YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 50

50
يعقوب جي تدفين
1تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ تي ڪري روئڻ لڳو ۽ کيس چميائين. 2پوءِ يوسف ملازم حڪيمن کي حڪم ڏنو تہ ”منهنجي پيءُ کي سرهاڻيون لايو.“ سو حڪيمن يعقوب کي #50‏:2 سرهاڻيون لاتيون انهن ڏينهن ۾ مصر ۾ ڪي خاص سرهاڻيون تيار ڪري لاش کي لاتيون وينديون هيون، جنهن سان اهو صدين تائين محفوظ ٿي رهيو.سرهاڻيون لاتيون. 3انهيءَ ۾ پورا چاليهہ ڏينهن لڳي ويا، ڇو تہ سرهاڻيون لائڻ ۾ ايترا ئي ڏينهن لڳندا هئا. مصرين هن جي لاءِ ستر ڏينهن سوڳ ملهايو.
4جڏهن سوڳ جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن يوسف فرعون جي محلات جي عملدارن کي چيو تہ ”جيڪڏهن مون تي اوهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ مهرباني ڪري منهنجي هيءَ ڳالهہ فرعون جي ڪن ۾ وجھو تہ 5#پيد 47‏:29‏-31 مون يوسف جي پيءُ مون کي قسم کڻائي چيو هو تہ ’جيئن تہ آءٌ مرڻ تي آهيان، سو مون کي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪجانءِ جيڪو مون ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي لاءِ خريد ڪري ڇڏيو آهي.‘ تنهنڪري مهرباني ڪري مون يوسف کي اجازت ڏيو تہ آءٌ وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪري موٽي اچان.“ 6تڏهن فرعون انهن کي چيو تہ ”ڀلي وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪري، جيئن سندس پيءُ کيس قسم کڻايو هو.“
7تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي دفن ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. فرعون جا سڀ عملدار، سندس محلات جا ناظم ۽ مصر ملڪ جا سڀ اڳواڻ يوسف سان گڏجي هليا. 8يوسف جو سمورو خاندان، سندس ڀائر ۽ سندس پيءُ جي گھر جا باقي ٻيا ڀاتي بہ ساڻس گڏجي هليا. هنن فقط پنهنجا ٻار، رڍون، ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ئي جشن جي علائقي ۾ ڇڏيا. 9گاڏين وارا ۽ گھوڙي سوار سڀيئي ساڻس گڏ ويا. سو هڪ وڏو انبوهہ يوسف سان روانو ٿيو. 10جڏهن اهي اتد علائقي جي ڳاهہ ڳاهڻ واريءَ جاءِ وٽ پهتا، جيڪا اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر آهي، تڏهن اُتي هو دل ڏاريندڙ وڏي آواز ۾ رنا. يوسف اُتي پنهنجي پيءُ جي لاءِ ست ڏينهن سوڳ ڪيو. 11جڏهن ڪنعان ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن اهو اتد جي ڳاهہ ڳاهڻ واري جاءِ وارو سوڳ ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳا تہ ”مصري ڪيڏو نہ سخت سوڳ ڪن ٿا!“ انهيءَ سبب انهيءَ جاءِ جو نالو #50‏:11 ابيل‌مصرئيم يعني ”مصر جو سوڳ.“ابيل‌مصرئيم پئجي ويو. اها جاءِ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر آهي.
12سو يعقوب جي پٽن ائين ئي ڪيو جيئن هن کين حڪم ڏنو هو. 13#رس 7‏:16 هو سندس لاش کي ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻي ويا. هنن کيس ممري جي اوڀر ۾ مڪفيلاہ جي ٻنيءَ واري غار ۾ دفن ڪيو، جيڪا ابراهيم ٻنيءَ سوڌي عِفرون حِتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪئي هئي. 14يوسف پنهنجي پيءُ کي دفن ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڀائرن ۽ ٻيا جيڪي سندس پيءُ کي دفن ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏ ويا هئا، تن سميت موٽي مصر ۾ آيو.
يوسف جو خاطري ڏيڻ
15جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ مري ويو آهي، تڏهن چوڻ لڳا تہ ”شايد هاڻي يوسف اسان سان دشمني ڪندو ۽ جيڪا بڇڙائي اسان هن سان ڪئي هئي تنهن جو اسان کان بدلو وٺندو.“ 16تنهنڪري هنن يوسف ڏانهن هڪڙو پيغام موڪليو تہ ”توهان جي پيءُ مرڻ کان اڳ ۾ توهان لاءِ هڪڙي وصيت ڪئي هئي تہ 17’تنهنجي ڀائرن تو سان بڇڙائي ڪندي جيڪو قصور ۽ ڏوهہ ڪيو هو سو هاڻي ڀلائي ڪري کين بخشي ڇڏ.‘ تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري اسان جو ڏوهہ معاف ڪريو، جيڪو اسان توهان جي پيءُ جي خدا جي ٻانهن ڪيو آهي.“ جڏهن يوسف کي اهو نياپو رسيو تہ هن روئي ڏنو. 18پوءِ هن جي ڀائرن بہ پاڻ وڃي سندس اڳيان مٿا ٽيڪيا ۽ کيس چيائون تہ ”اسين توهان جا غلام آهيون.“
19پر يوسف کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا؟ 20اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو تہ ڪيو هو پر خدا انهيءَ کي ڀلائيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ هو گھڻن ئي ماڻهن جي جان بچائي، جيئن اڄڪلهہ ٿي رهيو آهي. 21سو هاڻي ڊڄو نہ. آءٌ اوهان جي ۽ اوهان جي ٻارن جي پرورش ڪندو رهندس.“ اهڙيءَ طرح هن کين خاطري ۽ دلداري ڏني.
يوسف جي وفات
22 يوسف پنهنجي پيءُ جي سڄي خاندان سميت مصر ۾ ئي رهڻ لڳو. هو هڪ سؤ ڏهہ سال جيئرو رهيو. 23يوسف پنهنجي ننڍي پٽ افرائيم جا پٽ پوٽا بہ ڏٺا ۽ پنهنجي وڏي پٽ منسيءَ جي پٽ مڪير جا ٻار بہ سندس هنج ۾ پليا. 24آخرڪار هڪ ڏينهن يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو جنهن جي ڏيڻ جو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.“ 25#خر 13‏:19، يش 24‏:32، عبر 11‏:22 پوءِ يوسف انهن کي قسم کڻائي چيو تہ ”اوهين مون سان واعدو ڪريو تہ جڏهن خدا اوهان کي ان ملڪ ڏانهن وٺي وڃي تڏهن اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي ويندءُ.“ 26اهڙيءَ طرح يوسف هڪ سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هنن سندس لاش کي صدين تائين محفوظ رکڻ لاءِ سرهاڻيون لائي تابوت ۾ وجھي مصر ۾ رکيو.

Currently Selected:

پيدائش 50: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in