15
وڃايل رڍ جو مثال
(متي 18:12-14)
1 #
لو 5:29-30
هڪ دفعي جڏهن ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ گنهگار عيسيٰ جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ سندس چوڌاري اچي مڙيا، 2تڏهن فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، هي تہ گنهگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ ساڻن گڏ ٿو کائي!“ 3تنهن تي عيسيٰ انهن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ 4”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي سؤ رڍون هجن ۽ انهن مان هڪڙي گم ٿي وڃيس تہ هو ان جي لاءِ ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا هو نوانوي کي جھنگ ۾ ڇڏي ان هڪڙيءَ جي پٺيان نہ رُلندو جيستائين اها نہ لڀيس؟ 5پوءِ جڏهن اها لڀيس ٿي تہ ايڏو خوش ٿو ٿئي جو انهيءَ کي ڪلهن تي ٿو کڻي. 6هو جڏهن گھر پهچي ٿو تہ سڀني دوستن ۽ پاڙيسرين کي سڏي چوي ٿو تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجي وڃايل رڍ لڌي آهي.‘ 7آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح هڪ گنهگار جيڪو توبهہ ٿو ڪري، ان لاءِ آسمان تي وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انهن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبهہ جي ضرورت نہ آهي.“
وڃايل سڪي جو مثال
8”يا فرض ڪريو تہ هڪڙيءَ عورت کي #15:8 چانديءَ جا ڏهہ سڪا انهن ڏينهن ۾ چانديءَ جو هڪ عام سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي هئي (ڏسو متي 20:2).چانديءَ جا ڏهہ سڪا آهن ۽ هڪ وڃائجي وڃيس، تہ اها ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻهاريندي ۽ ڌيان سان پيئي ڳوليندي رهندي جيستائين اهو نہ لهندي. 9جڏهن لڀيس ٿو تہ پنهنجي ساهيڙين ۽ پاڙي وارين کي سڏي گڏ ڪري چوندي تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجو وڃايل سڪو لڌو آهي.‘ 10آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ گنهگار توبهہ ٿو ڪري.“
وڃايل پٽ جو مثال
11عيسيٰ هيئن بہ چيو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا، 12جن مان ننڍي پٽ پيءُ کي چيو تہ ’اي بابا! ملڪيت مان جيڪو منهنجو حصو ٿئي ٿو سو مون کي ڏيو.‘ سو هن پنهنجي ملڪيت ٻنهي پٽن کي ورهائي ڏني. 13اڃا ڪجھہ ڏينهن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنهنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنهنجي سموري ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين. 14جڏهن سڀ ڪجھہ ختم ڪري چڪو، تڏهن ان ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ هو بک مرڻ لڳو. 15سو هو انهيءَ ملڪ جي هڪڙي ماڻهوءَ وٽ وڃي نوڪر ٿي بيٺو، جنهن کيس پنهنجي ٻنين ۾ سوئرن چارڻ جو ڪم ڏنو. 16هو سوئرن وارو کاڌو کائي پيٽ ڀرڻ لاءِ تيار هو، پر اهو بہ ڪنهن نہ ٿي ڏنس. 17آخرڪار هن پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منهنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رهن، پر آءٌ هتي بک پيو مران. 18آءٌ پنهنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ کيس چوندس تہ ”اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان 19۽ هاڻي انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان. مون کي پنهنجي مزدورن مان هڪڙو سمجھي بيهاريو.“‘ 20سو هو اُٿي پنهنجي پيءُ ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪهل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس. 21تڏهن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان ۽ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان.‘ 22پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس. 23هڪڙو ٿلهو متارو وهڙو آڻي ڪهو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملهايون، 24ڇاڪاڻ تہ منهنجو هي پٽ مري ويو هو ۽ هاڻي وري جيئرو ٿيو آهي. هو گم ٿي ويو هو ۽ هاڻي وري مليو آهي.‘ پوءِ اهي خوشيون ملهائڻ لڳا.
25انهيءَ وقت سندس وڏو پٽ جيڪو ٻنيءَ تي ويل هو سو موٽي آيو. جڏهن گھر جي ويجھو پهتو تڏهن ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ٻڌائين. 26تڏهن هڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائينس تہ ’هي ڇا پيو ٿئي؟‘ 27تنهن تي نوڪر چيس تہ ’تنهنجو ڀاءُ صحيح سلامت گھر موٽي آيو آهي، تنهنڪري تنهنجي پيءُ ٿلهو متارو وهڙو ڪهايو آهي.‘ 28تڏهن هو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنهن تي سندس پيءُ ٻاهر اچي کيس سمجھائڻ لڳو. 29پر هن پنهنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ هڪ ٻانهي وانگر اوهان جي خدمت ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪڏهن بہ اوهان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، پر اوهان ڪڏهن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنهنجي سنگتين سان موجون ماڻيان. 30جڏهن تہ اوهان جو هي پٽ، جنهن ڪسبياڻين ۾ اوهان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو هاڻي آيو آهي تہ هن لاءِ ٿلهو متارو وهڙو ڪٺو اٿوَ.‘ 31تنهن تي پيءُ چيس تہ ’پٽ! تون تہ هميشہ مون سان گڏ آهين ۽ جيڪي منهنجو آهي سو سڀ تنهنجو ئي آهي. 32پر اسان کي تہ انهيءَ لاءِ شادمانو ۽ خوشي ملهائڻي آهي جو تنهنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو هو سو هاڻي جيئرو ٿيو آهي، جيڪو وڃائجي ويو هو سو هاڻي لڌو آهي.‘“