2
نئين اڏيل هيڪل جو شان وَ شوڪت
1ساڳئي سال ستين مهيني جي ايڪيهين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ کي وري فرمايو تہ 2”تون يهوداہ جي گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ 3#عز 3:12 ’ڇا اوهان منجھہ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جن اصلي هيڪل جو شان وَ شوڪت ڏٺو هجي؟ اوهان انهن کان پڇو تہ کين هاڻوڪي هيڪل ڪيئن ٿي ڏسڻ ۾ اچي؟ ٿي سگھي ٿو تہ انهن جي خيال ۾ اڳئين جي مقابلي ۾ هي هيڪل ڪجھہ بہ نہ آهي. 4مگر اي زربابل! اي سردار ڪاهن يشوع! ۽ اي ملڪ جا سڀ رهاڪؤ! آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين دلجاءِ ڪري ڪم ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ قادرِمطلق اوهان سان گڏ آهيان. 5#خر 29:45-46 جڏهن آءٌ اوهان جي وڏن کي مصر مان ڪڍي آيو هئس، تڏهن مون انهن سان عهد ٻڌو هو تہ آءٌ انهن سان هميشہ گڏ هوندس. هاڻي آءٌ اوهان سان بہ گڏ آهيان سو اوهين همت نہ هاريو.
6 #
عبر 12:26
آءٌ قادرِمطلق جلد هڪ دفعو وري زمين وَ آسمان کي ۽ بر وَ بحر کي لوڏي ڇڏيندس. 7آءٌ سڀني قومن کي لوڏو ڏيئي شڪست ڏيندس ۽ سندن خزانا هتي يروشلم ۾ آڻي هن هيڪل جي شان وَ شوڪت ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيندس، 8ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا جي چاندي توڙي سون مون قادرِمطلق خداوند جو آهي. 9اهڙيءَ طرح هيءَ نئين هيڪل اڳئين هيڪل کان وڌيڪ شاندار نظر ايندي. هتي آءٌ پنهنجي قوم کي خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي بخشيندس. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.‘“
حجي نبيءَ جو ڪاهنن سان مشورو
10شهنشاهہ دارا جي حڪمرانيءَ جي ٻئي سال، نائين مهيني جي چوويهين تاريخ تي قادرِمطلق خداوند حجي نبيءَ کي فرمايو تہ 11”تون شريعت جي هن سوال بابت ڪاهنن کان راءِ وٺ. 12جيڪڏهن ڪو ماڻهو قرباني ڪيل گوشت مان ڪو ٽڪرو پنهنجي لباس جي دامن ۾ وجھي کنيو وڃي ۽ سندس دامن ڪنهن ماني، ڀاڄي، مئي، زيتون جي تيل يا ڪنهن بہ قسم جي کاڌي واري شيءِ کي لڳي پوي تہ پوءِ ڇا اها شيءِ بہ پاڪ ٿي پوندي؟“ جڏهن حجيءَ اهو سوال ڪاهنن کان پڇيو تہ هنن وراڻيو تہ ”نہ.“
13 #
ڳا 19:11-22
پوءِ حجيءَ وري کانئن پڇيو تہ ”فرض ڪريو تہ ڪو ماڻهو ڪنهن مُڙدي کي ڇهڻ سان ناپاڪ ٿي پيو هجي تہ پوءِ جيڪڏهن هو کاڌي وارين انهن شين کي ڇهي تہ ڇا اهي ناپاڪ ٿي پونديون؟“ ڪاهنن وراڻيو تہ ”هائو، اهي ناپاڪ ٿي پونديون.“
14تڏهن حجيءَ کين خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”ساڳي ئي نموني منهنجي اڳيان بہ هي سڄي قوم ناپاڪ آهي. سو سندن هر پورهيو، بلڪ جيڪي ڪجھہ اهي قربانگاهہ تي پيش ٿا ڪن سو بہ ناپاڪ آهي.
15سو هاڻي اوهين اڄ کان وٺي اڳتي لاءِ اُنهيءَ وقت کي ڌيان ۾ رکو، جڏهن اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت شروع ئي ڪين ٿي هئي. 16ياد ڪريو، اُنهيءَ وقت اوهان جو ڇا حال هو؟ جڏهن اوهين اهو آسرو رکي اناج جي کوڙ تي ٿي ويا تہ اهو ٻہ سؤ ڪلوگرام هوندو، پر اهو هڪ سؤ ٿي نڪتو. هائو، جڏهن اوهين انگورن جي چيچڙي جي حوض تي اهو آسرو رکي ٿي ويا تہ انهيءَ مان اوهان کي هڪ سؤ ليٽر رس ملندي، پر اوهان رڳو چاليهہ ليٽر ٿي حاصل ڪئي. 17اهو انهيءَ ڪري هو جو مون جھولي، سينوَر ۽ ڳڙن موڪلڻ سان اوهان جي سڄي پيداوار کي برباد ڪري ٿي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا.
18اڄ نائين مهيني جي چوويهين تاريخ آهي ۽ اڄوڪي ڏينهن اوهان هيڪل جو بنياد رکي چڪا آهيو سو هاڻي کان اوهين غور ڪري ڏسجو تہ ايندڙ وقت ۾ اوهان کي ڇا ٿو ملي. 19جيئن تہ اوهان اڃا هاڻي اناج جا ٻج ڀانڊن مان ڪڍي پوکيا آهن، ۽ جيتوڻيڪ انگورن جي ول ۽ انجير، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻن اڃا ڦر ئي نہ جھليو آهي، تڏهن بہ دلجاءِ ڪريو تہ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪتون عطا ڪندو رهندس.“
زربابل سان خداوند جو واعدو
20هوڏانهن ساڳي ئي ڏينهن خداوند حجيءَ کي فرمايو تہ 21”تون يهوداہ جي گورنر زربابل کي منهنجو هي پيغام ڏي تہ آءٌ زمين وَ آسمان کي لوڏي ڇڏيندس. 22آءٌ غير قومن جي سڀني حڪومتن ۽ سندن طاقتن کي ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، آءٌ انهن جي جنگي گھوڙي گاڏين کي سوارن سميت اونڌو ڪري ڇڏيندس ۽ گھوڙن ۽ سندن سوارن کي بہ مارائي ڇڏيندس. ايتري قدر جو اهي لشڪر خونريزي وجھي هڪٻئي کي ماري ڇڏيندا. 23#ير 22:24 اي منهنجا ٻانها زربابل، سالتيايل جا پٽ! اهو رڳو تون ئي آهين جنهن کي مون چونڊيو آهي. هائو، انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند تو کي پنهنجي شاهي منڊيءَ جي نشانيءَ طور اختياري ڏيئي حڪمران مقرر ڪندس. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“