1
بني اسرائيل لاءِ خداوند جي محبت
1هي پيغام خدواند جي طرفان، ملاڪي نبيءَ جي معرفت بني اسرائيل ڏانهن آهي. 2#رو 9:13 #يس 34:5-17، 63:1-6، ير 49:7-22، حز 25:12-14، 35:1-15، عا 1:11-12، عبد 1-14 خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”مون اوهان سان محبت رکي.“ پر اهي چون ٿا تہ ”تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت ظاهر ڪئي آهي؟“ خداوند وراڻي ٿو ڏئي تہ ”عيسو ۽ يعقوب پاڻ ۾ ڀائر هئا، تڏهن بہ مون يعقوب سان ۽ سندس نسل سان محبت رکي 3۽ عيسوءَ ۽ سندس نسل سان نہ. سندن جبلن کي ويران ڪري ڇڏيم ۽ سندن ملڪ جھنگلي گدڙن جي حوالي ڪري ڇڏيم.“ 4هاڻي جڏهن عيسوءَ جو اولاد #1:4 ادومي انهن جو علائقو اسرائيل ملڪ جي ڏکڻ اوڀر ۾ هو.ادومي چوي تہ ”اسين برباد تہ ٿي ويا آهيون، پر انهن کنڊرات کي وري اچي اڏينداسين،“ تڏهن قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ اهي ڊاهي ڇڏيندس. ماڻهو انهن جي ملڪ کي بڇڙائيءَ جو ملڪ ۽ کين اهڙي قوم سڏيندا جنهن تي هميشہ مون خداوند جو قهر هجي.“ 5بني اسرائيل پنهنجين اکين سان اهو ٿيندي ڏسندا ۽ پوءِ مڃيندا تہ ”خداوند جي عظمت اسرائيل ملڪ جي سرحد کان ٻاهر بہ ظاهر آهي.“
ڪاهنن کي خداوند جو ڇينڀڻ
6قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘ 7آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي ناپاڪ نذرانا ٿا پيش ڪريو. تنهن هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ ’اسان ڪهڙيءَ طرح تنهنجي گستاخي ڪئي آهي؟‘ اوهين مون خداوند جي قربانگاهہ کي حقير ڄاڻي منهنجي بيادبي ٿا ڪريو. 8#شر 15:21 جڏهن اوهين انڌن جانورن جي قرباني ٿا ڪريو تہ ڇا اها بڇڙائي ناهي؟ جڏهن اوهين منڊن ۽ بيمار جانورن جي قرباني ٿا ڪريو تہ ڇا اها ڪا خرابي ڪانهي؟ هاڻي اهڙي قسم جون قربانيون جيڪڏهن اوهين پنهنجي گورنر کي ڏيو، تہ ڇا اهو اوهان مان راضي ٿيندو ۽ اوهان تي مهربان ٿيندو؟“
9قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اي ڪاهنؤ! اوهين جيڪڏهن اهڙيءَ طرح مون خدا کان مهرباني گھرندا رهندا تہ ڇا آءٌ اوهان تي رحم ڪندس ۽ اوهان جي هٿن جي اهڙين قربانين سان ڇا آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس؟ 10جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادتگاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس. 11دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو. 12پر اوهين هي سوچيندي منهنجي نالي جي بيادبي ٿا ڪريو تہ ’خداوند جي قربانگاهہ ناپاڪ آهي ۽ انهيءَ تي پيش ڪيل نذرانو نفرت جوڳو آهي.‘ 13اوهين ائين بہ ٿا سوچيو تہ ’هيءَ ڪهڙي نہ اسان سان جٺ آهي،‘ سو اوهين انهيءَ تي منهن ۾ گھنج ٿا وجھو. اوهين زوريءَ کسيل، منڊا ۽ بيمار جانور قربانيءَ لاءِ آڻيو ٿا، ڇا آءٌ اهي اوهان جي هٿان قبول ڪندس؟ 14سو لعنت آهي اهڙي دغاباز تي جنهن جي ڌڻ ۾ باسيل بيعيب نر موجود تہ آهي، پر تنهن هوندي بہ هو مون پروردگار لاءِ عيب وارو جانور قربان ٿو ڪري. آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان ۽ دنيا جون سڀ قومون منهنجو ادب ڪن ٿيون.“