YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 49

49
يعقوب جون آخري ڳالهيون
1 يعقوب پنهنجي پٽن کي سڏائي چيو تہ ”اوهين اچي گڏ ٿيو تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو.
2اي مون يعقوب جا پٽؤ! اچو، گڏ ٿي ٻڌو،
هائو، پنهنجي پيءُ اسرائيل ڏانهن ڪن ڏيو.
3اي روبن! تون منهنجو پهريتو پٽ آهين،
هائو، تون منهنجي قوت ۽ طاقت جي ابتدا آهين.
تون وڏي عزت وارو ۽ وڏي طاقت وارو آهين.
4 # پيد 35‏:22 تنهن هوندي بہ تون ٻوڏ جي پاڻيءَ وانگر ڇڙواڳ آهين،
سو تو کي وڏائي ڪڏهن بہ حاصل ڪين ٿيندي،
ڇو تہ تو منهنجي هنڌ تي،
هائو، پنهنجي پيءُ جي هنڌ تي چڙهي ان کي پليت ڪيو آهي.
5 # پيد 34‏:25‏-30 اي شمعون ۽ لاوي! اوهين ٻيئي ان ڳالهہ ۾ بہ ڀائر آهيو،
جو اوهان جون تلوارون ظلم جا هٿيار آهن.
6آءٌ ڪڏهن بہ اوهان جي صلاح تي نہ هلندس،
هائو، اوهان جي منصوبن ۾ هرگز شامل نہ ٿيندس،
ڇو تہ ڪاوڙ ۾ اوهان ماڻهن کي قتل ڪيو آهي،
۽ پنهنجي خودسريءَ ۾ ڍڳن کي جڏو ڪيو اٿوَ.
7لعنت هجي اوهان جي ڪاوڙ تي، جيڪا ڏاڍي تيز هئي.
هائو، لعنت هجي اوهان جي چڙ تي، جيڪا بيحد سخت هئي.
اوهان جو اولاد پنهنجي سڄيءَ قوم ۾ ڪڻو ڪڻو ڪيو ويندو،
هائو، سندن ئي ملڪ ۾ کين ڇڙوڇڙ ڪيو ويندو.
8اي يهوداہ! تنهنجا ڀائر تنهنجي واکاڻ پيا ڪندا،
بلڪ تنهنجي بابي جو اولاد تنهنجي آڏو سر نوائيندو.
تنهنجي دشمنن جي گردن ۾ تنهنجا هٿ هوندا.
9 # ڳا 24‏:9، مڪا 5‏:5 بيشڪ اي منهنجا پٽ يهوداہ! تون اهڙو جوان شينهن آهين،
جيڪو شڪار کي ماري اتان هليو ٿو اچين،
۽ ليٽي ڪري سمهين ٿو رهين،
هاڻ ڪير آهي جيڪو تو کي اٿاري سگھي؟
10تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي،
اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا،
۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي،
جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.
11تنهنجي اولاد جي انگورن جون عمديون وليون
ايتريون تہ جھجھيون ٿينديون،
جو اهي لاپرواهيءَ سان پنهنجا بکايل گڏهہ
انهن ولين سان ٻڌي ڇڏيندا.
بلڪ وٽن انگورن جي ڳاڙهي رس ايتري تہ جھجھي هوندي،
جو اهي پنهنجو لباس انهيءَ سان ڌوئي ڇڏيندا.
12گھڻي مئي جي پيئڻ ڪري انهن جا نيڻ چمڪندڙ هوندا،
۽ گھڻي کير جي پيئڻ ڪري انهن جا ڏند صفا اڇا هوندا.
13اي زبولون! تنهنجو اولاد سمنڊ جي ڪناري تي پيو رهندو،
هائو، انهيءَ ڪناري تي جيڪو جهازن جو بندرگاهہ ٿيندو.
سندن علائقي جي سرحد وڌي صيدا تائين وڃي پهچندي.
14اي اِسڪار! تنهنجو اولاد اهڙي مضبوط گڏهہ جيان ٿيندو،
جنهن جي پٺيءَ تي ٻورا هجن تڏهن بہ اهو ليٽيل رهي.
15پر جڏهن هو ڪا چڱي آرام‌گاهہ يا ڪا دلپسند زمين ڏسندا،
تڏهن ڪلهي تي بار کڻڻ لاءِ پنهنجو ڪلهو جھڪائيندا،
توڙي جو کين غلام بڻجي مجبوراً ڪم ڪرڻو پوي.
16اي #49‏:16 دان هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”عدالت.“دان! تنهنجو اولاد مون اسرائيل جي ٻين قبيلن وانگر،
پنهنجي ماڻهن جي عدالت پاڻ ڪندو.
