YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 30

30
يعقوب جو ٻيو اولاد
1جڏهن راخل ڏٺو تہ يعقوب مان هن کي ٻار نہ ٿو ٿئي تڏهن هوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ کان سڙڻ لڳي. سو هن يعقوب کي چيو تہ ”مون کي بہ اولاد ڏي نہ تہ آءٌ مري وينديس.“ 2يعقوب انهيءَ ڳالهہ تي راخل سان ڏاڍو ڪاوڙيو. کيس چيائين تہ ”آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو تو کي ٻارن ڄڻڻ کان روڪي رکيو اٿم؟“ 3تڏهن هن چيو تہ ”منهنجي ٻانهي بلهاہ ويٺي آهي، تون انهيءَ سان وڃي سمهہ، تہ هوءَ ٻار ڄڻي منهنجيءَ هنج ۾ ڏئي تہ آءٌ هن جي ڪري ٻارن واري ٿيان.“ 4سو هن پنهنجي ٻانهي بلهاہ کيس زال ڪري ڏني ۽ يعقوب ساڻس ستو. 5بلهاہ پيٽ سان ٿي ۽ کيس يعقوب مان پٽ ڄائو. 6تڏهن راخل چيو تہ ”خدا منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي، منهنجي دانهن ٻڌي مون کي پٽ ڏنو اٿس.“ انهيءَ سبب هن انهيءَ جو نالو #30‏:6 دان هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو.“دان رکيو. 7راخل جي ٻانهي بلهاہ وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس يعقوب مان ٻيو پٽ ڄائو. 8تڏهن راخل چيو تہ ”مون پنهنجيءَ ڀيڻ سان سخت ويڙهہ ڪئي آهي ۽ کانئس کٽيو اٿم.“ تنهنڪري انهيءَ جو نالو #30‏:8 نفتالي هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ويڙهہ.“نفتالي رکيائين.
9جڏهن لياہ سمجھيو تہ ”مون ٻارن ڄڻڻ کان بس ڪئي آهي،“ تڏهن هن پنهنجي ٻانهي زِلفاہ يعقوب کي زال ڪري ڏني. 10زِلفاہ کي بہ يعقوب مان پٽ پيدا ٿيو. 11تڏهن لياہ چيو تہ ”ڀلا ڀاڳ منهنجا.“ سو انهيءَ جو نالو #30‏:11 جد عبراني ٻوليءَ ۾ هن نالي جي معنيٰ آهي ”ڀاڳ.“جد رکيائين. 12زِلفاہ ٻانهيءَ کي يعقوب مان ٻيو پٽ بہ ڄائو. 13تڏهن لياہ چيو تہ ”آءٌ ڀلي ڀاڳ واري آهيان. هاڻ عورتون مون کي ڀلي ڀاڳ واري ڪري ڪوٺينديون.“ سو انهيءَ جو نالو #30‏:13 آشر عبراني ٻوليءَ ۾ هن نالي جي معنيٰ آهي ”خوش.“آشر رکيائين.
