YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 7

7
فوجي صوبيدار جي نوڪر کي شفا ڏيڻ
(متي 8‏:5‏-13)
1جڏهن عيسيٰ ماڻهن کي اهي سموريون ڳالهيون ٻڌائي چڪو، تڏهن ڪفرناحوم شهر ۾ آيو. 2اتي رومي فوج جي هڪ صوبيدار جو نوڪر بيمار هو ۽ مرڻ تي هو. اهو نوڪر صوبيدار کي ڏاڍو پيارو هو. 3هن جڏهن عيسيٰ بابت ٻڌو، تڏهن يهودين جي ڪن چڱن مڙسن کي عيسيٰ ڏانهن موڪلي کيس عرض ڪيائين تہ هو اچي سندس نوڪر کي شفا بخشي. 4اهي عيسيٰ وٽ آيا ۽ صوبيدار جي مدد لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪندي چيائونس تہ ”اهو ماڻهو انهيءَ لائق آهي جو اوهين مٿس هي احسان ڪريو. 5هو اسان جي قوم سان گھڻو پيار ڪري ٿو ۽ اسان جو عبادت‌خانو بہ هن ئي ٺهرايو آهي.“ 6تڏهن عيسيٰ انهن ماڻهن سان گڏجي هليو. اڃا هو صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پهتو تہ صوبيدار کيس پنهنجي ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سائين! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو، 7نڪي مون پاڻ کي انهيءَ لائق سمجھيو جو اوهان وٽ اچان. پر اوهين اُتان ئي رڳو حڪم ڪندا تہ منهنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو. 8ڏسو، آءٌ پڻ ٻين جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان بہ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر‘ تہ هو ڪندو.“ 9عيسيٰ اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو ايمان بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو آهي.“ 10جڏهن صوبيدار جا ماڻهو گھر موٽي آيا تہ ڏٺائون تہ نوڪر بلڪل چاق هو.
رن‌زال جي پٽ کي جيئرو ڪرڻ
11ان کان پوءِ عيسيٰ نائينِ نالي شهر ڏانهن ويو ۽ هن سان گڏ سندس شاگرد ۽ هڪ وڏو ميڙ هو. 12جڏهن شهر جي دروازي جي ويجھو پهتو تہ ڏٺائين تہ ماڻهو هڪڙي مُڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اهو پنهنجي ماءُ جو اڪيلو پٽ هو، جيڪا رن‌زال هئي. شهر جا ڪيترائي ماڻهو ان سان گڏ هئا. 13جڏهن خداوند ان رن‌زال کي ڏٺو، تڏهن کيس مٿس ڪهل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“ 14پوءِ پاڻ ويجھو اچي جنازي تي هٿ رکي ڪانڌين کي بيهاريائين ۽ مري ويل کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.“ 15تنهن تي اهو مري ويل اُٿي ويٺو ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين. 16انهيءَ تي سڀني ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو ۽ هو خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”هڪڙو وڏو نبي اسان وٽ ظاهر ٿيو آهي. خدا پنهنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آهي.“ 17اها ڳالهہ سڄي يهوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چؤطرف پکڙجي ويئي.
حضرت يحيٰ جا قاصد
(متي 11‏:2‏-19)
18اهي سڀ ڳالهيون يحيٰ کي سندس شاگردن وڃي ٻڌايون. تنهن تي يحيٰ پنهنجي شاگردن مان ٻن کي 19خداوند ڏانهن اهو چوائي موڪليو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ 20اهي ماڻهو عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائون تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري اسان کي اوهان ڏانهن اهو پڇڻ لاءِ موڪليو آهي تہ جيڪو اچڻ وارو آهي، اهو اوهين آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ 21انهيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين. 22#يس 35‏:5‏-6، 61‏:1 سو عيسيٰ انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي. 23سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“
24جڏهن يحيٰ جا قاصد موٽي ويا، تڏهن عيسيٰ ميڙ کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻ‌پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟ 25پر آخر ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڀلا سٺا ڪپڙا پاتل ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي شاهي محلن ۾ هوندا آهن. 26پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا هڪ نبيءَ کي؟ ها تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي. 27#ملا 3‏:1 بلڪ يحيٰ ئي اهو آهي جنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ خدا هي فرمايو آهي تہ
’ڏس، آءٌ پنهنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو،
تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘
28آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي بہ ماءُ جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يحيٰ کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ خدا جي بادشاهيءَ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يحيٰ کان بہ وڏو آهي.“
29 # مت 21‏:32، لو 3‏:12 سڀني ماڻهن اهو ٻڌو. جڏهن تہ اڳ ۾ ئي انهن مان عام ماڻهن، بلڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن پڻ يحيٰ کان بپتسما وٺي خدا کي سچار ڪري مڃيو هو. 30پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن يحيٰ کان بپتسما نہ وٺندي پنهنجي طرفان خدا جي ارادي کي رد ڪري ڇڏيو.
31عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جي ماڻهن کي آءٌ ڪنهن سان ڀيٽيان تہ اهي ڪنهن وانگر آهن؟ 32اهي تہ اهڙن ٻارن وانگر آهن، جيڪي بازارن ۾ ويهي هڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ
’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون،
پر اوهين نچيا ئي ڪين.
اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا،
پر اوهين رنا ئي ڪين.‘
33ساڳيءَ طرح جڏهن يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري روزي جي ڪري اڪثر نہ ماني ٿي کاڌي، نڪي وري مئي ٿي پيتي، تڏهن اوهان چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘ 34پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏسو، هي پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ #7‏:34 ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘ 35پر ياد رکو، سياڻپ سان هلندڙن جي ڪمن مان ئي خدا جي حڪمت سچي ثابت ٿئي ٿي.“
گنهگار عورت جا گناهہ معاف ڪرڻ
36هڪڙي ڏينهن ڪنهن فريسيءَ عيسيٰ کي عرض ڪيو تہ ”مون وٽ هلي دعوت کائو.“ تڏهن هو سندس گھر ويو ۽ کائڻ ويٺو. 37#مت 26‏:7، مر 14‏:3، يو 12‏:3 انهيءَ شهر ۾ هڪڙي گنهگار عورت رهندي هئي. تنهن کي جڏهن اها خبر پيئي تہ عيسيٰ هڪڙي فريسيءَ جي گھر ماني کائي ٿو پيو، تڏهن هوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي. 38هوءَ عيسيٰ جي پيرن وٽ بيهي روئڻ لڳي ۽ پنهنجي ڳوڙهن سان عيسيٰ جا پير آلا ڪيائين. پوءِ پنهنجي وارن سان انهن کي اُگھي چميون ڏيندي ۽ انهن تي عطر مکيندي رهي. 39تنهن تي فريسي، جنهن عيسيٰ جي دعوت ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ عورت جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ گنهگار آهي!“ 40تڏهن عيسيٰ کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون وراڻيو تہ ”استاد! بيشڪ چئو.“ 41تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا. هڪڙي ڏانهن پنج سؤ چانديءَ جا سڪا هئس ۽ ٻئي ڏانهن پنجاهہ. 42پر انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونہ هو جو کڻي ان کي واپس ڪن، تنهنڪري ٻنهي کي بخشي ڇڏيائين. هاڻي انهن ٻنهي مان کيس گھڻو پيار ڪير ڪندو؟“ 43شمعون وراڻي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڀانئيان ٿو تہ جنهن کي گھڻو بخش ڪيائين، اهو.“ تڏهن عيسيٰ چيو تہ ”تو صحيح جواب ڏنو.“ 44پوءِ انهيءَ عورت ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”هن عورت کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنهنجي گھر آيس تہ تو مون کي پير ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجي ڳوڙهن سان ڌوتا ۽ پنهنجي وارن سان اُگھيا آهن. 45تو مون کي چميو بہ ڪين، پر جيئن آءٌ آيو آهيان تہ هن منهنجي پيرن کي چمڻ کان بس ئي ڪين ڪئي آهي. 46تو منهنجي مٿي کي تيل بہ نہ مکيو، پر هن تہ منهنجي پيرن کي عطر مکيو آهي. 47انهيءَ ڪري آءٌ تو کي چوان ٿو تہ هن جا گناهہ، جيڪي گھڻا هئا معاف ڪيا ويا آهن، تنهنڪري هن گھڻو پيار ڪيو آهي. پر جنهن جا گناهہ ٿورا هئا جيڪي معاف ڪيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“ 48پوءِ انهيءَ عورت کي چيائين تہ ”تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“ 49تڏهن جن عيسيٰ سان گڏ دسترخوان تي کاڌو پئي سي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو گناهہ بہ معاف ٿو ڪري؟“ 50جڏهن تہ عيسيٰ انهيءَ عورت کي وڌيڪ چيو تہ ”تنهنجي ايمان تو کي بچايو آهي. سو هاڻي دلجاءِ سان هلي وڃ.“

Currently Selected:

لوقا 7: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in