19
عيسيٰ مسيح ۽ زڪئي
1عيسيٰ يريحو شهر ۾ داخل ٿي ان مان لنگھي رهيو هو. 2اتي زڪئي نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو عملدار ۽ شاهوڪار بہ هو. 3هن جي مرضي هئي تہ ”ڏسان تہ عيسيٰ ڪهڙو آهي.“ پر ميڙ جي ڪري ڏسي نہ ٿي سگھيو، ڇو تہ هن جو قد ننڍو هو. 4تنهنڪري هو اڳڀرو ڊوڙي وڃي هڪڙي انجير جي وڻ تي چڙهي ويٺو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ انهيءَ رستي تان لنگھڻو هو. 5جڏهن عيسيٰ انهيءَ جاءِ تي آيو، تڏهن مٿي نهاري چيائين تہ ”اي زڪئي! هڪدم هيٺ لهي اچ، ڇاڪاڻ تہ اڄ مون کي تنهنجي گھر رهڻو آهي.“ 6تنهن تي هو جلدي هيٺ لهي آيو ۽ عيسيٰ کي خوشيءَ سان پنهنجي گھر وٺي ويو. 7اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي گنهگار جي گھر رهيو آهي.“ 8گھر اندر زڪئي اُٿي بيهي خداوند کي چيو تہ ”ڏسو، اي خداوند! آءٌ پنهنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏهن مون ڪنهن کي ٺڳيو آهي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“ 9عيسيٰ هن کي چيو تہ ”اڄ هن گھر ۾ ڇوٽڪارو آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون بہ ابراهيم جو اولاد آهين. 10#مت 18:11 ابنِ آدم انهن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن.“
سونن سڪن جو مثال
(متي 25:14-30)
11جيئن تہ عيسيٰ يروشلم ۾ پهچڻ تي هو، سو جن ماڻهن سندس هي ڳالهيون پئي ٻڌيون سي ائين سمجھن پيا تہ هينئر ئي ٿي خدا جي بادشاهي ظاهر ٿئي. تنهن تي عيسيٰ هڪڙو مثال ڏيندي 12کين چيو تہ ”هڪڙو امير ڪنهن ڏورانهين ملڪ ڏانهن روانو ٿيو تہ جيئن اتان پنهنجي لاءِ بادشاهيءَ جو اختيار وٺي پوءِ وطن موٽي. 13وڃڻ کان اڳ هن پنهنجي نوڪرن مان ڏهن ڄڻن کي سڏي کين #19:13 سون جو هڪ هڪ سڪو سون جو هڪڙو سڪو چانديءَ جي هڪ سؤ عام سڪن جي برابر هو. چانديءَ جو هڪ سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي (ڏسو متي 20:2).سون جو هڪ هڪ سڪو ڏنو ۽ چيائين تہ ’جيستائين آءٌ موٽي اچان تيستائين انهن مان واپار هلائجو.‘ 14پر سندس وطن جا ماڻهو هن کان بيزار هئا. تنهنڪري هنن سندس پٺيان انهيءَ ملڪ ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آهي تہ هي ماڻهو اسان جي مٿان بادشاهي ڪري.‘
15جڏهن هو بادشاهيءَ جو اختيار وٺي موٽي آيو تہ حڪم ڏنائين تہ ’انهن نوڪرن کي مون وٽ وٺي اچو، جن کي آءٌ سڪا ڏيئي ويو هئس، ڏسان تہ واپار ڪري ڪيترو ڪمايو اٿن.‘ 16پهريون نوڪر آيو ۽ چيائينس تہ ’سائين! اوهان جي ڏنل سوني سڪي ڏهہ ٻيا سونا سڪا ڪمايا آهن.‘ 17تنهن تي هن چيس تہ ’شاباس، چڱا نوڪر! جيئن تہ تون ٿوري ۾ ايماندار ثابت ٿيو آهين، تنهنڪري هاڻي تون ڏهن شهرن جو حاڪم آهين.‘ 18ٻيو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اوهان جي ڏنل سوني سڪي پنج ٻيا سونا سڪا ڪمايا آهن.‘ 19هن ان کي بہ چيو تہ ’هاڻي تون پنجن شهرن جو حاڪم آهين.‘ 20ٻيو هڪڙو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! ڏسو، هي آهي اوهان جو سونو سڪو. مون اهو رومال ۾ ٻڌي سنڀالي رکيو آهي، 21ڇاڪاڻ تہ مون کي اوهان جو ڊپ هو جو اوهين سخت ماڻهو آهيو. جيڪي اوهان جمع نہ ڪيو آهي سو کڻو ٿا ۽ جيڪي اوهان نہ پوکيو آهي سو لڻو ٿا.‘ 22هن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنهنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوهاري قرار ڏيندس. جڏهن تو کي خبر بہ هئي تہ آءٌ سخت ماڻهو آهيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان، 23تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ منهنجو سڪو بئنڪ ۾ ئي رکين ها ۽ جڏهن آءٌ موٽي اچان ها تہ تو کان منافعي سميت اچي وٺان ها.‘ 24پوءِ جيڪي اتي بيٺا هئا تن کي چيائين تہ ’هن کان اهو هڪڙو سونو سڪو بہ کسي ڏهن سونن سڪن واري نوڪر کي ڏيو.‘ 25تڏهن هنن چيس تہ ’سائين! هن وٽ اڳي ئي ڏهہ سونا سڪا آهن.‘ 26#مت 13:12، مر 4:25، لو 8:18 انهن کي چيائين تہ ’آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جنهن وٽ آهي، تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو. پر جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي.
