YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 22

22
عيسيٰ مسيح خلاف سازش سِٽڻ
(متي 26‏:1‏-5، مرقس 14‏:1‏-2، يوحنا 11‏:45‏-53)
1 # خر 12‏:1‏-27 هاڻي بي‌خميري مانيءَ جي عيد، جنهن کي عيد #22‏:1 عيد فصح ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”عيد فصح.“فصح بہ چيو ويندو آهي سا ويجھي آئي. 2جڏهن تہ سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ عيسيٰ کي چپ چاپ ۾ مارائي ڇڏين، ڇو تہ اهي خلق کان ڊنا ٿي.
3تڏهن ٻارهن شاگردن مان يهوداہ نالي هڪڙي شاگرد، جنهن کي اسڪريوتي بہ چوندا هئا، تنهن جي دل ۾ اچي شيطان سمايو. 4سو هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪهڙيءَ ريت هو عيسيٰ کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري. 5تنهن تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن جي آڇ ڪيائون. 6هن اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ جڏهن ميڙ نہ هجي تہ هو عيسيٰ کي پڪڙائي.
عيد فصح جي مانيءَ جي تياري
(متي 26‏:17‏-25، مرقس 14‏:12‏-21، يوحنا 13‏:21‏-30)
7بي‌خميري مانيءَ جي عيد جو پهريون ڏينهن آيو جنهن تي عيد فصح جي قرباني ڏيڻ ضروري هئي. 8تڏهن عيسيٰ پطرس ۽ يوحنا کي يروشلم شهر اندر موڪليو تہ ”وڃو ۽ اتي اسان لاءِ عيد فصح جي مانيءَ جي تياري ڪريو تہ اسين اچي کائون.“ 9هنن کانئس پڇيو تہ ”اوهين ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“ 10تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ٻڌو، شهر ۾ گھڙڻ سان اوهان کي هڪڙو ماڻهو ملندو جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو، تنهن جي پٺيان وڃجو. جنهن گھر ۾ اهو وڃي تہ اوهين بہ پٺيان وڃجوس. 11اوهين گھر جي مالڪ کان پڇجو تہ ’استاد چوي ٿو تہ اوطاق ڪٿي آهي جتي هو پنهنجي شاگردن سان گڏ عيد فصح جي ماني کائي؟‘ 12هو اوهان کي ماڙيءَ تي سجائي تيار ڪيل هڪ وڏو ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوهين تياري ڪجو.“ 13پوءِ هو روانا ٿي ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو هئن ائين ئي هر شيءِ ڏٺائون ۽ عيد فصح جي مانيءَ جي تياري ڪيائون.
آخري دفعو شاگردن سان گڏ کائڻ
(متي 26‏:26‏-30، مرقس 14‏:22‏-26، 1.ڪرنٿين 11‏:23‏-25)
14جڏهن اها گھڙي اچي پهتي تہ عيسيٰ رسولن سان گڏجي دسترخوان تي ويٺو. 15انهن کي چيائين تہ ”منهنجي دل ڏاڍو ٿي چاهيو تہ آءٌ تڪليفن سهڻ کان اڳ ۾ هن عيد فصح جي ماني اوهان سان گڏجي کاوان. 16آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ تيستائين آءٌ وري اها نہ کائيندس جيستائين خدا جي بادشاهيءَ ۾ انهيءَ جو مطلب پورو نہ ٿئي.“ 17پوءِ عيسيٰ مئي جو پيالو کڻي خدا جو شڪر ڪيو ۽ چيو تہ ”اچي، هي وٺو ۽ پاڻ ۾ ورهايو. 18آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاهي نہ ايندي.“ 19پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ هنن کي ڏيندي چيائين تہ ”هيءُ منهنجو بدن آهي، جيڪو اوهان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوهين بہ منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“ 20#ير 31‏:31‏-34 ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”هي پيالو خدا جو نئون عهد آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. اهو رت اوهان جي لاءِ وهائجي ٿو.
