YouVersion Logo
Search Icon

ملاڪي 4

4
خداوند جو ڏينهن
1قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو. 2پر اوهين جيڪي منهنجو خوف ٿا رکو تن جي لاءِ ان ڏينهن منهنجو بچائڻ سج جي روشنيءَ وانگر هوندو، جنهن جو نتيجو چڱائي ۽ ڀلائي هوندو. اوهين انهيءَ ڏينهن تي ائين نچندا ٽپندا جيئن وٿاڻن مان گابا ڇٽي نڪرڻ مهل نچندا ٽپندا آهن. 3جنهن ڏينهن آءٌ ائين ڪندس تنهن ڏينهن بدڪار اوهان جي پيرن هيٺان لتاڙبا ۽ اوهان جي پيرن جي خاڪ بڻجي ويندا.
4مون پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي شريعت يعني اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي سينا جبل تي بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن لاءِ ڏنا هئا، تن سڀني تي اوهين عمل ڪريو.
5 # مت 11‏:14، 17‏:10‏-13، مر 9‏:11‏-13، لو 1‏:17، يو 1‏:21 پر منهنجي عظيم ۽ ڊيڄاريندڙ ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ اوهان وٽ الياس نبي موڪليندس. 6هو ماءُ پيءُ ۽ سندن اولاد جون دليون ڦيرائي کين هڪ ڪندو تہ جيئن آءٌ اچي اوهان جو ملڪ برباد نہ ڪريان.“

Currently Selected:

ملاڪي 4: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in