14روبن ڪڻڪ جي لاباري جي ڏينهن ۾ ٻنيءَ ۾ ويو ۽ اتي #30‏:14 لکماسکڻي ان جڙي ٻوٽيءَ متعلق سمجھيو ويندو هو تہ اها اولادي بڻائيندي آهي.لکماسکڻي جڙي ٻوٽي لڌائين، جيڪا آڻي پنهنجيءَ ماءُ لياہ کي ڏنائين. تڏهن راخل لياہ کي چيو تہ ”ڀلائي ڪري پنهنجي پٽ جي لکماسکڻيءَ مان ڪجھہ مون کي بہ ڏي.“ 15پر لياہ وراڻيس تہ ”ڇا اهو ڪافي ناهي جو تو منهنجي مڙس کي مون کان کسي ورتو آهي؟ هاڻ تون وري منهنجي پٽ جي لکماسکڻي بہ وٺڻ چاهين ٿي.“ تنهن تي راخل چيس تہ ”چڱو ڀلا تنهنجي پٽ جي لکماسکڻيءَ جي موٽ ۾ منهنجو مڙس اڄ رات تو سان سمهندو.“ 16سو جڏهن يعقوب شام جو ٻنيءَ تان موٽي آيو تڏهن لياہ ساڻس گڏجڻ لاءِ ٻاهر ويئي ۽ چيائينس تہ ”اڄ رات تو کي مون وٽ اچڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجي پٽ جي لکماسکڻي ڏيئي اڄوڪي رات لاءِ تو کي مُلهہ ورتو آهي.“ سو هو اها رات ساڻس ستو. 17خدا لياہ جي ٻڌي ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ يعقوب مان پنجون پٽ ڄايس. 18تڏهن لياہ چيو تہ ”خدا مون کي ان جو مُلهہ ڏنو آهي، جو مون پنهنجي مڙس کي پنهنجي ٻانهي ڏني هئي.“ تنهنڪري انهيءَ جو نالو #30‏:18 اِسڪار هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ڀاڙي تي ورتل شخص“ ۽ ”مُلهہ.“اِسڪار رکيائين. 19لياہ وري پيٽ سان ٿي ۽ يعقوب مان ڇهون پٽ ڄايس. 20تڏهن لياہ چيو تہ ”خدا مون کي قيمتي نعمت سان نوازيو آهي. هاڻ منهنجو مڙس مون کي ليکيندو، ڇاڪاڻ تہ مون کي منجھانئس ڇهہ پٽ ڄاوا آهن.“ تنهنڪري انهيءَ جو نالو #30‏:20 زبولون هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”نعمت“ ۽ ”ليکڻ.“زبولون رکيائين. 21ڪجھہ وقت کان پوءِ کيس ڌيءَ ڄائي جنهن جو نالو ديناہ رکيائين. 22پوءِ خدا راخل کي بہ ياد ڪيو ۽ انهيءَ جي ٻُڌائين ۽ سندس ڪُکِ کوليائين. 23سو هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄايس، تڏهن چيائين تہ ”خدا مون تان مهڻو لاهي ڇڏيو.“ 24تنهنڪري هيئن چوندي انهيءَ جو نالو #30‏:24 يوسف هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”شل ٻيو بہ ڏئي“ ۽ ”لاهي ڇڏڻ.“يوسف رکيائين تہ ”شل خدا مون کي ٻيو پٽ بہ ڏئي!“
يعقوب جو امير ٿيڻ
25جڏهن راخل کي يوسف ڄائو تڏهن يعقوب پنهنجي سهري لابن کي چيو تہ ”هاڻ مون کي ڇڏيو تہ آءٌ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃان. 26منهنجيون زالون ۽ منهنجا ٻار مون کي ڏيو جن لاءِ مون توهان جو پورهيو ڪيو آهي. مون کي وڃڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ توهان پاڻ ڄاڻو ٿا تہ توهان جو ڪيڏو نہ پورهيو ڪيو اٿم.“ 27تڏهن لابن چيس تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي تہ هتي ئي رهي پئُہ، ڇو تہ مون فال ذريعي ڄاڻي ورتو آهي تہ تنهنجي ڪري خداوند مون کي برڪت ڏني آهي.“ 28وڌيڪ چيائينس تہ ”هاڻي تون پنهنجو معاوضو مقرر ڪر. اهو آءٌ تو کي ڏيندو رهندس.“ 29يعقوب کيس وراڻيو تہ ”توهان کي خبر آهي تہ ڪهڙيءَ طرح مون توهان جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪيئن توهان جي مال کي سنڀاليو اٿم، 30ڇاڪاڻ تہ منهنجي اچڻ کان اڳ توهان وٽ ٿورو مال هو پر هاڻي وڌي گھڻو ٿيو آهي. خداوند منهنجي قدم قدم تي توهان کي برڪت ڏني آهي. هاڻي آءٌ پنهنجي گھر لاءِ ڪڏهن بندوبست ڪندس؟“ 31تنهن تي لابن چيس تہ ”آءٌ تو کي ڇا ڏيان؟“ يعقوب وراڻيس تہ ”توهين مون کي ڪجھہ بہ نہ ڏيو، جيڪڏهن توهين منهنجو هي عرض قبول ڪندا تہ آءٌ وري بہ توهان جو ڌڻ چاريندس ۽ ان جي سنڀال ڪندس. 32اڄ آءٌ توهان جي سڄي ڌڻ جو چڪر لڳائيندس ۽ انهن مان سڀ چٽڪمريون ۽ دٻڪن واريون رڍون ۽ ٻڪريون ۽ ڪارا گھيٽا ڪڍي ڌار ڪندس. اهو منهنجو معاوضو هوندو. 33اڳتي جڏهن توهين مون کي ڏنل معاوضي جي چڪاس تي ايندا تہ منهنجي ايمانداري ظاهر ٿيندي. مون وٽ هر اها ٻڪري جا چٽڪمري يا دٻڪن واري نہ هوندي يا ڪو گھيٽو جيڪو ڪارو نہ هوندو سو چورايل سمجھيو ويندو.“ 34تڏهن لابن چيو تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن ٺيڪ آهي.“
35پر لابن انهيءَ ساڳي ئي ڏينهن سڀ پٽاپٽي ۽ چٽڪمرا ٻڪر ۽ سڀ چٽڪمريون ۽ دٻڪن واريون ٻڪريون، يعني اهي سڀ جن تي اڇا دٻڪ هئا ۽ سڀ ڪارا گھيٽا ڪڍي ڌار ڪيا ۽ اهي پنهنجي پٽن جي حوالي ڪيائين. 36لابن انهن کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي پري ڪاهي وڃي رکڻ لاءِ موڪليو. يعقوب لابن جو باقي بچيل ڌڻ چارڻ لڳو. 37پوءِ يعقوب بهڻ، بادام ۽ عرمون وڻن مان تازيون وڍيل لٺيون کنيون. انهن جي کل ڇلي اهڙيءَ طرح تہ پٽا ڪڍيائين جو انهن ڪاٺين جي اڇاڻ ظاهر ٿي پيئي. 38هن اهي پٽن واريون لٺيون ڪسين ۽ پاڻيءَ جي حوضن وٽ کوڙي ڇڏيون تہ جيئن جڏهن ڌڻ پاڻي پيئڻ لاءِ اچي تہ انهن جي سامهون هجن. جڏهن ڌڻ پاڻي پيئڻ لاءِ آيو تہ اتي انهن جي اڳيان لڳ ڪيو. 39ڌڻ انهن لٺين جي سامهون ڍڪو ٿيو ۽ پٽاپٽي، چٽڪمرا ۽ دٻڪن وارا ڦر ڏنائون. 40يعقوب انهن ڦرن کي ڌار ڪيو ۽ انهن جو منهن لابن جي ڌڻ ۾ پَٽن وارين ۽ سڀني ڪارين ڏانهن ڦيريائين. هن پنهنجي ڌڻن کي ڌار ڪري بيهاريو ۽ لابن جي ڌڻ سان نہ گڏيائين. 41تنهن کان سواءِ جڏهن جڏهن ٿلهو متارو مال لڳ ڪندو هو، تڏهن تڏهن يعقوب اهي لٺيون مال جي سامهون ڪسين ۾ کوڙيندو هو، تہ جيئن اهي لٺين جي سامهون لڳ ڪن. 42پر جڏهن مال ڏٻرو‌سٻرو هوندو هو تڏهن هو اهي لٺيون ڪونہ کوڙيندو هو. اهڙيءَ طرح ڏٻرو‌سٻرو مال لابن جو ٿيو ۽ ٿلهو متارو مال يعقوب جو. 43اهڙيءَ طرح هو وڌندو ويو ۽ گھڻن ئي ڌڻن، ٻانهين، ٻانهن، اٺن ۽ گڏهن جو مالڪ بڻيو.

Currently Selected:

پيدائش 30: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in