33
يعقوب ۽ عيسوءَ جو ملڻ
1 يعقوب اکيون کڻي نهاريو تہ ڏٺائين تہ عيسو چار سؤ جوانن سان اچي رهيو هو. تڏهن هن لياہ، راخل ۽ ٻنهي سريتن کي ٻار ورهائي ڏنا. 2سريتن ۽ سندن ٻارن کي سڀني کان اڳ ۾ ڪيائين، تن جي پٺيان لياہ ۽ سندس ٻارن کي ۽ سڀني کان آخر ۾ راخل ۽ يوسف کي ڪيائين. 3هو پاڻ انهن جي اڳيان ٿي هليو. جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ جي اڳيان پهتو تہ ست ڀيرا جھڪي سلام ڪيائين.
4تڏهن عيسوءَ کيس گڏجڻ لاءِ وٺي ڊڪ پاتي. کيس ڀاڪر ڀري ڇاتيءَ سان لائي چميائينس ۽ ٻيئي ڄڻا روئي ويٺا. 5پوءِ جڏهن عيسوءَ اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ عورتن ۽ ٻارن کي ڏٺائين، تڏهن يعقوب کان پڇيائين تہ ”هي تو سان ڪير آهن؟“ يعقوب وراڻيو تہ ”هي اهي ٻار آهن جيڪي خدا پنهنجي فضل سان تنهنجي خادم کي ڏنا آهن.“ 6تڏهن سريتن ۽ سندن ٻارن ويجھو اچي جھڪي سلام ڪيو. 7تنهن کان پوءِ لياہ ۽ سندس ٻارن ويجھو اچي پڻ جھڪي سلام ڪيو. پڇاڙيءَ ۾ راخل ۽ يوسف ويجھا ٿيا ۽ جھڪي سلام ڪيائون. 8پوءِ عيسوءَ پڇيو تہ ”هي سڄو ٽولو جيڪو مون کي اچي گڏيو آهي تنهن مان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“ يعقوب وراڻيو تہ ”انهيءَ لاءِ تہ تو آقا جي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي.“ 9تڏهن عيسوءَ چيس تہ ”منهنجا ڀاءُ! مون وٽ گھڻو ئي ڪجھہ آهي. تنهنڪري جيڪي تنهنجو آهي سو تون پاڻ وٽ ئي رک.“ 10پر يعقوب وراڻيو تہ ”نہ، هاڻي جيڪڏهن توهان مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي تہ ڀلائي ڪري منهنجي سوکڙي قبول ڪريو، ڇو تہ منهنجي لاءِ توهان جو منهن ڏسڻ خدا جي منهن ڏسڻ وانگر آهي جو توهان مون تي اهڙا راضي ٿيا آهيو. 11مهرباني ڪري منهنجي سوکڙي جيڪا توهان وٽ آندي ويئي آهي سا قبول ڪريو، ڇو تہ خدا مون تي فضل ڪيو آهي ۽ مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي.“ اهڙيءَ طرح يعقوب گھڻو زور ڪيس، سو عيسوءَ اها قبول ڪئي.
12پوءِ عيسوءَ چيو تہ ”اچو تہ پنڌ پئون، آءٌ اوهان سان گڏجي ٿو هلان.“ 13پر يعقوب کيس چيو تہ ”سائينءَ جن کي خبر آهي تہ هي ٻار نازڪ آهن ۽ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا، جيڪي منهنجي سنڀال ۾ آهن سي کير ڌارائيندڙ آهن. سو جيڪڏهن هنن کي هڪڙي ئي ڏينهن گھڻو ڪاهبو تہ سمورو چوپايو مال مري ويندو. 14تنهنڪري سائينءَ جن کي منهنجو عرض آهي تہ پنهنجي خادم کان اڳي هلو. آءٌ، هي ڍور جيڪي اڳيان پيا وڃن تن جي ٽور ۽ ٻارن جي ٽور آهر آهستي آهستي هلندو ادوم جي علائقي ۾ پنهنجي آقا وٽ اچي پهچندس.“
15تڏهن عيسوءَ چيو تہ ”چڱو ڀلا جيڪي ماڻهو مون وٽ آهن تن مان ڪي تو وٽ ڇڏي ٿو وڃان.“ پر يعقوب چيس تہ ”انهيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ منهنجي لاءِ رڳو منهنجي آقا جي مهربانيءَ جي نظر ئي ڪافي آهي.“ 16پوءِ عيسو انهيءَ ڏينهن ادوم جي علائقي ڏانهن موٽي ويو. 17پر يعقوب سفر ڪندو هڪ جاءِ تي اچي پهتو، جتي هن پنهنجي لاءِ هڪ گھر ٺاهيو ۽ پنهنجي ڍورن لاءِ ڇنو ٻڌائين. تنهنڪري انهيءَ جاءِ جو نالو #33:17 سُڪات عبراني ٻوليءَ ۾ انهيءَ جي معنيٰ آهي ”اَجھو.“سُڪات پئجي ويو.
18پوءِ يعقوب فدانارام مان سلامتيءَ سان نڪري سڪم شهر ۾ آيو جيڪو ڪنعان ملڪ ۾ آهي. هن شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪئي. 19#يش 24:32، يو 4:5 جنهن زمين جي ٽڪري تي پنهنجو تنبو کوڙيو هئائين، سو سڪم نالي هڪ شخص جي پيءُ حمور جي خاندان کان چانديءَ جي سؤ سڪن عيوض خريد ڪيائين. 20هن اتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، جنهن جو نالو #33:20 ايل ايلاسرائيل عبراني ٻوليءَ ۾ انهيءَ جي معنيٰ آهي ”خدا ئي اسرائيل جو خدا آهي.“ايل ايلاسرائيل رکيائين.