YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 9:4-12

لوقا 9:4-12 MSB

تنهن کان پوءِ ابليس کيس يروشلم ۾ وٺي ويو ۽ هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ اهو بہ لکيل آهي تہ ’خدا پنهنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، جيڪي تنهنجي سنڀال ڪندا. اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“ پر عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ ائين بہ چيو ويو آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“