10
طلاق خلاف چتاءُ
(متي 19:1-12، لوقا 16:18)
1پوءِ يسوع گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي سکيا ڏيڻ لڳو. 2تڏهن ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“ 3يسوع جواب ۾ پڇين تہ ”موسيٰ نيم ۾ اوهان کي ڪهڙو حڪم ڏنو آهي؟“ 4#نيم 24:1-4، مت 5:31 انهن چيس تہ ”موسيٰ آگيا ڏني آهي تہ طلاق نامو لکي ڏيئي کيس ڪڍي سگھجي ٿو.“ 5يسوع چين تہ ”موسيٰ اوهان کي هي حڪم انهيءَ لاءِ ڏنو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جي سختدليءَ جي سڌ هئي. 6#پيد 1:27، 5:2 پر سنسار جي رچنا کان وٺي ايشور هنن کي نر ۽ ناري ڪري پيدا ڪيو آهي. 7#پيد 2:24 پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’تنهنڪري مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو 8۽ ٻہ شرير گڏجي هڪ ٿي ويندا.‘ هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. 9سو جن کي ايشور ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“
10پوءِ جڏهن هو گھر موٽي آيا تہ چيلن يسوع کان ان بابت پڇيو. 11#مت 5:32، 1.ڪر 7:10-11 يسوع کين وراڻيو تہ ”جيڪو ماڻهو پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي ٻي پتني پرڻجي ٿو، سو زنا ٿو ڪري 12۽ اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪا پتني پنهنجي پتيءَ کان طلاق وٺي ڪنهن ٻئي سان پرڻجي ٿي، سا بہ زنا ٿي ڪرائي.“
ننڍڙن ٻارن جي اهميت
(متي 19:13-15، لوقا 18:15-17)
13ڪن ماڻهن ننڍڙا ٻار يسوع وٽ آندا تہ هو انهن تي هٿ رکي، پر چيلن انهن کي ڇينڀيو. 14جڏهن يسوع اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي چيلن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي. 15#مت 18:3 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ايشور جي راڄ کي هڪ ننڍي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو، تيستائين اهو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“ 16پوءِ هن ٻارن کي هنج ۾ کڻي انهن تي هٿ رکيو ۽ کين آسيس ڪيائين.
ايشور جو راڄ ۽ شاهوڪار ماڻهو
(متي 19:16-30، لوقا 18:18-30)
17يسوع جڏهن رستي سان ويو پئي تہ هڪڙو ماڻهو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ گرو! آءٌ ڇا ڪريان جو امر جيون حاصل ڪريان؟“ 18يسوع چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي. 19#خر 20:12-16، نيم 5:16-20 باقي تو کي حڪمن جي تہ سڌ آهي تہ ’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘ ’ٺڳي نہ ڪر‘ ۽ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪر.‘“ 20تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنس تہ ”گرو! انهن سڀني حڪمن تي تہ آءٌ ننڍي هوندي کان ئي عمل ڪندو ٿو رهان.“ 21تڏهن يسوع هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ پريم پيدا ٿيو. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر. تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 22جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو.