17جيتوڻيڪ تنهنجو اولاد شمار ۾ کڻي گھٽ هوندو،
تہ بہ اهو نانگ، هائو، اهڙي کپر نانگ جيان خطرناڪ ٿيندو،
جيڪو رستي ويندڙ گھوڙي کي پٺيان اهڙو ڏنگ ٿو هڻي،
جو ان جو سوار وڃي پٺتي ٿو ڪري.
18اي خداوند! ڇڏائجڻ لاءِ
آءٌ تنهنجي ئي راهہ پيو نهاريان.
19اي #49‏:19 جد هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”حملو ڪرڻ.“ جد! تنهنجي اولاد تي ڌاڙيل اچي حملو ڪندا،
پر هو ڦري سندن مٿان ئي حملو ڪري کين ڀڄائي ڪڍندا.
20اي آشر! تنهنجي اولاد جي ٻني عمدو اناج پيدا ڪندي.
هو اهڙو لذيذ طعام مهيا ڪندا،
جيڪو بادشاهن جي کائڻ لائق هوندو.
21اي نفتالي! تنهنجو اولاد ان آزاد هرڻ جيان ٿيندو،
جيڪو ٺاهوڪا ٻچڙا ڄڻيندو رهي ٿو.
22اي يوسف! تون اهڙي ڦلدار وڻ جيان آهين،
جيڪو پاڻيءَ جي چشمي ڀرسان بيٺل هجي،
۽ جنهن جون ٽاريون ڀت جي مٿان پکڙجي ويون هجن.
23دشمن تيرانداز تنهنجي اولاد تي حملو ڪندا،
۽ تير هڻي هڻي هنن کي ڏاڍو ستائيندا.
24پر ڏس، انهن دشمنن تي هنن جا تيرڪمان غالب ايندا،
ڇوجو مون يعقوب جي قادر هٿان کين طاقت عطا ٿيندي.
هائو، کين انهيءَ ريڍار کان قوت ملندي،
جيڪو بني اسرائيل جو محافظ آهي.
25اي يوسف! اهو منهنجو خدا ئي آهي،
جيڪو تنهنجي اولاد جي مدد پيو ڪندو.
هائو، قادرِمطلق خدا مٿان آسمان مان برسات،
۽ هيٺان زمين مان کين چشمن جو پاڻي عطا ڪندو.
هو ٻارن توڙي چوپائي مال ۾
کين جھجھيون برڪتون عطا ڪندو.
26اي منهنجا پٽ! قائم وَ دائم جبلن جي برڪتن کان بہ وڌيڪ
منهنجيون تو لاءِ خير وَ برڪت جون دعائون آهن.
شال اهي برڪتون تو يوسف مٿان اچي نازل ٿين،
جنهن کي پنهنجي ڀائرن مان اعليٰ ڪري چونڊيو ويو آهي.
27اي بنيامين! تنهنجو اولاد بگھڙ جيان خطرناڪ ٿيندو.
صبح جو هو دشمنن کي چيري ڦاڙي ناس ڪندو،
۽ سانجھيءَ جو لُٽ جو مال ورهائيندو.“
28بني اسرائيل جا ٻارهن قبيلا اهي ئي آهن ۽ سندن وڏن مان هر هڪ کي يعقوب سندس لاءِ مناسب دعا ڏيندي اهي ئي ڳالهيون چيون.
يعقوب جي وصيت
29پوءِ يعقوب پنهنجي پٽن کي تاڪيد ڪري چيو تہ ”هاڻي آءٌ وڃي پنهنجن سان گڏجڻ وارو آهيان. سو مون کي منهنجي ابن ڏاڏن وٽ انهيءَ غار ۾ دفن ڪجو جيڪا عِفرون حِتيءَ جي ٻنيءَ ۾ آهي. 30#پيد 23‏:3‏-20 هائو، انهيءَ غار ۾ دفن ڪجو، جيڪا ڪنعان جي ملڪ ۾ ممريءَ جي اوڀر طرف مڪفيلاہ جي ٻنيءَ ۾ آهي. اها غار ڏاڏي ابراهيم ٻنيءَ سوڌي عِفرون حِتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪري انهيءَ جو قبضو ورتو هو. 31#پيد 25‏:9‏-10، 35‏:29 اتي ڏاڏي ابراهيم ۽ ڏاڏيءَ سارہ کي دفنايو ويو، اتي ئي بابي اسحاق ۽ اما ربقہ کي دفنايو ويو ۽ اتي ئي مون پنهنجي زال لياہ کي بہ دفن ڪيو. 32انهيءَ ٻنيءَ واري غار ۾ مون کي دفن ڪجو، جيڪا حِتي قوم کان خريد ڪئي ويئي هئي.“ 33#رس 7‏:15 جڏهن يعقوب پنهنجي پٽن کي وصيت ڪري چڪو، تڏهن هن پنهنجيون ٽنگون هنڌ ۾ ڇڪيون ۽ دم ڏنائين. ائين هو وڃي پنهنجن سان گڏيو.

Currently Selected:

پيدائش 49: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in