27هاڻ منهنجا اهي دشمن جن جي مرضي نہ هئي تہ آءٌ مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو ۽ کين منهنجي اڳيان قتل ڪريو.‘“
يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ
(متي 21:1-11، مرقس 11:1-11، يوحنا 12:12-19)
28اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ يروشلم ڏانهن اڳتي وڌڻ لڳو. 29جڏهن هو زيتون واري ٽڪر وٽ بيتفگاہ ۽ بيتعنياہ ڳوٺن جي ويجھو آيو تہ هن ٻن شاگردن کي هي هدايتون ڏيئي روانو ڪيو تہ 30”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ۾ گھڙندا تہ هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ سواري نہ ڪئي آهي. ان کي ڇوڙي هتي ڪاهي اچو. 31جيڪڏهن ڪو اوهان کان پڇي تہ ’ان کي ڇو ٿا ڇوڙيو،‘ تہ اوهين چئجوس تہ ’استاد کي انهيءَ جي ضرورت آهي.‘“
32سو اهي اوڏانهن ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو هئن تيئن ئي ڏٺائون. 33جڏهن هو کودڙو ڇوڙين پيا تہ ان جي مالڪ کين چيو تہ ”اوهين هن کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“ 34هنن ورندي ڏنس تہ ”استاد کي انهيءَ جي ضرورت آهي.“ 35پوءِ هو کودڙي کي عيسيٰ وٽ ڪاهي آيا ۽ ان جي مٿان پنهنجيون چادرون وجھي عيسيٰ کي ان تي سوار ڪيائون.
36پوءِ جيئن عيسيٰ ان تي سوار ٿي هلندو ٿي رهيو، تيئن ماڻهو پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا. 37جڏهن هو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاهيءَ وٽ پهتو تہ سندس شاگردن جو سڄو ميڙ عيسيٰ جي معجزن جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ جا نعرا هڻڻ لڳو تہ
38 #
زب 118:26
”سڀاڳو آهي اهو بادشاهہ،
جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي!
شل آسمان تي سلامتي
۽ عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“
39تنهن تي انهيءَ ميڙ مان ڪن فريسين چيس تہ ”اي استاد! پنهنجي شاگردن کي جھليو.“ 40عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏهن هنن ماٺ ڪئي تہ خود پٿر وٺي پڪاريندا.“
عيسيٰ مسيح جو يروشلم لاءِ روئڻ
41جڏهن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين 42۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي سلامتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن. 43ڏس، اهي ڏينهن تو تي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچا ٻڌي تنهنجو گھيرو ڪندا ۽ هر طرف کان تو کي سوڙهو ڪندا. 44اهي تو کي ۽ تنهنجي رهاڪن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا ۽ تو ۾ سِر سِر تي رهڻ نہ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏهن خدا تو کي بچائڻ لاءِ تو تي مِهر جي نظر ڪئي هئي.“
هيڪل مان واپارين کي تڙي ڪڍڻ
(متي 21:12-17، مرقس 11:15-19، يوحنا 2:13-22)
45عيسيٰ هيڪل ۾ آيو ۽ اتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار پيا ڪن تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو 46#يس 56:7، ير 7:11 ۽ کين چيائين تہ ”پاڪ ڪلام ۾ خدا اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر دعا وارو گھر ٿيندو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“
47 #
لو 21:37
عيسيٰ هر روز هيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيندو هو. سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ بني اسرائيل جي ٻين چڱن مڙسن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائي ڇڏيون.“ 48پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ آتا هئا.