15
عيسيٰ مسيح حقيقي ول آهي
1عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ حقيقي ول آهيان ۽ منهنجو پيءُ باغائي آهي. 2مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنهن کي هو وڍي اڇلائي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنهن کي هو ڇانگي ٿو تہ جيئن اها وڌيڪ ميوو ڏئي. 3سو جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن، تن جي ڪري اوهين اڳي ئي پاڪ صاف ٿي ويا آهيو. 4اوهين مون ۾ رهو ۽ آءٌ اوهان ۾ رهندس. ڪابہ ٽاري تيستائين ميوو نہ ٿي جھلي، جيستائين اها ول ۾ نہ ٿي رهي. اهڙيءَ طرح اوهين بہ ميوو نہ ٿا جھلي سگھو جيستائين مون ۾ نہ رهو.
5آءٌ ول آهيان ۽ اوهين منهنجيون ٽاريون آهيو. جيڪو مون ۾ رهي ٿو، تنهن ۾ آءٌ رهان ٿو ۽ اهو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇاڪاڻ تہ مون کان جدا ٿي اوهين ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو. 6جيڪو مون ۾ نہ رهندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو. اهڙيون ٽاريون سڪي وينديون آهن ۽ اهي ميڙي گڏ ڪري باهہ ۾ اڇلائي ساڙيون وينديون آهن. 7جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو. 8اوهان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوهين منهنجا شاگرد آهيو ۽ انهيءَ ڳالهہ مان منهنجي پيءُ جو جلوو ظاهر ٿئي ٿو. 9جيئن پيءُ مون سان پيار ڪيو آهي، تيئن مون بہ اوهان سان پيار ڪيو آهي. هاڻي اوهين منهنجي پيار ۾ رهو. 10جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.
11مون اهي ڳالهيون انهيءَ ڪري اوهان کي ٻڌايون آهن تہ جيئن اوهان کي پوري خوشي حاصل ٿئي جهڙي مون کي آهي. 12#يو 13:34، 15:17، 1.يو 3:23، 2.يو 5 اهو ئي منهنجو حڪم آهي تہ اوهين هڪٻئي سان پيار ڪريو، جيئن مون اوهان سان پيار ڪيو آهي. 13انهيءَ کان وڌيڪ ڪوبہ پيار ڪونهي جو ماڻهو پنهنجي دوستن لاءِ پنهنجي جان ڏئي. 14جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو. 15هن کان پوءِ آءٌ نہ چوندس تہ اوهين غلام آهيو، ڇاڪاڻ تہ غلام کي خبر نہ هوندي آهي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رهيو آهي. پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ کان ٻڌيون آهن سي سڀ اوهان کي ٻڌايون اٿم. 16اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.
17آءٌ اوهان کي اهو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو.“
دنيا جو شاگردن کان نفرت ڪرڻ
18”جيڪڏهن دنيا اوهان کان نفرت ڪري ٿي تہ اوهان کي ياد رکڻ گھرجي تہ انهيءَ پهريائين مون کان بہ نفرت ڪئي هئي. 19جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها تہ جيڪر دنيا اوهان سان پنهنجن جهڙو پيار ڪري ها. پر اوهين دنيا جا نہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان کان نفرت ڪري ٿي. 20#مت 10:24، لو 6:40، يو 13:16 مون اوهان کي اڳ ۾ جيڪي ٻڌايو آهي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنهنجي مالڪ کان وڏو نہ آهي. سو جيئن ماڻهن مون کي ستايو آهي تيئن اوهان کي بہ ستائيندا. جيئن ڪن منهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي تيئن اوهان جي ڳالهين تي بہ عمل ڪندا. 21ماڻهو منهنجي نالي جي ڪري اوهان سان اهڙو سلوڪ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ کي نہ ٿا ڄاڻين جنهن مون کي موڪليو آهي. 22جيڪڏهن آءٌ نہ اچان ها ۽ کين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايان ها تہ انهن کي گنهگار قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي کين پنهنجن گناهن لاءِ ڪوبہ بهانو نہ آهي. 23جيڪو مون کان نفرت ڪري ٿو، سو منهنجي پيءُ کان بہ نفرت ڪري ٿو. 24جيڪي ڪم ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، سي جيڪڏهن آءٌ انهن ۾ نہ ڪريان ها تہ پوءِ انهن کي گنهگار قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي تہ انهن منهنجا ڪم ڏٺا آهن، تنهن هوندي بہ مون کان ۽ منهنجي پيءُ کان نفرت ڪن ٿا. 25#زب 35:19، 69:4 پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘
26جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جو روح جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو. 27اوهين پڻ منهنجي شاهدي ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهين شروع کان وٺي مون سان گڏ رهيا آهيو.