خروج 6:17-7
خروج 6:17-7 MSB
آءٌ اتي سينا جبل جي ڀرسان ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيٺو هوندس. تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻجانءِ تہ انهيءَ مان ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي نڪرندو.“ سو موسيٰ بني اسرائيل جي اڳواڻن جي روبرو ائين ئي ڪيو. انهيءَ سبب هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا ۽ ائين چئي خداوند کي آزمايو هئائون تہ ”ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟“