مرقس 41:6-43
مرقس 41:6-43 MSB
تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي هٿن ۾ جھلي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ مانين جا ٽڪرا ڀڃندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ اهي ماڻهن ۾ ورهائين. هن ٻہ مڇيون بہ انهن سڀني ۾ ورهايون. هر هڪ ماڻهوءَ کائي ڍءُ ڪيو. پوءِ شاگردن باقي بچيل مانيءَ ۽ مڇيءَ جون ٻارهن کاريون ڀريون.