21 # زب 41‏:9 پر ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي ٿو، سو مون سان گڏ دسترخوان تي ويٺو آهي. 22ابنِ آدم لاءِ جيئن پاڪ ڪلام ۾ آهي تيئن ئي هو هن دنيا مان وڃي ٿو، پر مصيبت آهي انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ، جنهن جي هٿان هو پڪڙائجي ٿو.“ 23تنهن تي شاگرد هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان مان اهو ڪير آهي جيڪو اهڙو ڪم ڪندو؟“
وڏائپ تي بحث
24 # مت 18‏:1، مر 9‏:34، لو 9‏:46 شاگردن ۾ اهو بہ بحث پيدا ٿيو تہ ”اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو؟“ 25#مت 20‏:25‏-27، مر 10‏:42‏-44 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”قومن جا بادشاهہ مٿن حڪم ٿا هلائين ۽ جن کي مٿن اختياري آهي، سي ماڻهن جو ڀلو ڪندڙ سڏيا وڃن ٿا. 26#مت 23‏:11، مر 9‏:35 پر اوهان ۾ ائين نہ هئڻ گھرجي. اوهان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي غلام وانگر ٿيڻ کپي. 27#يو 13‏:12‏-15 ڀلا، وڏو ڪير آهي؟ ڇا اهو جيڪو کائڻ ٿو ويهي يا اهو جيڪو سندس خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اهو نہ آهي جيڪو کائڻ ٿو ويهي؟ پر آءٌ اوهان منجھہ ائين آهيان جيئن ڪو خدمتگار.
28اوهين اهي آهيو جيڪي منهنجي سڀني تڪليفن ۾ مون سان گڏ رهيا آهيو 29۽ جيئن منهنجي پيءُ مون لاءِ بادشاهي مقرر ڪئي آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان لاءِ بادشاهي مقرر ٿو ڪريان. 30#مت 19‏:28 اوهين منهنجي بادشاهيءَ ۾ مون سان گڏ کائيندا پيئندا ۽ اوهان مان هر ڪو تخت تي ويهي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندو.“
پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي
(متي 26‏:31‏-35، مرقس 14‏:27‏-31، يوحنا 13‏:36‏-38)
31”شمعون! اي شمعون! ڏس، شيطان اوهان کي آزمائڻ جي اجازت ورتي آهي، تہ جيئن اوهان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاهہ وانگر ڳاهي، اَنَ ۽ بُهہ وانگر جدا جدا ڪري. 32پر مون تو لاءِ دعا گھري آهي تہ شل تنهنجي ايمان ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“ 33پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“ 34تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ رات ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“
ڳوٿري، ٿيلهو ۽ تلوار
35 # مت 10‏:9‏-10، مر 6‏:8‏-9، لو 9‏:3، 10‏:4 عيسيٰ هنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏهن مون اوهان کي ڳوٿريءَ، ٿيلهي يا وڌيڪ جتيءَ کان سواءِ موڪليو هو، تہ ڇا اوهان کي ڪنهن شيءِ جي ڪمي ٿي هئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ.“ 36تڏهن عيسيٰ چين تہ ”هاڻي جنهن کي بہ ڳوٿري هجي تہ اها کڻي، جنهن کي بہ ٿيلهو هجي تہ اهو کڻي ۽ جنهن کي بہ تلوار نہ هجي تہ اهو پنهنجو ڪوٽ وڪڻي بہ اها خريد ڪري. 37#يس 53‏:12 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پاڪ ڪلام ۾ جيڪو لکيل آهي تہ ’هو ڏوهارين ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آهي. بيشڪ جيڪو منهنجي بنسبت لکيل آهي سو پورو ٿيڻ وارو آهي.“ 38تنهن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! ڏسو، هي ٻہ تلوارون آهن.“ هن چين تہ ”بس، بس.“
زيتون جي ٽڪر تي دعا گھرڻ
(متي 26‏:36‏-46، مرقس 14‏:32‏-42)
39پوءِ هو يروشلم کان ٻاهر نڪري پنهنجي دستور موجب زيتون جي ٽڪر ڏانهن روانو ٿيو ۽ شاگرد بہ ساڻس گڏ هليا. 40جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي پهتو تہ انهن کي چيائين تہ ”دعا گھرو تہ شل اوهين آزمائش ۾ نہ پئو.“ 41پوءِ هو پاڻ انهن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي دعا گھرڻ لڳو تہ 42”اي بابا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“ 43ايتري ۾ آسمان مان هڪڙو ملائڪ نازل ٿيو، جنهن کيس دلداري ڏني. 44جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.
