17
همايمان وارن سان سلوڪ
(متي 18:6-7،21-22، مرقس 9:42)
1عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”گناهہ ڏانهن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آهن، پر مصيبت آهي انهيءَ لاءِ، جنهن جي هٿان اهڙا سبب پيدا ٿين ٿا. 2منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو گناهہ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي. 3#مت 18:15 سو خبردار رهو.
جيڪڏهن اوهان جي همايمان ڀاءُ ڀيڻ مان ڪو اوهان جو ڏوهہ ڪري تہ کيس هدايت ڪريو ۽ جيڪڏهن هو توبهہ ڪري تہ معاف ڪري ڇڏيوس. 4جيڪڏهن هو ڏينهن ۾ ست دفعا بہ اوهان جو ڏوهہ ڪري ۽ اوهان وٽ اچي ست دفعا چوي تہ ’مون کي معاف ڪريو‘ تہ بہ اوهين کيس معاف ڪندا رهو.“
ايمان رکڻ
5عيسيٰ کي رسولن چيو تہ ”اي خداوند! اسان جو ايمان وڌايو.“ 6خداوند چين تہ ”جيڪڏهن اوهين سرنهن جي داڻي جيترو بہ ايمان رکو ٿا تہ اوهين توت جي هن وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اهو بہ اوهان جي مڃيندو.“
غلام جو فرض
7”فرض ڪريو تہ اوهان کي ڪو غلام آهي. هو جڏهن هر ڪاهي يا رڍن جو ڌڻ چاري ٻنيءَ تان اچي، تہ ڇا اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’جلدي اچ ۽ ويهي ماني کاءُ‘؟ 8بلڪل نہ، اٽلندو اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’منهنجي رات جي ماني تيار ڪر. جيستائين آءٌ اها کائي پي بس نہ ڪريان تيستائين خدمت ۾ کڙوتڙو بيٺو رهج ۽ پوءِ وڃي تون کائجانءِ ۽ پيئجانءِ.‘ 9ڇا اوهين غلام جو انهيءَ ڪري ٿورو مڃيندا جو هن حڪم موجب ڪم ڪيو؟ 10ساڳيءَ طرح اوهان کي بہ جن ڪمن لاءِ حڪم ڪيل آهي، جڏهن اهي پورا ڪريو تڏهن چئو تہ ’اسين تہ خسيس غلام آهيون، جيڪو اسان تي ڪرڻ فرض هو، سو ئي اسان ڪيو.‘“
ڏهن ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي شفا ڏيڻ
11 يروشلم ڏانهن ويندي عيسيٰ گليل ۽ سامريہ جي سرحدي علائقن وچان لنگھيو پئي ويو. 12جڏهن هو هڪڙي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ تي هو تہ ڏهہ ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا اچي گڏيس. انهن ڪجھہ پرڀرو بيهي 13وڏي واڪي چيس تہ ”اي عيسيٰ! اي سائين! اسان تي رحم ڪريو.“ 14#لاو 14:1-32 هنن کي ڏسي چيائين تہ ”وڃو ۽ ڪاهنن کي وڃي پاڻ ڏيکاريو.“ سو جيئن ئي هو وڃن پيا تہ رستي تي ويندي ويندي پاڪ صاف ٿي پيا. 15جڏهن انهن مان هڪڙي ڏٺو تہ ”آءٌ چڱو ڀلو ٿي پيو آهيان،“ تڏهن وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڪندي موٽيو. 16هو عيسيٰ جي پيرن تي منهن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اهو موٽڻ وارو سامري ماڻهو هو. 17تنهن تي عيسيٰ پڇيو تہ ”ڏهہ ئي ڇٽي پاڪ صاف نہ ٿيا آهن ڇا؟ تہ پوءِ باقي نوَ ڪٿي آهن؟ 18ڇا هن ڌارئي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي خدا جي واکاڻ ڪري؟“ 19پوءِ هن کي چيائين تہ ”اُٿ ۽ هليو وڃ، تنهنجي ايمان تو کي بچايو آهي.“
خدا جي بادشاهيءَ جو اچڻ
(متي 24:23-28،37-41)
20ڪن فريسين عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خدا جي بادشاهي ڪڏهن ايندي؟“ هن ورنديءَ ۾ چين تہ ”خدا جي بادشاهيءَ جي اچڻ جي ڪا ظاهري نشاني نہ هوندي. 21ڪوبہ ائين نہ چوندو تہ ’ڏسو، بادشاهي هيڏانهن آهي‘ يا وري ’هوڏانهن آهي.‘ حقيقت ۾ خدا جي بادشاهي اوهان جي وچ ۾ آهي.“
22هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جڏهن اوهين ابنِ آدم جي موجودگيءَ وارو ڪو ڏينهن ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوهين اهڙو ڏينهن نہ ڏسندا. 23ماڻهو اوهان کي چوندا تہ ’ڏسو، ابنِ آدم هيڏانهن آهي. ڏسو، هوڏانهن آهي.‘ پر متان انهن جي ڳالهين تي لڳي اوڏانهن ڊوڙي وڃو. 24ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي موٽي اچڻ وقت ائين ظاهر ٿيندو، جيئن کِنوڻ آسمان ۾ هڪڙي طرف چمڪندي آهي ۽ سندس چمڪاٽ هر طرف ڏسڻ ۾ ايندو آهي. 25پر پهريائين ابنِ آدم کي ڪيتريون ئي سختيون سهڻيون پونديون ۽ هن زماني جي ماڻهن کان رد ڪيو ويندو. 26#پيد 6:5-8 ابنِ آدم جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو. 27#پيد 7:6-24 انهن ڏينهن ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا رهيا ۽ شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رهيا. پوءِ اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو ۽ ٻوڏ آئي ۽ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين. 28#پيد 18:20–19:25 ساڳيءَ طرح لوط جي ڏينهن ۾ بہ ٿيو، اهي کائيندا پيئندا، وڻج واپار ڪندا، پوکيندا ۽ اڏيندا رهيا. 29پر جنهن ڏينهن لوط سدوم شهر کان نڪري ٻاهر ٿيو هو، تنهن ڏينهن آسمان مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وٺو هو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو هئائين. 30سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنهن وقت ابنِ آدم ظاهر ٿيندو.
31 #
مت 24:17-18، مر 13:15-16 انهيءَ وقت جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪوٺي تي آهي تہ هن کي پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لهي گھر ۾ وڃڻ نہ کپي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪو ٻنيءَ ۾ آهي تہ گھر ڏانهن موٽڻ نہ گھرجيس. 32#17:32 لوط جي زال سدوم شهر کان ڀڄي وڃڻ وقت لوط جي زال منهن ڦيرائي پٺتي نهاريو تہ اها لوڻ جو ٿنڀو ٿي پيئي (ڏسو پيدائش 19:26).لوط جي زال واري ڳالهہ ياد رکجو. 33#مت 10:39، 16:25، مر 8:35، لو 9:24، يو 12:25 جيڪو بہ پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو سو اها وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو سو ئي اها بچائيندو. 34آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ انهيءَ رات جيڪڏهن ٻہ ماڻهو گڏ هڪ بستري تي ستل هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو. 35جيڪڏهن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيهنديون هونديون، تہ هڪڙي کنئي ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو. 36ٻنيءَ ۾ جيڪڏهن ٻہ ماڻهو هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.“
37 #
مت 24:28، ايو 39:30 شاگردن پڇيس تہ ”اي خداوند! اهو ڪٿي ٿيندو؟“ عيسيٰ وراڻين تہ #17:37 جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان... اصلي متن ۾ هيءَ چوڻي لکيل آهي تہ ”جتي ڍونڍ هوندو تہ ڳجھون بہ اتي ئي اچي مڙنديون.“”جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان اهو ظاهر ٿيندو آهي تہ اتي ڍونڍ آهي، تيئن اهو ظاهر ٿيندو.“