9
ڄائي ڄم کان انڌي کي ديد ڏيڻ
1جيئن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ رستي سان پئي ويو تہ هن هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو ڄائي ڄم کان انڌو هو. 2هن جي شاگردن کانئس پڇيو تہ ”اي استاد! هي ڪنهن جي گناهہ جي ڪري انڌو ڄائو آهي؟ ڇا پنهنجي گناهہ جي ڪري يا پنهنجي ماءُ پيءُ جي گناهہ جي ڪري؟“ 3عيسيٰ وراڻيو تہ ”هن جي انڌائپ جو هن جي گناهہ سان يا سندس ماءُ پيءُ جي گناهہ سان ڪوبہ واسطو نہ آهي. پر هي انهيءَ ڪري انڌو آهي تہ جيئن هن مان خدا جا ڪم ظاهر ٿين. 4ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو. 5#مت 5:14، يو 8:12 جيستائين آءٌ هن دنيا ۾ آهيان تہ آءٌ دنيا جي روشني آهيان.“ 6ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ زمين تي ٿُڪ اڇلائي ۽ انهيءَ ٿُڪ مان مٽي آلي ڪيائين. پوءِ اها آلي مٽي انهيءَ انڌي جي اکين تي لاتائين 7۽ چيائينس تہ ”پنهنجو منهن انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو شيلوخ آهي.“ #9:7 (شيلوخ جي معنيٰ ”موڪليل“ آهي.) هيءَ سمجھاڻي اصلي متن جي آهي. (شيلوخ جي معنيٰ ”موڪليل“ آهي.) پوءِ هو ويو ۽ انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوتائين ۽ موٽ تي هو ڏسندو وائسندو آيو.
8تنهن تي سندس پاڙيسرين ۽ ٻين ماڻهن جن کيس اڳ پنندي ڏٺو هو، سي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو فقير تہ نہ آهي جيڪو هتي ويٺو پنندو هو!“ 9ڪن چيو تہ ”هي اهو ئي آهي“ ۽ ڪي وري چوڻ لڳا تہ ”هي اهو نہ آهي، پر انهيءَ جو ڪو همشڪل آهي.“ تنهن تي هن پاڻ چيو تہ ”آءٌ اهو ئي آهيان.“ 10تڏهن انهن پڇيس تہ ”تو کي ديد ڪيئن ملي؟“ 11هن وراڻيو تہ ”اهو شخص جنهن جو نالو عيسيٰ آهي، تنهن مٽي آلي ڪري منهنجي اکين تي لاتي ۽ چيائين تہ ’شيلوخ واري تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوءُ.‘ پوءِ آءٌ ويس ۽ وڃي منهن ڌوتم تہ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“ 12تنهن تي انهن پڇيس تہ ”اهو شخص ڪٿي آهي؟“ هن چين تہ ”مون کي خبر نہ آهي.“
انڌي کي ديد ملڻ بابت فريسين جي جاچ
13-14جنهن ڏينهن تي عيسيٰ مٽي آلي ڪئي ۽ اها انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لائي کيس ديد ڏني هئي، سو #9:13-14 سبت هفتي جي ستن ڏينهن مان يهودين جو اهو هڪ خاص ڏينهن هو. انهيءَ ڏينهن تي ڪوبہ ڪم ڪار ڪرڻ منع هو. مٽي آلي ڪرڻ بہ هڪ قسم جو ڪم سمجھيو ويندو هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ سبت جو ڏينهن هو. پوءِ جڏهن اهي ماڻهو انهيءَ انڌي مان سڄي ٿيل شخص کي فريسين وٽ وٺي آيا، 15تڏهن فريسين بہ انهيءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ هن انهن کي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ آلي مٽي منهنجي اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منهن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“ 16تنهن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ هي ڪم ڪيو آهي سو خدا جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن کي نہ مڃيو آهي.“ پر ٻين چيو تہ ”جيڪو گنهگار آهي سو اهڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنهنڪري انهن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.
17ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو نبي آهي.“ 18يهودي اڳواڻن کي هن ماڻهوءَ جي ڳالهہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ هو ڪو انڌو هو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آهي. تنهنڪري هنن انهيءَ ماڻهوءَ جي ماءُ پيءُ کي گھرائي کانئن پڇيو تہ 19”ڇا هي اوهان جو پٽ آهي؟ ڇا هي ڄائي ڄم کان انڌو هو؟ تہ پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تہ هو هاڻي ڏسي وائسي ٿو؟“ 20هن جي ماءُ پيءُ وراڻيو تہ ”هائو، واقعي هي اسان جو پٽ آهي ۽ ڄائي ڄم کان انڌو هو. 21پر اسان کي اها خبر ڪانهي تہ هاڻي ڪيئن هو ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي ۽ ڪنهن هن کي ديد ڏني آهي. اوهين کانئس پڇو. هو عاقل بالغ آهي، پاڻ پنهنجي ڳالهہ ڪندو.“ 22سندس ماءُ پيءُ يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي عبادتخاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا. 23اهو ئي سبب هو جو انهيءَ ماڻهوءَ جي ماءُ پيءُ چيو تہ ”اوهين کانئس پڇو، هو عاقل بالغ آهي.“
24سو انهن وري انهيءَ ماڻهوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو هو ۽ کيس چيائون تہ ”تون خدا جي آڏو قسم کڻ تہ سچ ڳالهائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ تو کي ديد ڏني سو گنهگار آهي.“ 25انهيءَ ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”مون کي خبر نہ آهي تہ هو گنهگار آهي يا نہ. آءٌ رڳو اهو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو هئس ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو.“ 26تنهن تي انهن پڇيس تہ ”هن تو کي ڇا ڪيو؟ ڪيئن تو کي ديد ڏنائين؟“ 27هن وراڻيو تہ ”اڃا هاڻي تہ مون اوهان کي ٻڌايو آهي تہ بہ اوهان ڪونہ ٻڌو. وري ڇو ٿا ٻڌڻ چاهيو؟ اوهين بہ هن جا شاگرد ٿيڻ چاهيو ٿا ڇا؟“ 28تنهن تي انهن ڦٽ لعنت ڪري چيس تہ ”تون ئي انهيءَ جو شاگرد آهين. اسين تہ موسيٰ جا شاگرد آهيون. 29اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ خبر نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“ 30تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”واہ! اها تہ عجيب ڳالهہ آهي. جيتوڻيڪ هن مون کي ديد ڏني آهي، تڏهن بہ اوهان کي خبر نہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان آيو آهي. 31اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نہ ٻڌندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو خداپرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي هلي ٿو تہ خدا انهيءَ جي ٻڌي ٿو. 32دنيا جي شروعات کان وٺي ائين ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو آهي تہ ڄائي ڄم جي انڌي ماڻهوءَ کي ڪنهن ديد ڏني هجي. 33جيڪڏهن هي ماڻهو خدا جي طرفان نہ هجي ها تہ ڪجھہ بہ نہ ڪري سگھي ها.“ 34تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناهن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس عبادتخاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.
روحاني انڌائپ
35جڏهن عيسيٰ ٻڌو تہ يهودي اڳواڻن انهيءَ ماڻهوءَ کي عبادتخاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، تڏهن هو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا تون ابنِ آدم تي ايمان آڻين ٿو؟“ 36تنهن تي هن پڇيس تہ ”سائين! اهو ڪير آهي جو آءٌ مٿس ايمان آڻيان؟“ 37عيسيٰ چيس تہ ”تو کيس اڳي بہ ڏٺو آهي ۽ هاڻي جيڪو تو سان ڳالهائي رهيو آهي، سو ئي آهي.“ 38تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ ايمان آڻيان ٿو.“ ائين چئي هن کيس سجدو ڪيو.
39پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ هن دنيا ۾ فيصلو ڏيڻ لاءِ آيو آهيان، تہ جيئن جيڪي انڌا آهن سي ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“ 40تڏهن اتي موجود فريسين مان ڪن اهي ڳالهيون ٻڌي پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آهيون؟“ 41عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين انڌا هجو ها تہ اوهان جو ڪو ڏوهہ نہ هجي ها. پر هاڻي تہ اوهين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوهان جو ڏوهہ ثابت آهي.“