4
عيسيٰ مسيح جي آزمائش
(مرقس 1:12-13، لوقا 4:1-13)
1 #
عبر 2:18، 4:15 پوءِ پاڪ روح عيسيٰ کي رڻپٽ ۾ وٺي ويو تہ جيئن ابليس کيس آزمائي. 2جيئن تہ عيسيٰ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون روزي ۾ گذاريو هو، تنهنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي هئي. 3سو ابليس هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“ 4#شر 8:3 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا خدا چوي ٿو.‘“
5پوءِ ابليس عيسيٰ کي پاڪ شهر يروشلم ۾ وٺي ويو. هن کي هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري 6#زب 91:11-12 چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
’خدا پنهنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو،
اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا،
تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“
7 #
شر 6:16
تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”پاڪ ڪلام ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“
8ابليس عيسيٰ کي وري هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ دنيا جون سڀيئي بادشاهتون شان وَ شوڪت سميت ڏيکاريائينس 9۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي هي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏهن تون هيٺ نِوڙي مون کي سجدو ڪندين.“ 10#شر 6:13 تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“
11پوءِ ابليس هن کي ڇڏي هليو ويو تہ هڪدم ملائڪ اچي پهتا ۽ عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لڳا.
عيسيٰ مسيح جو گليل ۾ خدمت وارو ڪم شروع ڪرڻ
(مرقس 1:14-15، لوقا 4:14-15)
12 #
مت 14:3، مر 6:17، لو 3:19-20 جڏهن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آهي تڏهن هو گليل علائقي ڏانهن روانو ٿي ويو. 13#يو 2:12 هو ناصرت ۾ نہ رهيو پر وڃي ڪفرناحوم شهر ۾ رهيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي بني اسرائيل جي زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي حدن اندر آهي. 14اهو انهيءَ ڪري ٿيو تہ يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ
15 #
يس 9:1-2
”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو
جن وٽان وڏو رستو سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو
۽ جيڪو اردن جي اوڀر پاسي تائين
غير قومن وارو گليل آهي،
16اتي جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا،
تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي.
هائو، اهي جيڪي موت واري اونداهي ملڪ ۾ ويٺا هئا،
تن تي روشني ظاهر ٿي.“
17 #
مت 3:2
سو انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“
چئن مهاڻن کي پوئلڳ بڻائڻ
(مرقس 1:16-20، لوقا 5:1-11)
18جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون جنهن کي پطرس بہ سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. اهي ٻيئي مهاڻا هئا ۽ ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌائون. 19عيسيٰ انهن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“ 20هو هڪدم پنهنجا ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هلڻ لڳا.
21هو اتان اڳڀرو ٿيو تہ هن ٻہ ٻيا ڀائر يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جيڪي زبديءَ جا پٽ هئا. اهي پنهنجي پيءُ زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪري رهيا هئا. عيسيٰ انهن کي سڏيو، 22تہ اهي بہ هڪدم ٻيڙيءَ ۽ پنهنجي پيءُ کي ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا.
عوام جي خدمت ڪرڻ
(لوقا 6:17-19)
23 #
مت 9:35، مر 1:39 عيسيٰ گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو. 24انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو. 25سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي هليا، جيڪي گليل ۽ دڪاپلس جي علائقن، يروشلم بلڪ سڄي يهوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر واري علائقي کان آيل هئا.