اڳ ڍنڍ جي هُن ڀر بيتصيدا شهر ڏانهن هلو.“ ان بعد هن ماڻهن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي 46۽ پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو. 47رات ٿيڻ تائين ٻيڙي ڍنڍ جي وچ ۾ وڃي پهتي، جڏهن تہ عيسيٰ اڃا اڪيلو سڪيءَ تي هو. 48پوءِ جڏهن هن ڏٺو تہ واءُ سامهون گھُلڻ ڪري شاگردن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ هلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تڏهن هو رات جي پوئين پهر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انهن وٽان لنگھيو. 49-50شاگردن جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ اهو ڪو جن آهي، سو هو دهلجي ويا ۽ وٺي رڙيون ڪيائون. هُن هڪدم ساڻن ڳالهايو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“ 51پوءِ عيسيٰ اچي انهن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو تہ واءُ بند ٿي ويو. اهو ڏسي شاگرد ڏاڍا حيران ٿي ويا، 52ڇاڪاڻ تہ اهي گھڻن ماڻهن کي ماني کارائڻ واري ڳالهہ بہ نہ سمجھي سگھيا هئا. اها ڳالهہ هنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي هئي.
گنيسرت علائقي ۾ بيمارن کي شفا ڏيڻ
(متي 14:34-36)
53اهي ڍنڍ پار ڪري اچي گنيسرت جي علائقي ۾ پهتا جتي ٻيڙيءَ کي ٻڌي ڇڏيائون. 54هو جيئن ئي ٻيڙيءَ تان لٿا تہ ماڻهن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو. 55پوءِ اهي ماڻهو سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويا ۽ جنهن جڳهہ لاءِ بہ ٻڌائون تہ عيسيٰ اتي آيو آهي، تڏهن ماڻهو پنهنجا بيمار کٽولن تي کڻي وٽس پئي آيا. 56عيسيٰ ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ اتي ماڻهن پنهنجا بيمار چونڪن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري بيمار کي رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ هٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا.