YouVersion Logo
Search Icon

متي 12

12
سبت جي ڏينهن بابت سوال
(مرقس 2‏:23‏-28، لوقا 6‏:1‏-5)
1 # شر 23‏:25 ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ #12‏:1 سبت هفتي جو ستون ڏينهن يعني ڇنڇر يهودين جو خاص عبادت جو ڏينهن هوندو هو. انهيءَ ڏينهن تي ڪوبہ ڪم ڪار ڪرڻ منع هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“سبت جي ڏينهن اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو. جيئن تہ هن جي شاگردن کي بک لڳي هئي، سو اهي اناج جا سنگ پٽي کائڻ لڳا. 2تڏهن فريسين اهو ڏسي عيسيٰ کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا شاگرد اهو ڪم ڪن ٿا جيڪو سبت جي ڏينهن تي ڪرڻ جائز نہ آهي.“ 3#1.سم 21‏:1‏-6 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو ڪين پڙهيو آهي تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي تہ دائود ڇا ڪيو هو؟ 4#لاو 24‏:9 هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو هو ۽ پوءِ هن ۽ سندس ساٿين نذراني وارا اهي روٽ کاڌا هئا جيڪي هنن کي نہ، بلڪ رڳو ڪاهنن کي کائڻ جائز هئا. 5#ڳا 28‏:9‏-10 ڇا اوهان توريت ۾ نہ پڙهيو آهي تہ هيڪل ۾ توڙي جو ڪاهن سبت جي ڏينهن جي پرهيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوهي نہ ٿا ليکجن؟ 6پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو بہ آهي جيڪو هيڪل کان بہ وڏو آهي. 7#مت 9‏:13، هوس 6‏:6 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي.‘ جيڪڏهن اوهين هن جي صحيح معنيٰ سمجھو ها تہ بي‌ڏوهين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو ها. 8ياد رکو، ابنِ آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“
سڪل هٿ وارو ماڻهو
(مرقس 3‏:1‏-6، لوقا 6‏:6‏-11)
9تنهن کان پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي يهودين جي عبادت‌خاني ۾ هليو ويو. 10اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو هو. ڪي اهڙا فريسي بہ موجود هئا جيڪي چاهين پيا تہ عيسيٰ ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تهمت هڻن. سو انهن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينهن شفا ڏيڻ جائز آهي؟“ 11#لو 14‏:5 تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي رڍ سبت جي ڏينهن کڏ ۾ ڪري پوي تہ ڇا اهو ان کي جھلي ٻاهر نہ ڪڍندو؟ 12جڏهن تہ انسان رڍ کان گھڻو وڌيڪ قيمتي آهي، تنهنڪري سبت جي ڏينهن تي چڱو ڪم ڪرڻ جائز آهي.“ 13پوءِ هن انهيءَ ماڻهوءَ کي چيو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ سندس هٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي هٿ جهڙو ٿي پيس. 14تڏهن فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.
خدا جو مخصوص ڪيل ٻانهو
15جڏهن عيسيٰ کي فريسين جي سازشن جي خبر پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن شفا ڏني 16۽ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”مون بابت ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو.“ 17اهڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿيو تہ
18 # يس 42‏:1‏-4 ”ڏسو، هي منهنجو ٻانهو آهي،
جنهن کي مون مخصوص ڪيو آهي.
هي منهنجو پيارو آهي،
۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.
آءٌ هن تي پنهنجو روح نازل ڪندس،
۽ هي هر قوم ۾ منهنجي انصاف جو اعلان ڪندو.
19هي نہ جھيڙو جھڳڙو ڪندو ۽ نہ هل هنگامو،
نڪي وري چونڪن ۾ هن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.
20هو ڦٿل ڪاني کي بہ ڪين ڀڃندو،
۽ نہ وري اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو.
ائين ئي هو ثابت قدم رهندو،
ايستائين جو انصاف جي فتح نہ ڪرائي.
21هن ۾ ئي سڀني قومن جون اميدون هونديون.“
عيسيٰ مسيح ۽ بعل‌زبول
(مرقس 3‏:20‏-30، لوقا 11‏:14‏-23)
22پوءِ عيسيٰ وٽ هڪڙو ماڻهو آندو ويو جيڪو انڌو هو ۽ ڳالهائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ ڀوت هو. عيسيٰ ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو، تڏهن هو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو. 23هي ڏسي سڄي خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا هي اهو تہ نہ آهي جيڪو دائود جي نسل مان اچڻ وارو آهي؟“ 24#مت 9‏:34، 10‏:25 جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ائين نہ آهي، بلڪ هو ڀوتن جي سردار #12‏:24 بعل‌زبول يعني شيطان (ڏسو متي 10‏:25 پڻ).بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“ 25عيسيٰ انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سا برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي. 26سو جيڪڏهن شيطان ئي شيطان کي ڪڍندو تہ ڇا سندس بادشاهت ۾ ڏڦيڙ نہ پوندو؟ هائو، پوءِ اها ڪيئن جٽاءُ ڪري سگھندي؟ 27جيڪڏهن آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوهان جا ماڻهو ڪنهن جي مدد سان ٿا ڪڍن؟ پوءِ تہ اهي ئي اوهان کي ڪوڙو ثابت ڪندا. 28پر جيڪڏهن آءٌ خدا جي روح جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏيو تہ خدا جي بادشاهي اوهان وٽ اچي پهتي آهي.
29ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقتور ماڻهوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان طاقتور ماڻهوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھندو.
30 # مر 9‏:40 جيڪو مون سان نہ آهي سو منهنجي خلاف آهي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي. 31تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪنهن بہ گناهہ يا ڪفر جي معافي ملي سگھي ٿي، سواءِ انهيءَ ڪفر جي جيڪو پاڪ روح جي خلاف بڪيو وڃي ٿو. اهو هرگز نہ بخشيو ويندو. 32#لو 12‏:10 جيڪڏهن ڪو ابنِ آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالهائي ٿو تہ کيس معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالهائيندو تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ نہ بخشيو ويندو، نہ هن #12‏:32 آخري زماني... ايندڙ نئين زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”آخري زمانو“ ۽ ”ايندڙ نئون زمانو.“آخري زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾.“
جهڙو وڻ تهڙو ميوو
(لوقا 6‏:43‏-45)
33 # مت 7‏:20 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي جيڪڏهن اوهين وڻ کي سٺو چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ سٺو هوندو ۽ جيڪڏهن وڻ کي خراب چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ خراب هوندو، ڇاڪاڻ تہ وڻ کي سندس ميوي مان ئي سڃاڻبو آهي. 34#مت 3‏:7، 23‏:33، 15‏:18، لو 3‏:7 سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، #12‏:34 دل ديڳڙو زبان ڏوئي هن سنڌي چوڻيءَ جو مطلب آيت جي اصلي مواد سان ملندڙ جلندڙ آهي.دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي. 35هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو.
36آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن هر هڪ کي پنهنجي بيڪار ڳالهايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو. 37اوهان جا لفظ ئي اوهان کي ڏوهي يا بي‌ڏوهي قرار ڏياريندا.“
ثابتيءَ لاءِ نشانيءَ جي گھُر
(مرقس 8‏:11‏-12، لوقا 11‏:29‏-32)
38 # مت 16‏:1، لو 11‏:16 پوءِ ڪن شريعت جي عالمن ۽ فريسين هن کي چيو تہ ”اي استاد! اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا خدائي نشاني ڏيکار.“ 39#مت 16‏:4 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ گمراهہ آهن جو مون کان خدائي نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي. 40#يون 1‏:17 جيئن يونس ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابنِ آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو. 41#يون 3‏:5 نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يونس جي تبليغ تي ئي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يونس کان بہ عظيم آهي. 42#1.با 10‏:1‏-13، 2.توا 9‏:1‏-12 قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ وڏي پنڌ تان سليمان بادشاهہ جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ عظيم آهي.“
ڀوتن جو موٽڻ
(لوقا 11‏:24‏-26)
43عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري وڃي ٿو تڏهن اهو ويران هنڌن ۾ ڪا جاءِ لهڻ لاءِ رُلي ٿو، جتي هو آرام ڪري سگھي، پر کيس آرام نہ ٿو ملي. 44پوءِ هو چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي انهيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو هئس.‘ سو جڏهن هو موٽي اچي ڏسي ٿو تہ گھر خالي، صاف ۽ سينگاريل آهي، 45تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو. اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ ان جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ بدتر ٿي پوي ٿي. سو هن زماني جي بڇڙن ماڻهن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“
عيسيٰ مسيح جي ماءُ ۽ ڀائر ڪير؟
(مرقس 3‏:31‏-35، لوقا 8‏:19‏-21)
46عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاهر اچي پهتا ۽ ساڻس ڳالهائڻ ٿي چاهيائون. 47تنهن تي ماڻهن مان هڪڙي عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اوهان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ڳالهائڻ ٿا چاهين.“ 48عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”ڪير آهي منهنجي ماءُ ۽ ڪير آهن منهنجا ڀائر؟“ 49پوءِ هن پنهنجي شاگردن ڏانهن اشارو ڪري چيو تہ ”ڏسو، منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر هي آهن. 50هائو، جيڪو بہ منهنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ تي هلي ٿو، سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.“

Currently Selected:

متي 12: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in