10
طلاق خلاف چتاءُ
(متي 19:1-12، لوقا 16:18)
1پوءِ عيسيٰ گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو. 2تڏهن ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پنهنجي زال کي طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“ 3عيسيٰ جواب ۾ پڇين تہ ”موسيٰ شريعت ۾ اوهان کي ڪهڙو حڪم ڏنو آهي؟“ 4#شر 24:1-4، مت 5:31 انهن چيس تہ ”موسيٰ اجازت ڏني آهي تہ طلاق نامو لکي ڏيئي کيس ڪڍي سگھجي ٿو.“ 5عيسيٰ چين تہ ”موسيٰ اوهان کي هي حڪم انهيءَ لاءِ ڏنو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جي سختدليءَ جي خبر هئي. 6#پيد 1:27، 5:2 پر دنيا جي خلقت کان وٺي خدا هنن کي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو آهي. 7#پيد 2:24 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’تنهنڪري مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو 8۽ ٻہ جسم گڏجي هڪ ٿي ويندا.‘ هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. 9سو جن کي خدا ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“
10پوءِ جڏهن هو گھر موٽي آيا تہ شاگردن عيسيٰ کان ان بابت پڇيو. 11#مت 5:32، 1.ڪر 7:10-11 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ٻي زال پرڻجي ٿو، سو زنا ٿو ڪري 12۽ اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪا زال پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي ڪنهن ٻئي سان پرڻجي ٿي، سا بہ زنا ٿي ڪرائي.“
ننڍڙن ٻارن جي اهميت
(متي 19:13-15، لوقا 18:15-17)
13ڪن ماڻهن ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ آندا تہ هو انهن تي هٿ رکي، پر شاگردن انهن کي ڇينڀيو. 14جڏهن عيسيٰ اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي. 15#مت 18:3 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاهيءَ کي هڪ ننڍي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو، تيستائين اهو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“ 16پوءِ هن ٻارن کي هنج ۾ کڻي انهن تي هٿ رکيو ۽ کين دعا ڪيائين.
خدا جي بادشاهي ۽ شاهوڪار ماڻهو
(متي 19:16-30، لوقا 18:18-30)
17عيسيٰ جڏهن رستي سان ويو پئي تہ هڪڙو ماڻهو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“ 18عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي. 19#خر 20:12-16، شر 5:16-20 باقي تو کي حڪمن جي تہ خبر آهي تہ ’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘ ’ٺڳي نہ ڪر‘ ۽ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.‘“ 20تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنس تہ ”استاد! انهن سڀني حڪمن تي تہ آءٌ ننڍي هوندي کان ئي عمل ڪندو ٿو رهان.“ 21تڏهن عيسيٰ هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ محبت پيدا ٿي. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر. تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 22جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو.
23تڏهن عيسيٰ چوڌاري نهاريندي پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“ 24هنن لفظن تي شاگرد حيران ٿي ويا. سو عيسيٰ هنن کي وري چيو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. 25ياد رکو، اُٺ جو سئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“ 26تنهن تي شاگرد وڌيڪ حيران ٿي ويا ۽ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 27عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.“
28تڏهن پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسين تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوهان جي پٺيان لڳا آهيون.“ 29تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”برابر، پر آءٌ اوهان کي هيءَ ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منهنجي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنهنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ پيءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو، 30تہ ان کي هن ئي #10:30 آخري زماني اصلي مسودي ۾ ”هن وقت“ لکيل آهي، جنهن مان مراد گھڻو ڪري آخري زمانو آهي. ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”آخري زمانو.“آخري زماني ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سؤڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، مائرون، ٻار ۽ ٻنيون. پر انهن سان گڏ کيس ستايو بہ ويندو. انهيءَ کان علاوہ #10:30 ايندڙ نئين زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”ايندڙ نئون زمانو.“ ايندڙ نئين زماني ۾ کيس دائمي زندگي بہ ملندي. 31#مت 20:16، لو 13:30 پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“
ٽيون دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
(متي 20:17-19، لوقا 18:31-34)
32 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا. ان وقت هو شاگردن جي اڳيان هلي رهيو هو. اوڏانهن ويندي سندس شاگرد ڏاڍا پريشان هئا ۽ جيڪي ماڻهو سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنل هئا. سو هڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارهن ئي شاگردن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو. 33عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، هاڻي اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون، جتي ابنِ آدم سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو. اهي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا ۽ کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا. 34اهي مٿس ٺٺوليون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا. پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“
يعقوب ۽ يوحنا جو عرض
(متي 20:20-28)
35تڏهن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا عيسيٰ جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اي استاد! اسين چاهيون ٿا تہ اوهين اسان جي لاءِ ڪجھہ ڪريو.“ 36عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڇا ٿا ڪرائڻ گھرو؟“ 37انهن چيس تہ ”اسين چاهيون ٿا تہ جڏهن اوهين وڏي شان وَ شوڪت سان پنهنجي شاهي تخت تي ويهو تڏهن اسان کي اجازت ڏجو تہ هڪڙو اوهان جي ساڄي ۽ ٻيو اوهان جي کاٻي پاسي ويهي.“ 38#لو 12:50 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهين ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اُهو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي؟ يا وري اها بپتسما وٺي سگھندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي؟“ 39انهن چيس تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين بہ اهو پيالو پيئندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي ۽ اوهين بہ اها بپتسما وٺندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي. 40پر منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي، بلڪ انهن جڳهن تي انهن کي ئي ويهاريو ويندو جن جي لاءِ اهي تيار ڪيون ويون آهن.“
41جڏهن ٻين ڏهن شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي تہ اهي يعقوب ۽ يوحنا تي ڪاوڙيا. 42#لو 22:25-26 عيسيٰ انهن سڀني کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ ”اوهان کي خبر آهي تہ قومن جا سردار ۽ امير جيڪي ماڻهن تي حڪم ٿا هلائين سي مٿن پورو اختيار رکن ٿا. 43#مت 23:11، مر 9:35، لو 22:26 پر اوهان ۾ ائين نہ آهي. اوهان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاهي تہ اهو اوهان جو خادم ٿئي. 44هائو، جيڪو اوهان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اهو سڀني جو غلام ٿئي. 45ڏسو، ابنِ آدم بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“
انڌي بارتمائيءَ کي سڄو ڪرڻ
(متي 20:29-34، لوقا 18:35-43)
46پوءِ اهي يريحو شهر ۾ آيا. عيسيٰ جڏهن پنهنجي شاگردن ۽ ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ سان يريحو شهر مان نڪري رهيو هو تہ اتي رستي جي پاسي تي هڪ انڌو فقير ويٺو هو، جنهن جو نالو بارتمائي هو، يعني تمائيءَ جو پٽ. 47جڏهن هن ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري لنگھي رهيو آهي، تڏهن هو رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي عيسيٰ! اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو.“ 48ڪيترن ئي هن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو.“ 49تنهن تي عيسيٰ بيهي رهيو ۽ چيائين تہ ”هن کي سڏ ڪريو.“ سو انهن انڌي ماڻهوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”تسلي ڪر، هو تو کي سڏي رهيو آهي. اُٿي هل.“ 50تڏهن هو پنهنجي چادر اتي ئي ڦٽي ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ عيسيٰ وٽ آيو. 51عيسيٰ پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ انڌي وراڻيس تہ ”اي استاد! آءٌ چاهيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“ 52عيسيٰ چيس تہ ”وڃ، تنهنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آهي.“ تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ عيسيٰ جي پٺيان رستو وٺي هليو.