خروج 23:15-25
خروج 23:15-25 MSB
پوءِ هو هڪ جاءِ تي اچي پهتا، پر اُتان جو پاڻي پي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪؤڙو هو. انهيءَ ڪري ان جاءِ جو نالو ”مارہ“ پئجي ويو. تڏهن ماڻهو موسيٰ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسين ڇا پيئون؟“ تنهن تي موسيٰ مدد لاءِ خداوند کي ٻاڏايو. خداوند کيس هڪڙو وڻ ڏيکاريو، جنهن کي هن پاڻيءَ ۾ وڌو تہ اهو مٺو ٿي پيو. اُتي خداوند هنن جي رهڻ لاءِ قاعدا قانون بڻايا ۽ اتي ئي کين آزمايائين.