YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 21:7-22

لوقا 21:7-22 MSB

انهيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين. سو عيسيٰ انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.