YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 20

20
عيسيٰ مسيح جو وري جيئرو ٿي اٿڻ
(متي 28‏:1‏-8، مرقس 16‏:1‏-8، لوقا 24‏:1‏-12)
1آچر جي ڏينهن صبح جو سوير اڃا اوندهہ ئي هئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي. ڇا ڏسي تہ قبر جي منهن تان پٿر پري هٽيو پيو آهي. 2سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ خبر نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“ 3تنهن تي پطرس ۽ اهو ٻيو شاگرد قبر ڏانهن روانا ٿيا. 4اهي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، پر اهو ٻيو شاگرد پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو ۽ پطرس کان پهريائين قبر تي پهتو. 5هو قبر ۾ اندر گھڙي نہ ويو، پر ليئو پائي قبر ۾ نهاري ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي. 6هن کان پوءِ شمعون پطرس بہ پهتو ۽ هو سڌو قبر ۾ گھڙي ويو جتي ڪفن پيل ڏٺائين. 7ان کان علاوہ هن اهو رومال بہ اتي پيل ڏٺو، جيڪو عيسيٰ جي مٿي تي ويڙهيل هو. پر اهو ٻئي هنڌ جدا ويڙهيو پيو هو. 8تنهن کان پوءِ اهو ٻيو شاگرد، جيڪو پطرس کان اڳي قبر تي پهتو هو، سو بہ قبر ۾ گھڙي ويو. هن سڀ ڪجھہ ڏٺو ۽ يقين ڪيائين، 9جيتوڻيڪ اڃا تائين شاگرد پاڪ ڪلام جي اها لکت نہ سمجھي سگھيا هئا تہ مسيح مئلن مان ضرور جيئرو ٿي اٿندو. 10پوءِ اهي ٻئي شاگرد موٽي پنهنجي گھر هليا ويا.
مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏيڻ
(متي 28‏:9‏-10، مرقس 16‏:9‏-11)
11پر مريم قبر جي ٻاهران بيٺي روئندي رهي. روئندي روئندي هن نِوڙي قبر ۾ نهاريو 12۽ ڏٺائين تہ ٻہ ملائڪ اڇي پوشاڪ سان انهيءَ جاءِ تي ويٺا آهن جتي عيسيٰ جو لاش رکيل هو. هڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو هو. 13انهن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهي منهنجي خداوند کي کڻي هليا ويا آهن ۽ خبر ئي ڪانهي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“
14هن ائين چئي اڃا پٺيان نهاريو تہ عيسيٰ کي اتي بيٺل ڏٺائين، پر سڃاتائين ڪين تہ هو ڪو عيسيٰ آهي. 15عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“ 16عيسيٰ چيس تہ ”مريم!“ تنهن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منهنجا استاد!“ 17عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ ڏانهن، يعني پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا ڏانهن.“ 18پوءِ مريم مگدلينيءَ اچي شاگردن کي اها ڳالهہ ٻڌائي تہ ”مون خداوند کي ڏٺو آهي.“ هن کين اهي ڳالهيون بہ ٻڌايون جيڪي خداوند عيسيٰ ساڻس ڪيون هيون.
شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ
(متي 28‏:16‏-20، مرقس 16‏:14‏-18، لوقا 24‏:36‏-49)
19انهيءَ ساڳئي آچر جي ڏينهن شام جو جڏهن شاگرد يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“ 20ائين چوڻ کان پوءِ هن شاگردن کي پنهنجا هٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنهن تي عيسيٰ کي سڃاڻيندي ئي شاگرد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا. 21تڏهن عيسيٰ وري چين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي. جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان کي موڪليان ٿو.“ 22پوءِ هنن تي ڦوڪ ڏيندي کين چيائين تہ ”وٺو هي پاڪ روح. 23#مت 16‏:19، 18‏:18 جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندا تہ کين معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن اوهين انهن کي معاف نہ ڪندا تہ کين معاف نہ ڪيو ويندو.“
توما جو شڪ دور ڪرڻ
24توما انهن ٻارهن شاگردن مان هڪڙو هو جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، سو عيسيٰ جي اچڻ مهل شاگردن سان گڏ نہ هو. 25اهو جڏهن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آهي.“ تنهن تي هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس هٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ هٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“
26هفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“ 27پوءِ هن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجي هٿ ۾ وجھي ڏس ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ وجھہ. بي‌اعتبار نہ ٿيءُ پر اعتبار ڪر.“ 28تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا خداوند! اي منهنجا خدا!“ 29عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا رکن.“
هن ڪتاب جو مقصد
30 شاگردن جي روبرو عيسيٰ ٻيا بہ ڪيترائي معجزا ڪيا، جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيا نہ ويا آهن. 31پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آهي ۽ مٿس ايمان آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ زندگي ملي.

Currently Selected:

يوحنا 20: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in