45جڏهن هو دعا گھري اٿيو ۽ شاگردن ڏانهن موٽي آيو تڏهن ڏٺائين تہ هو سڀ ڏک سبب ماندا ٿي ستا پيا آهن. 46هن انهن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ستا پيا آهيو؟ اُٿو ۽ دعا گھرو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو.“
عيسيٰ مسيح جي گرفتاري
(متي 26‏:47‏-56، مرقس 14‏:43‏-50، يوحنا 18‏:3‏-11)
47 عيسيٰ اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ ماڻهن جو هڪڙو ٽولو اچي پهتو، جنهن جي اڳيان سندس ٻارهن شاگردن مان اهو هو جنهن کي يهوداہ ڪري سڏيندا هئا. هن ويجھو اچي عيسيٰ کي چمي ڏني. 48پر عيسيٰ چيس تہ ”اي يهوداہ! تون چمي ڏيئي ابنِ آدم کي پڪڙائين ٿو ڇا؟“ 49عيسيٰ سان گڏ جيڪي شاگرد هئا تن جڏهن هي ٿيندي ڏٺو تہ پڇيائون تہ ”اي خداوند! اسين تلوار هلايون ڇا؟“ 50انهن مان هڪڙي تہ ڌڪ هڻي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر جو ساڄو ڪن ڪپي وڌو. 51تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ هن انهيءَ جي ڪن کي هٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو.
52 هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان. 53#لو 19‏:47، 21‏:37 آءٌ اوهان سان روزانو هيڪل ۾ گڏ هوندو هئس، پر اوهان اتي تہ مون تي هٿ بہ نہ کنيو. پر هاڻي اوهان جو وقت آهي ڇو تہ هي اونداهيءَ جو راڄ آهي.“
پطرس جو عيسيٰ مسيح بابت انڪار ڪرڻ
(متي 26‏:57‏-58‏،69‏-75، مرقس 14‏:53‏-54‏،66‏-72، يوحنا 18‏:12‏-18‏،25‏-27)
54انهن عيسيٰ کي پڪڙي يروشلم ۾ وڏي سردار ڪاهن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو. 55جڏهن تہ ڪي ماڻهو اڱڻ جي وچ تي مچ ٻاري ويٺا هئا، سو پطرس بہ اچي انهن سان گڏجي ويٺو. 56ايتري ۾ هڪڙي نوڪرياڻيءَ هن کي باهہ جي سوجھري ۾ ويٺل ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح سڃاڻي چيائين تہ ”هي ماڻهو بہ عيسيٰ سان گڏ هو.“ 57پر پطرس اَلي ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“ 58گھڙي کن کان پوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس ۽ چيس تہ ”تون انهن مان آهين.“ پر پطرس ورنديءَ ۾ چيو تہ ”ادا! اهو آءٌ نہ آهيان.“ 59ڪلاڪ کن کان پوءِ هڪڙي ٻئي شخص يقين سان چيو تہ ”بيشڪ هي ماڻهو بہ تہ عيسيٰ سان هو، ڇو تہ هي بہ گليلي آهي.“ 60پر پطرس چيو تہ ”ادا! آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اوهين ڇا ٿا چئو.“ هو اڃا ڳالهائي ئي پيو تہ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 61#لو 22‏:34 تڏهن خداوند ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي خداوند جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ 62تڏهن پطرس ٻاهر نڪري ويو ۽ وڃي زاروزار روئڻ لڳو.
عيسيٰ مسيح تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ مار ڏيڻ
(متي 26‏:67‏-68، مرقس 14‏:65)
63جن ماڻهن عيسيٰ تي پهرو پئي ڏنو، تن مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون ۽ ڌڪ بہ پئي هنيائونس. 64سندس اکيون ٻڌي منهن تي چماٽون هڻي پڇنس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ 65انهن ٻيون بہ ڪيتريون ئي گاريون ڏيئي کيس گھٽ وڌ پئي ڳالهايو.
عيسيٰ مسيح يهودي ڪائونسل اڳيان
(متي 26‏:59‏-66، مرقس 14‏:55‏-64، يوحنا 18‏:19‏-24)
66جڏهن ڏينهن ٿيو تہ سردار ڪاهنَ، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي انهن جي ڪائونسل اڳيان پيش ڪيو ويو. 67انهن کانئس پڇيو تہ ”ٻڌاءِ، ڇا تون مسيح آهين؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”جيڪڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ اوهين اعتبار ئي نہ ڪندا 68۽ جيڪڏهن آءٌ اوهان کان سوال پڇان تہ اوهين جواب ئي نہ ڏيندا. 69پر هن کان پوءِ ابنِ آدم قادرِمطلق خدا جي ساڄي پاسي ويهندو.“ 70انهن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون خدا جو فرزند آهين ڇا؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”اوهين پاڻ ئي چئو ٿا تہ آءٌ آهيان.“ 71تنهن تي انهن چيو تہ ”هاڻي اسان کي وڌيڪ ڪنهن بہ شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان پاڻ سندس واتان ٻڌو آهي.“

Currently Selected:

لوقا 22: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in