23تڏهن يسوع چوڌاري نهاريندي پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“ 24هنن لفظن تي چيلا حيران ٿي ويا. سو يسوع هنن کي وري چيو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. 25ياد رکو، اُٺ جو سئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“ 26تنهن تي چيلا وڌيڪ حيران ٿي ويا ۽ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 27يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر ايشور جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور هر شيءِ تي شڪتيوان آهي.“
28تڏهن پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسين تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوهان جي پٺيان لڳا آهيون.“ 29تنهن تي يسوع چين تہ ”برابر، پر آءٌ اوهان کي هيءَ ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منهنجي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنهنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتا، پتا، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو، 30تہ ان کي هن ئي #10:30 انتم زماني اصلي مسودي ۾ ”هن وقت“ لکيل آهي، جنهن مان مراد گھڻو ڪري انتم زمانو آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”انتم زمانو.“انتم زماني ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سؤڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتائون، ٻار ۽ ٻنيون. پر انهن سان گڏ کيس ستايو بہ ويندو. انهيءَ کان علاوہ #10:30 ايندڙ نئين زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”ايندڙ نئون زمانو.“ ايندڙ نئين زماني ۾ کيس امر جيون بہ ملندو. 31#مت 20:16، لو 13:30 پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“
ٽيون دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
(متي 20:17-19، لوقا 18:31-34)
32يسوع ۽ سندس چيلا يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا. ان وقت هو چيلن جي اڳيان هلي رهيو هو. اوڏانهن ويندي سندس چيلا ڏاڍا پريشان هئا ۽ جيڪي ماڻهو سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنل هئا. سو هڪ دفعو وري يسوع پنهنجي ٻارهن ئي سنتن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو. 33يسوع چين تہ ”ڏسو، هاڻي اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون، جتي منشپتر سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جي حوالي ڪيو ويندو. اهي سندس موت جي سزا جو فيصلو ڏيندا ۽ کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا. 34اهي مٿس ٺٺوليون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا. پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“
يعقوب ۽ يوحنا جي وينتي
(متي 20:20-28)
35تڏهن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا يسوع جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اي گرو! اسين چاهيون ٿا تہ اوهين اسان جي لاءِ ڪجھہ ڪريو.“ 36يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڇا ٿا ڪرائڻ گھرو؟“ 37انهن چيس تہ ”اسين چاهيون ٿا تہ جڏهن اوهين وڏي شان وَ شوڪت سان پنهنجي راجائي تخت تي ويهو تڏهن اسان کي آگيا ڏجو تہ هڪڙو اوهان جي ساڄي ۽ ٻيو اوهان جي کاٻي پاسي ويهي.“ 38#لو 12:50 يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهين ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اُهو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي؟ يا وري اها بپتسما وٺي سگھندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي؟“ 39انهن چيس تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين بہ اهو پيالو پيئندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي ۽ اوهين بہ اها بپتسما وٺندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي. 40پر منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي، بلڪ انهن جڳهن تي انهن کي ئي ويهاريو ويندو جن جي لاءِ اهي تيار ڪيون ويون آهن.“
41جڏهن ٻين ڏهن چيلن اها ڳالهہ ٻڌي تہ اهي يعقوب ۽ يوحنا تي ڪاوڙيا. 42#لو 22:25-26 يسوع انهن سڀني کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ ”اوهان کي سڌ آهي تہ قومن جا سردار ۽ امير جيڪي ماڻهن تي حڪم ٿا هلائين سي مٿن پورو اختيار رکن ٿا. 43#مت 23:11، مر 9:35، لو 22:26 پر اوهان ۾ ائين نہ آهي. اوهان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاهي تہ اهو اوهان جو سيوڪ ٿئي. 44هائو، جيڪو اوهان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اهو سڀني جو داس ٿئي. 45ڏسو، منشپتر بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس سيوا ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي سيوا ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“
انڌي بارتمائيءَ کي سڄو ڪرڻ
(متي 20:29-34، لوقا 18:35-43)
46پوءِ اهي يريحو شهر ۾ آيا. يسوع جڏهن پنهنجي چيلن ۽ ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ سان يريحو شهر مان نڪري رهيو هو تہ اتي رستي جي پاسي تي هڪ انڌو فقير ويٺو هو، جنهن جو نالو بارتمائي هو، يعني تمائيءَ جو پٽ. 47جڏهن هن ٻڌو تہ يسوع ناصري لنگھي رهيو آهي، تڏهن هو رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع! اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“ 48ڪيترن ئي هن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“ 49تنهن تي يسوع بيهي رهيو ۽ چيائين تہ ”هن کي سڏ ڪريو.“ سو انهن انڌي ماڻهوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”دلجاءِ ڪر، هو تو کي سڏي رهيو آهي. اُٿي هل.“ 50تڏهن هو پنهنجي چادر اتي ئي ڦٽي ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ يسوع وٽ آيو. 51يسوع پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ انڌي وراڻيس تہ ”اي گرو! آءٌ چاهيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“ 52يسوع چيس تہ ”وڃ، تنهنجي وشواس تو کي سڄو ڪيو آهي.“ تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ يسوع جي پٺيان رستو وٺي هليو.