39
فوطيفار جي زال ۽ يوسف
1هاڻي اهي اسماعيل قبيلي وارا يوسف کي مصر ۾ وٺي آيا. اتي فوطيفار مصري، جيڪو فرعون جو عملدار ۽ سندس پهريدار سپاهين جو سالار هو، تنهن يوسف کي انهن کان خريد ڪري ورتو. 2#رس 7:9 سو هو پنهنجي مصري مالڪ جي گھر ۾ رهڻ لڳو. جيئن تہ خداوند يوسف سان هو تنهنڪري هو خوشحال ٿيندو ويو. 3سندس مالڪ ڏٺو تہ ”خداوند يوسف سان آهي، جو هو جيڪي ڪجھہ بہ ڪري ٿو تنهن ۾ خداوند کيس ڪاميابي عطا ڪري ٿو.“ 4تنهنڪري يوسف تي هن جي مهربانيءَ جي نظر ٿي، سو کيس پنهنجو خاص خدمتگار بڻايائين. فوطيفار يوسف کي پنهنجي گھر جو مختيار مقرر ڪيو ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو سو سڀ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. 5جنهن وقت کان وٺي هن کيس پنهنجي گھر جي مٿان ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو تنهن سڀ مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي خداوند يوسف جي ڪري ان مصريءَ جي گھر ۾ برڪت وڌي. جيڪي ڪجھہ وٽس گھر ۾ توڙي ٻنيءَ ۾ هو تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي. 6فوطيفار سڀ ڪجھہ يوسف جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. هو جيڪا ماني کائيندو هو تنهن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن بہ شيءِ سان واسطو ڪونہ رکندو هو.
يوسف سهڻو ۽ خوبصورت هو. 7ڪجھہ وقت کان پوءِ سندس مالڪ فوطيفار جي زال منجھس اکيون وڌيون ۽ چيائينس تہ ”مون سان اچي سمهہ.“ 8پر يوسف نہ مڃيو ۽ چيائينس تہ ”ڏس، منهنجي مالڪ کي ڪنهن بہ ڳالهہ جي فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي تہ گھر ۾ ڇا ڪجھہ آهي. جيڪي ڪجھہ بہ اٿس سو سڀ ڪجھہ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿائين. 9هن گھر ۾ مون کان وڏو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هن ڪابہ شيءِ مون کان پري نہ رکي آهي، سواءِ توهان جي، ڇاڪاڻ تہ توهين سندس زال آهيو. پوءِ ڀلا آءٌ ڪيئن ههڙو بڇڙو ڪم ڪريان ۽ خدا جو ڏوهاري ٿيان؟“ 10جيتوڻيڪ هوءَ هر روز يوسف کي چوندي رهي، تہ بہ يوسف ساڻس سمهڻ واري ڳالهہ تہ نہ مڃي، بلڪ وٽس رهڻ بہ قبول نہ ڪيائين.
11اتفاق سان هڪڙي ڏينهن يوسف گھر ۾ پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ ويو تہ گھر جي ماڻهن مان ڪوبہ اندر ڪونہ هو. 12تڏهن انهيءَ عورت چولي کان کڻي ورتس ۽ چيائينس تہ ”اچي مون سان سمهہ.“ پر يوسف پنهنجو چولو هن جي هٿ ۾ ئي ڇڏي وٺي ڀڳو ۽ ٻاهر نڪري ويو. 13انهيءَ عورت ڏٺو تہ ”هو پنهنجو چولو منهنجي هٿ ۾ ڇڏي ڀڄي ويو آهي.“ 14سو پنهنجي گھر جي ماڻهن کي رڙيون ڪري سڏيائين ۽ کين چيائين تہ ”هي ڏسو، منهنجو مڙس ڪهڙي عبرانيءَ کي وٺي آيو آهي، جيڪو اسان جي عزت ٿو لاهي. هو مون سان زوري ڪرڻ جي لاءِ اندر گھڙي آيو هو پر مون وٺي رڙيون ڪيون. 15جڏهن هن مون کي رڙيون ڪندي ڏٺو تڏهن پنهنجو چولو مون وٽ ڇڏي پاڻ ڀڄي ٻاهر نڪري ويو آهي.“ 16سو جيستائين يوسف جو مالڪ گھر ۾ نہ آيو تيستائين يوسف وارو چولو پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين. 17پوءِ هن کي ساڳي ڳالهہ ڪري ٻڌايائين تہ ”جيڪو عبراني غلام تو اسان لاءِ خريد ڪري آندو آهي، سو منهنجي عزت لاهڻ لاءِ مون وٽ اندر گھڙي آيو هو. 18پر جڏهن مون وٺي رڙيون ڪيون تڏهن هو پنهنجو چولو مون وٽ ڇڏي پاڻ ٻاهر ڀڄي ويو.“
19جڏهن يوسف جي مالڪ پنهنجيءَ زال جي اها ڳالهہ ٻڌي تہ ڪاوڙ ۾ باهہ ٿي ويو. 20سو يوسف کي کڻي انهيءَ جيل ۾ وڌائين جنهن ۾ بادشاهہ جا ٻيا قيدي بند هئا ۽ هو انهيءَ جيل ۾ رهڻ لڳو.
21 #
رس 7:9
پر خداوند يوسف سان هو. هن يوسف تي ٻاجھہ ڪئي ۽ جيلر کي مٿس مهربان ڪيائين. 22جيلر سڀني قيدين کي يوسف جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، سو جيڪو ڪم اتي ٿيندو هو اهو يوسف هلائيندو هو. 23جيڪو ڪم هن جي هٿ هيٺ هو تنهن تي جيلر نظرداري ڪونہ ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خداوند يوسف سان هو ۽ يوسف کي هر ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي عطا ٿي ڪيائين.